شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

سچ گو صحافي ۽ ثقافت سان پيار ڪندڙ آچر خاصخيلي

محمد آچر خاصخيلي سانگهڙ ضلع جو مشهور ليکڪ صحافي ضلع جي ادب فن ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هر طرح سان ڪوششون ڪندڙ آهي پاڻ مهراڻ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي ذريعي نه صرف سنڌ جي تاريخي ماڳن مڪانن ۽ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪري رهيو آهي پر سماجي خدمتون به ڪري رهيو آهي پاڻ سينيئر صحافي ڀلوڙ ليکڪ آهي. خاص طور صوبي سنڌ جي اهم اشوز تي سوين آرٽيڪل مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندو رهيو آهي.جڏهن ته پاڻ ضلع سانگهڙ جي تاريخي ماڳن ڦٽل شهرن تي ۽ ڪيترائي علمي ادبي ثقافتي سماجي پروگرام به ڪرايا آهن آچر خاصخيلي 8 نومبر 1977ع تي ٽنڊو الهيار ميرپور خاص روڊ تي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ معزز شخصيت ۽ زميندار پيارو خان جي گهر ۾ جنم ورتو پرائمري تعليم ڳوٺ مان 6 کان انٽر ڪلاس تائين ٽنڊو آدم مان حاصل ڪئي وچ ۾ تعليم ڇڏي پنهنجي مال جو ڌنار به ٿيو 1995ع ۾ سوال اخبار شايع ٿي ته حسن درس معرفت انٽرويو ڏئي ٽنڊوآدم رپورٽر مقررٿيو بعد ۾ پختور، هلال پاڪستان، مهراڻ، عوامي آواز سان به وابسته رهيو هاڻ ڪافي وقت کان سنڌ ٽي وي سان وابسته آهي ٽنڊو آدم ۾ بهترين شاعر اديب گل حسن ”گل“ لاکو سان ملاقاتن ڪچهرين بعد کيس تاريخي ماڳ مڪانن تي تحقيق ڪرڻ ۽ ثقافتي پروگرام ڪرڻ جو شوق ٿيو ۽ ٽنڊو آدم ۾ 2010ع ۾ سنڌ ثقافت ڪانفرنس ڪرائي ان ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ثقافت جا سڀ رنگ موجود هئا. بعد ۾ حسن درس جي مشوري سان ان پاران تجويزڪيل مهراڻ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ويلفيئر سوسائٽي قائم ڪئي. ۽ ان پاران هن وقت تائين ٽنڊو آدم ۾ سنڌ ثقافتي ڪانفرنس جا 6 پروگرام ڪيا آهن. جڏهن ته ٽندو آدم جي تاريخ ۾ عورتاڻي ثقافتي ڪانفرنسون به ڪرايون آهن ان ۾ عورتن جي هنر جي نمائش محفل موسيقي ڳيچ ۽ عورتن جو سنڌ جي ثقافت ۾ ڪردار بابت تقريرون ٿينديون آهن حيدرآباد ۾ ليٽرسي فيسٽيول کان متاثر ٿي ٽنڊو آدم ۾ به لٽريسي فيسٽيول ڪرايو پاڻ تعليم جي حوالي سان به ڪافي مضمون لکيا آهن پنهنجي تنظيم پاران ادب فن ثقافت صحافت ۽ ٻين شعبن ۾ بهرين ڪردار ادا ڪندڙن کي مڃتا طور ايوارد ڏيڻ جون تقريبون به ڪرائيندو رهيو آهي سنڌ ۾ سنت ٽئورام جي شخصيت کي عام ماڻهن تائين پهچائيڻ جي حوالي سان هڪ صحافي هڪ ليکڪ جي حيثيت سان سندس شاندار ڪردار رهيو آهي هڪ صحافي جي حيثيت سان علائقي ۾ بدامني عوامي مسئلن سماجي براين وڏيرن جي ظلم ڪرپشن کان وٺي تاريخي ماڳ مڪانن تي پنهنجي ٽي وي چينل ۽ اخبارن لاءِ بهترين اسٽوريون ڪيون آهن صحافت ۾ سندس ساک ۽ اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ٽنڊو آدم ۾ اگر ڪو وڏو واقعو ٿئي ٿو ته بي بي سي وارا هن سان رابطو ڪري ان بابت معلومات وٺن ٿا پاڻ هڪ بهترين سماجي ڪارڪن به آهي تعلقه ٽنڊو آدم اندر بند پيل اسڪولن کي کولرائيڻ ننڍي عمر جي شادين کي روڪائيڻ لاءِ سندس وڏو ڪردار رهيو آهي جڏهن ته بدي جي شادين خلاف به مزاحمت ڪندو رهيو آهي.سچ لکڻ سچ چوڻ ۽ اصلاحي ڪم ڪرڻ ڪري کيس ڌمڪيون به ملنديون رهيون آهن. حملا به ٿيا آهن پر انهن جي پرواهه نه ڪندي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي پاڻ بهترين تحقيقاتي رپورٽر طور به سڃاتو وڃي ٿو فقيراڻي طبيعت وارو آچر خاصخيلي تڏي جو مڙس ماڻهو سندس آفيس ۾ ايندڙ دوستن کي ماني کارائيڻ کانسواءِ اصل نه ڇڏي دوستن جي ڏک سک ۾ بروقت شريڪ ٿئي. عام ماڻهن جي بهتري لاءِ سندس ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.