عشق جو لازوال داستان: سهڻي ميهار جا ماڳ مڪان
گهڙيا سي چڙهيا ائين اٿئي،
مئي مٿي مهراڻ ۾ پئو ٽپو ڏئي،
ته ميهار ملئي، سنڀورو سڻاءُ سين.
هي لوهاڻو درياءَ سڪرنڊ وٽان سنڌو درياءَ مان نڪري شهدادپور کان ٿيندو بدين ضلع ۾ سمنڊ تي وڃي شڪور ڍنڍ ڇوڙ ڪندو هو. هن مان ٻه واهه نڪرندا هئا. وقت جي حالتن ڪري ۽ روهڙي ڪئنال نڪرڻ بعد لهاڻو درياءَ سڪي ويو ۽ هاڻ لٽجي ويو آهي. سندس نشان باقي وڃي بچيا آهن، هاڻ هن کي مارک واهه يا ڀڏو سڏيو وڃي ٿو ۽ هن علائقي ۾ جتان سهڻي ٻڏي هئي ۽ جتان سندس لاش هٿ ڪيو ويو. ان کي سهڻي ڍورو سڏيو وڃي ٿو. 2011ع وارين برساتن ۾ آيل تباهي بعد سابق وفاقي ڪابينه سهڻي ڍوري جي بحالي جو اعلان ڪيو هو، يعني لهاڻو درياهه کي اصل حالت ۾ آڻڻ جي اسڪيم منظور ڪئي وئي، ڪافي دفعا ان وقت جي صدر آصف علي زرداري ۽ ٻين وفاقي وزيرن به جڏهن به اسڪيم کي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ليڪن اڃا تائين ان تي عمل نه ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي سهڻي جا مائٽ غريب مزدور طبقي جا هئا، گجرات واري سهڻي جا مائٽ ڪنڀارڪو ڌنڌو ڪرڻ سان گڏ مالوند ماڻهو هئا. شهدادپور واري سهڻي ذات جي ساميٽي هئي، جيڪا سنڌ جي سماٽ جي ذات آهي، ميهار جو نالو ساهڙ هو، لطيف جي شاعري ۾ ڄام ساهڙ به آيو آهي. ڄام ڪنهن عزت دار ۽ وڏي ماڻهو جو لقب به آهي ۽ ميهار خود مالوند خوشحال ماڻهو هو، سندس لهاڻو درياءَ جي ڪنڌي تي مختلف هنڌن تي مال جا وٿاڻ هئا، سندس چوپايو مال سندس ملازم چاريندا ۽ سار سنڀال ڪندا هئا. ساهڙ ڄام ”ميهار“ فقط نگراني ڪندو هو، سهڻي جي جڏهن شادي ٿي ته ميهار جي وٿاڻ وٽ ڄڃ ٻيڙي جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي. ريتن رستمن موجب گهوٽ ڪنوار جي کير پيارڻ واري رسم لاءِ ميهار کان کير گهريو، پر ميهار وٽ چئن يارن بزرگن جو اوباريل کير هو جيڪو هنن کي ڏنو ۽ اهو کير جڏهن سهڻي پيتو ته انهن لمحن ۾ سهڻي جو ميهار سان پيار ٿي ويو، ليڪن سهڻي ميهار تي تحقيق ڪندڙ مشهور ليکڪ پروفيسر محمد خان ٻرڙو سهڻي ميهار بابت پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکي ٿو ته سهڻي جڏهن چئن يارن ”چئن بزرگن“ جو اوباريل کير پيتو ته مٿس نينهن جي کيپ چڙهي ميهار کي الاهي عشق جو وسيلو سمجهي ميهار سان ملڻ ويندي هئي ۽ هنن جي پاڪ محبت هئي، پروفيسر محمد خان ٻرڙو هن قصي کي 7 هجري صديءَ جي اوائلي دور جو ڄاڻايو آهي ۽ سهڻي لهاڻو درياءَ ۾ ئي تري ميهار سان ملڻ لاءِ ويندي هئي ۽ اُن ۾ ئي ٻڏي مئي هئي، ان جي لطيف سائين هن بيت ۾ تصديق ڪري ٿو:
محبتي ميهار جون، دل اندر دونهيون،
آڻيو وجهي اُرَ ۾، لوهاڻو لُوهيون،
جي ساهڙ جون سونهيون، سير سراڙي تن کي.
گجرات پنجاب واري سوهني مهينوال ۾ مهينوال جونالو عزت بيگ هو، روايتون آهن ته پاڻ بخارا جو سوداگر هو، گجرات ۾ واپار لاءِ آيل هو، جتي هن سوهني جي حسن جو چرچو ٻڌي جڏهن سوهني کي ڏٺو ته سوهني مهينوال هڪٻئي تي عاشق ٿي پيا. ٻنهي کي عشق اري مان ڪڍي ڇڏيو. عزت بيگ واپار ڇڏي هر وقت سوهني جي ديدار لاءِ آتو هو، سندس ذهن تي صرف سهڻي سوار هئي، اهڙي صورت ۾ سندس هڙ ۾ جيڪي پئسا هئا اهي ختم ٿي ويا، جڏهن صفا سڃو ٿي ويو ته سوهني جي مائٽن وٽ نوڪر طور ڪم ڪيو ۽ انهن جا چناب درياءَ جي ٻي ڌر چوپايو مال چاريندو هو ۽ رات جو روزانو سوهني سان ملڻ لاءِ درياءَ تري گجرات ويندو هو. اوچتو بيمار ٿي پيو ۽ ڪمزور ٿيڻ ڪري هن ۾ درياءَ ترڻ جي سگهه نه رهي ته اهڙي صورتحال ۾ سوهني پنهنجي محبتي مهينوال سان ملڻ لاءِ دلوَ ٻڌي درياءَ پار ڪري هن سان اچي ملندي هئي، هڪ رات درياءَ ۾ ٻڏڻ لڳي ۽ دانهون ڪيون، اهي دانهون ٻڌي مهينوال به درياءَ ۾ گهڙي پيو ۽ سوهني کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي پاڻ به سهڻي سان گڏ ٻڏي ويو، سندن مزارون گجرات ۾ آهن. سنڌ جي سهڻي جي مڙس جو نالو ڏ مُ هو جيڪو سندس ئي ذات وارو هو ۽ سهڻي جو ميهار سان ملڻ جو راز جڏهن سندس سس وٽ کليو ته هن سهڻي کي روڪيو، سختي ڪئي پر جڏهن سهڻي نه مڙي ته جنهن گهڙي تي سهڻي درياءَ پار ويندي هئي، اهو گهڙو لڪائي اتي اهڙو ئي اڌ پڪو ڪچو گهڙو رکي ڇڏيو ۽ جڏهن اهو گهڙو کڻي سهڻي درياءَ ۾ ڪاهي پئي ۽ ٿوري اڳتي وئي ته اهو گهڙو ڳرڻ لڳو ۽ سهڻي ٻڏڻ لڳي ته ميهار کي سڏ ڪرڻ لڳي، پر ميهار جي پهچڻ کان اڳ سهڻي ٻڏي وئي، روايتون آهن ته سندس لاش ٽن ڏينهن بعد شهدادپور وٽان لهاڻو جي ڪناري مليو، جتي ميهار کيس دفنايو ۽ جيستائين حياتي هو، مجاور ٿي ويٺو، پروفيسر محمد خان ٻرڙو ۽ عبدالله ورياهه موجب ميهار ملدسي ويجهو سون چڙي دڙي مان پاڏي تي سرون کڻي سهڻي جي قبر پڪي ڪرائي.
سهڻي ميهار جا ماڳ نيو سعيد آباد جي ديهه ڪاڪا وٽ روهڙي ڪئنال وٽ به ٻڌايا وڃن ٿا، اتي پير ڇٽو، جنهن کي شاهه ڇٽو به چون ٿا ان جي مزار به اتي آهي، روايتون آهن ته شاهه ڇٽو آڌي کانپوءِ تحجد نماز پڙهندو هو ته سهڻي ميهار سان ملڻ لاءِ سندس اڳيان گذرندي هئي ته هو کيس ميهار سان ملڻ کان روڪيندو هو، جڏهن ته ملدسي ويجهو شهدادپور ملدسي روڊ تي به ميهارڪو ڀڙو هو، جيڪو 1990ع تائين ڪيترن ئي ايڪڙن ۾ پکڙيل هو. جتان چاڏيون مٽ ۽ سڪا به هٿ ايندا هئا. زماني جي ستم ظريفي ڪري اهو تاريخي ماڳ ميسارجي ويو هاڻ اتي زرعي آبادي ٿئي ٿي،ان حصي کي اڄ به ميهارڪو نمبر سڏيو وڃي ٿو. مائي سهڻي جي خوبصورت مزار شهدادپور جي مشهور سماجي شخصيت حاجي محمد ابراهيم ڏيٿو 1981ع ۾ ٺهرائي، جڏهن ته ميهار جي مزار مدد علي شاهه ٺهرائي، جيڪو شهدادپور تعلقي جو مختيارڪار ٿي آيو هو، سهڻي جي مزار وٽ وڏو قبرستان مائي سهڻي جي قبرستان نالي سان مشهرو آهي. 1980ع تائين سهڻي ڏانهن ايندڙ رستو ايترو ويڪرو هو جو ٻه گاڏيون هڪ ئي وقت گڏ هلي سگهيون پئي ۽ مزار سامهون وسيع ميدان هو، ليڪن آهستي آهستي لينڊ مافيه قبضو ڪندي 2 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي قبضو ڪري بلڊنگون ٺاهي ڇڏيون آهن ۽ سهڻي جي مزار سامهون جيڪو ٿورو حصو بچيل آهي، اتي مال جا وٿاڻ ٺاهي ڇڏيا آهن، ساڳي صورتحال محبتي ميهار جي مزار سان آهي، جتي به آسپاس ۾ لينڊ مافيه قبضه ڪري گهر ٺاهي ڇڏيا آهن. جڏهن ته سهڻي ۽ ميهار جون مزارون ڏينهون ڏينهن ضعيف حالت ۾ ٿينديون وڃن، هنن مزارن تي لينڊ مافيه جي قبضن ۽ مزارن جي خراب حالت بابت ڪافي وقت کان ميڊيا تي مسلسل رپورٽون اچڻ جي باوجود ضلعي انتظاميه ۽ ثقافت کاتو ڪوبه توجهه نه ٿو ڏي. ثقافتي ماڳ مڪانن کي بچائڻ انهن کي بهتر حالت ۾ رکڻ ثقافت کاتي جي آثار قديم وارن جي ذميواري آهي، جيڪا اڃا تائين پوري نه ڪري سگهيا آهن، هئڻ ته ايئن گهرجي ته ثقافت کاتو حڪومت سنڌ کي هر سال سهڻي ميهار جو ميلو لڳائڻ گهرجي ۽ ان موقعي تي ادبي ثقافتي ڪانفرنس پڻ منعقد ڪئي وڃي. سنڌ جي سابقه صوبائي وزير ثقافت ميڊم سسئي پليجو ڪيترائي ڀيرا اهڙا اعلان به ڪيا ته لطيف سائين جي رسالي ۾ آيل ڪردارن جي ماڳ مڪانن جو تحفظ ڪيو ويندو ۽ انهن کي بهتر بنايو ويندو، ليڪن 5 سالن ۾ پاڻ سهڻي ميهار جي مزارن تي لڙي به نه آئي.