ڪلاسيڪل موسيقي جو ماهرسيد جُڙيل شاهه جيلاني
سندس جنم 1922ع تي درگاهه حضرت حسن بخش شاهه تي ٿيو. پاڻ سنڌي فائينل، فارسي، عربي جي ابتدائي تعليم ۽ قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪئي. پاڻ هڪ اهڙي خاندان اهڙي ماحول ۾ جنم ورتو. جتي هر وقت راڳ ويراڳ جون محفلون متل هونديون هيون. کيس ننڍي هوندي کان راڳ ٻڌڻ، راڳ بابت معلومات حاصل ڪرڻ ۽ خود به شوقيه طور ڳائڻ جو شوق رهيو، ان شوق ۾ پاڻ راڳ جو راڻو خانصاحب استاد منظور علي خان وٽ هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا ٽنڊو آدم ويندو هو. راڳ جي حوالي سان استاد بڙي غلام علي خان مهدي حسن ۽ ٻين ڪلاسيڪل موسيقي جي فنڪارن کان معلومات ورتي، کيس لطيف سائين جي راڳ سان به دلچسپي هئي، پاڻ لطيف سائين جي راڳ جي مشهور راڳين پير غلام حيدر، شاهه قربان فقير لنجواڻي ۽ ٻين کان ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ انهن کان راڳ به سکيو پاڻ لطيف جو راڳ ڳائيندو به هو. سندس راڳ ويراڳ سان ايترو شوق هو جو سنڌ جي انهن صوفي بزرگن جي عرس مبارڪن ۾ ويندو هو، جتي راڳ ويراڳ جون محفلون ٿينديون هيون، کيس انهن ولي الله جي سجاده نشين پاران باقاعده دعوتون ڏنيون وينديون هيون ۽ اگر عرس مبارڪن ۾ ڳائيندڙ فنڪارن کي ايوارڊ ڏنا ويندا هئا ته اهو فيصلو پير جُڙيل شاهه کان ڪرايو ويندو هو. حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي تي جڏهن ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ رهاڻ شروع ٿيو ته شروع ۾ راڳ رهاڻ جي محفل پير جُڙيل شاهه جي حوالي هوندي هئي ته پاڻ ڪهڙن فنڪارن کي ڪهڙي نمبر تي وارو ڏي ٿو ڪهڙي فنڪار کان ڪهڙو ڪلام ڳارائي ٿو. پاڻ ڪجهه سال فنڪارن کي ملندڙ ايوارڊ جي حوالي سان به ڪميٽي ۾ به شامل رهيو. ٻين به ڪيترن ئي اوليائن جي عرس مبارڪن ۾ برپا ٿيندڙ محفل موسيقي سندس نگراني ۾ ٿيندي هئي. مخدوم طالب الموليٰ به مختلف پروگرامن ۾ موسيقي جي حوالي سان ٿيندڙ ڪچهرين ۾ پير جُڙيل شاهه جي راڳ جي ڄاڻ جي حوالي سان تعريف ۽ اعتراف ڪندو هو ۽ پاڻ ڪيترائي ڀيرا کيس مخدوم هائوس تي گهرائي راڳ بابت ڪچهريون ڪندو هو.
صدر ايوب خان جي دور ۾ جڏهن ايران جو شهنشاهه رضا شاهه پهلوي سرڪاري دوري تي پاڪستان آيو ته ڪراچي ۾ سندس اعزاز ۾ ڏنل صدارتي آجياڻي جي موقعي تي شاندار محفل موسيقي منعقد ڪئي وئي، ان ۾ چئن صوبن جي مشهور فنڪارن کي مدعو ڪيو ويو. ان موقعي تي جڏهن استاد منظور علي خان سنڌي ۾ ڳايو ته اهي ساڳيا ڪلام پير جُڙيل فارسي ۾ ترجمو ڪري ترنم ۾ ڳايا ۽ پاڻ ان محفل ۾ مولانا رومي، فارسي جي شاعرن خيام فردوسي ۽ ٻين شاعرن جي شاعري به ڳائي ان محفل ۾ پير جُڙيل شاهه جي ترجمو ڪري ترنم ۾ ڳائيل ۽ فارسي شاعرن جي ڳائيل شاعري تي شهنشاهه ايران جهومڻ لڳو ۽ تاڙيون وڄائڻ لڳو ۽ کيس پاڻ وٽ گهرائي اُٿي ڀاڪر پائي مليو، سندس تعريف ڪئي ۽ کيس نقد انعام ڏنو، ان محفل ۾ پير جُڙيل شاهه کي سرڪاري طور به ايوارڊ سند ڏني وئي، سنڌ جي مختلف درگاهن جي عرس مبارڪن جي محفل موسيقين ۾ اسان جو به وڃڻ ٿيندو هو. جتي پير جُڙيل شاهه جو فنڪارن وٽ مان مرتبو ڏسڻ وٽان هوندو هو. ناليوارا فنڪار ڳائيڻ کان اڳ کيس پيرن تي هٿ رکي دعا ڪرڻ لاءِ چوندا هئا، پاڻ شوقيه طور سازن تي ڳائيندو به هو. اهڙو ته بهترين ڳائيندو هو جو ٻڌندڙن تي سڪتو طاري ٿي ويندو هو، مخدوم طالب الموليٰ جن کيس سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ محفل موسيقي ۾ جن ۾ کين صدر محفل يا مک مهمان طور شريڪ ڪيو ويندو هو ته گهڻو ڪري پير جُڙيل شاهه کي گڏ وٺي ويندو هو ۽ اُتي کيس راڻو ڳائڻ جي فرمائش ڪندو هو ۽ پير جُڙيل شاهه راڻو اهڙو ته پر سوز آواز ۾ ڳائيندو هو جو ٻڌندڙ روئي ڏيندا هئا، سندس ادب سان پڙهڻ جي حد تائين شوق هو. سنڌ جي مشهور شاعرن سان سندس ڏيٺ ويٺ ۽ نياز مندي رهي. جنرل ضياءُ جي دور ۾ جڏهن سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ ان آمريت خلاف لکڻيون پڙهجڻ ڪري ان دور ۾ سنڌي ادبي سنگت حڪمرانن ۽ اختيارين جي اک ۾ ڪنڊي برابر محسوس ٿي ۽ سنڌي ادبي سنگت جو گهيرو تنگ ڪيو ويو ته ان وقت شهدادپور ۾ ماڻهن سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين لاءِ پنهنجي جڳهه ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته پير جُڙيل شاهه سندس ابڙا پاڙو شهدادپور واري اوطاق سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين لاءِ ڏني ۽ خود به گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ گڏجاڻين ۾ ايندڙ ن لاءِ چانهه پاڻي جو به انتظام ڪندو هو ۽ پاڻ خود انهن گڏجاڻين ۾ لطيف سائين ۽ ٻين شاعرن جي قومي انقلابي شاعري ڳائيندو هو، ابراهيم مُنشي سان شام به سندس اوطاق ۾ رچائي وئي. پاڻ سخي، مهمان نواز، يارويس، ڪچهرين جو ڪوڏيو، هر دلعزيز شخصيت جو مالڪ هو.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ايف ايم ٽنڊو آدم ڪي ٽي اين ۽ ٻين سنڌي چينلن تي راڳ جي حوالي سان ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيو، آخري ڏينهن ۾ بيمار رهڻ لڳو. ان جي باوجود حضرت حسن بخش شاهه هادي، عارف الموليٰ جي ورسين ۽ درگاهن تي ٿيندڙ ٻين پروگرامن ۾ آخر تائين ويٺل نظر ايندو هو.حضرت حسن شاهه هادي جي عرس کي وڌائڻ ۽ اتي ادبي ثقافتي ميڙاڪا مچائڻ جي حوالي سان پنهنجي ڀاءُ سيد شاهنواز شاهه عارف الموليٰ سان ٻانهه ٻيلي بيٺل رهيو. پاڻ 2 شوال 1433هه بمطابق 12 آگسٽ 2013ع تي صبح جو 6 وڳي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، سندس آخري آرام گاهه درگاهه حضرت حسن بخش شاهه جي اڳڻ تي آهي، سندس فرزندن مان سيد غلام علي شاهه، والد وانگر راڳ جو ڄاڻو ۽ خود بهترين فنڪار آهي. ٻيو نمبر فرزند سيد غلام شاهه شاعر ۽ تعليمي شخصيت آهي.