شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

ڀٽ شاهه جو ڀورو پير”نازڻ سائين“

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي اولاد نه هو، هن سدائين پنهنجي فقيرن کي اولاد سمجهيو. ڀٽ ڌڻي جي وصال بعد جڏهن سندس سجاده نشين مقرر ڪرڻ جو مرحلو آيو ته ڪيترائي سيد اُميدوار طور ميدان ۾ آيا. جڏهن ته اها ڳالهه به غور ويچار هيٺ آئي ته ڪنهن فقير کي ان منصب تي ويهاريو وڃي، پر فقيرن جي اڪثريت لطيف سائين جو ڀائيٽيو سيد جمال شاهه جيڪو روايتن موجب سندن حاضري ۾ رهندو هو، هڪ روايت موجب جنهن لاءِ لطيف سائين هڪ دفعي اهو به چيو هو ته وصال بعد هن جو آخري آرام گاهه اسان جي ڀرسان هوندو ۽ هڪ سفر ۾ کيس پنهنجي بستري تي پاڻ سان گڏ به سمهاريو هو، ان کي سجاده نشين جي منصب تي ويهاريو. لطيف سائين جا هن وقت تائين 11 سجاده نشين رهيا آهن، روايتون آهن ته لطيف سائين جي درگاهه جي توسيع، مرمت، لطيف سائين جي ميلي ملاکڙي کي وڌائڻ ۾ 7 سجاده نشين سيد علي بخش شاهه المعروف علڻ سائين جون وڏيون خدمتون آهن. لطيف سائين جي سجاده نشين توڙي سندس خاندان جو سياست سان تعلق نه رهيو آهي. هاڻ ته ڪجهه عرصي کان اهو سلسلو ختم ٿي ويو آهي. لطيف سائينءَ جي خاندان جا ڪيترائي فرد مختلف سياسي پارٽين سان وابسته آهن ۽ هاڻ ته 11 سجاده نشين سيد وقار حسين شاهه پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهي آهي. روايتون آهن ته لطيف سائين پاران سندس خاندان وارن ۽ فقيرن کي هٿيار رکڻ، سياست ۾ حصو وٺڻ، ماڙي ٺهرائڻ، شڪار ڪرڻ کان منع ٿيل آهي. ان ڪري لطيف جي سجاده نشينن جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان تعلق نه رهيو، پر سندن مشهور سياسدانن سان ذاتي طور گهرا واسطا ضرور هئا. ان وقت جا ڪيترائي سياسي خاندان لطيف سائين جا مريد به هئا. جڏهن سياسي سوچ وڌي ۽ سياست هيٺين طبقي تائين پهتي ته پوءِ به لطيف جو سجاده نشين سياست کان پري هيا پر مريدن عقيدتمندن کي به آزاد ڇڏيو ته هو جنهن کي بهتر سمجهن ان کي ووٽ ڏين ۽ سنڌ ۾ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ڪافي بهتر ساک رکندڙ سياستدانن کي ووٽ به ڏياريا. علڻ سائين کانپوءِ اگر ڀٽ شاهه جي نگري ۽ لطيف سائين جي درگاهه تي وڌ کان وڌ ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ته اها شخصيت آهي سيد مظهر علي شاهه نازڻ سائين جي...! پاڻ لطيف سائين جي نائين سجاده نشين سيد غلام شبير شاهه جو ٻيو نمبر فرزند 10 سجاده نشين سيد نثار حسين شاهه جو ڀاءُ ۽ موجوده سجاده نشين سيد وقار حسين شاهه جو چاچو آهي. سيد مظهر علي شاهه کي پيار وچان نازڻ سائين ۽ ننڍي هوندي پيار وچان ڀورو پير به سڏيندا هئا. پاڻ وڏو مهمان نواز، سخي، غريبن جو همدرد، سندس دستر خوان وسيع آهي. دوستن، غريبن کي سٺيون مانيون کارائي خوشي محسوس ڪندو آهي. وڏي شخصيت هئڻ جي باوجود عاجزي نيازمندي سان هر ماڻهو سان ملندو آهي. علائقي ۾ ڪنهن جو ڏک برداشت نه ڪري سگهندو آهي. پاڻ ڪجهه سالن کان حيدرآباد ۾ اولاد جي تعليم جي حوالي سان رهي ٿو. پاڻ سجاڳ ذهن آهي، غريبن جي اولاد کي تعليم ڏيارڻ لاءِ همٿائيندو رهندو آهي. خاص طور نياڻين جي تعليم تي زور ڏي ٿو. پاڻ پنهنجي نياڻي کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ جي سوچ تحت تعليم ڏياري رهيو آهي. حيدرآباد ۾ رهڻ جي باوجود ڀٽ شاهه واسين سان رابطي ۾ رهي ٿو. ڀٽ شاهه وارن سان ڏک سک ۾ شريڪ رهيو آهي. حيدرآباد واري رهائشگاهه تي به ڪم ڪارين وارن جا ميڙا متل هوندا آهن. پاڻ جڏهن ڀٽ شاهه ۾ رهندو هو ته صبح کان رات تائين ڪم ڪارين وارن ۽ ملڻ وارن ماڻهن جا ميڙا متل رهيا ۽ هاڻ به هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا ڀٽ شاهه اچي ٿو ته ماڻهن جا وٽن ميڙا مچي ٿا وڃن.. سندس عوام دوستي بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪرڻ واري جذبي کي ڏسندي ڪنهن شاعر نازڻ سائين لاءِ هيئن چيو ته:
ان در تي هر وقت ميلو متل نازڻ جهان جو جهانگير آ.
7 ڊسمبر 1949ع ۾ جنم وٺندڙ نازڻ سائين مختلف تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪئي، پاڻ پ پ، مسلم ليگ سميت تقريبن سمورين پارٽين پاران سندن پارٽين ۾ شامل ٿيڻ جون ٿيندڙ آڇون ٺڪرائيندو رهيو آهي. پاڻ حقوق العباد تحت حال سارو خلق خدا جي خدمت ۽ مدد ڪندو رهي ٿو. لطيف سائين فرمايو آهي ته
روزا نمازون اي پڻ چڱو ڪم،
اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسين پرين کي.
۽ يقينن اهو ٻيو فهم خلق خدا جي خدمت ڪرڻ آهي ۽ اهڙي خدمت سان بقول سندس ته سڪون ملي ٿو. گذريل ڪيترن ئي سالن کان لطيف جي ميلي ۾ زائرين جي حفاظت ۽ کين پوليس جي زيادتين کان بچائڻ لاءِ شاهه لطيف رضاڪار فورس جي سوين رضاڪارن کي مقرر ڪندو آهي، پنهنجي بنگلي تي مانيٽرنگ سيل به قائم ڪندو آهي، سندس ڪوشش سان ڪيترن ئي سالن کان زائرين لاءِ اوقاف کاتي پاران سندس نگراني ۾ ميلي ۾ روزانو لنگر هلي ٿو. سندس ملڪ جي ماضي حال جي تقريبن حڪمرانن کان وٺي اعليٰ بيوروڪريٽ تائين بهترين تعلقات رهيا آهن، پر انهن ناتن کي ذاتي مفاد بجاءِ درگاهه لطيف ۽ لطيف جي نگري جي ترقي، لطيفي جماعت ۽ علائقي جي عوام جي ڪم ڪارين، مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ استعمال ڪندي اهڙيون ڪوششون ڪندو رهيو آهي، جيڪي ڪامياب ويون آهن. سندس شخصيت مقناطيسي آهي هڪ دفعو ساڻن ملندڙ سندس مداح ٿي ويندو آهي پاڻ ننڍي هوندي کان لطيف جي درگاهه تي خدمتون ڪندو رهيو آهي. 70ع ۾ سندس ڪوششن سان لونگ فقير لوڙهي وارو جي رازن مزدورن جي ونگار سان درگاهه کي چوديواري ڏياري ۽ پراڻي زبون چوديواري کي 5+5 فوٽ پوئتي هٽايو. اوقاف کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري باز محمد جوڻيجو کي چئي ڀٽ ڌڻي جي امڙ جي مزار جو ڪم ڪرايو جڏهن ته شاهه حبيب ۽ لطيف سائين جي وچ وارو ورانڊو جڏهن زبون ٿيو ته اوقاف کاتي وارن سان ملاقات ڪري آر سي سي ورانڊو ٺهرايو. درگاهه جو مکيه ورانڊو جيڪو ڪاٺ جي خوبصورت داسن ۽ پٽين تي ٺهيل هو، ان کي سرو کائي ويو ته نازڻ سائين سردار غلام محمد مهر کي ٽالهين جا وڻ ڏيڻ لاءِ چيو ۽ گهوٽڪي مان ٽالهي جي ڪاٺ جي ٽرڪ پنهل فقير ڀرائي آيو ان ڪاٺ مان ساڳئي چٽ سالي سان داسا، پٽيون، ٿنڀ ٺاهي کاڌل پراڻا ڪڍي نوان لڳايا ويا. درگاهه جو ڌمال خانو زبون ٿي ويو ته نازڻ سائين جي ڪوششن سان اوقاف کاتي پاران 32 لکن جي لاڳت سان غازي عباس جي ايوان جي طرز تي خوبصورت انداز ۾ ٺهرايو ويو. نازڻ سائين اوقاف کاتي وارن کي مشورو ڏنو ته لطيف سائين جي زبون کوهه کي خوبصورت انداز ۾ ٺهرايو وڃي ۽ ان کوهه تي نار لڳايو وڃي، جنهن ۾ ڍڳو جوٽيو وڃي. کوهه کي ته خوبصورت بنايو ويو پر نار لڳائي ڍڳو خريد ڪري جوٽڻ وارو پلان اڌ ۾ رهجي ويو.سابق صدر پرويز مشرف جڏهن ڪراچي ۾ وزير اعليٰ سنڌ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي دعوت تي آيو ته نازڻ سائين به ان دعوت ۾ شريڪ هو جڏهن ڊاڪٽر ارباب رحيم نازڻ سائين جو پرويز مشرف سان تعارف ڪرايو ته هن صدر پاڪستان کي چيو ته ملڪ جا ڪيترائي صدر وزير اعظم ويندي جنرل ضياء الحق جهڙو آمر به لطيف سائين جي درٻار تي حاضري ڏني آهي ليڪن اوهان حاضري اڃان تائين نه ڏني آهي نه وري وزير اعظم شوڪت عزيز آيو آهي ان تي پرويز مشرف واعدو ڪيو ته ايندڙ ميلي تي هو پاڻ يا وزير اعظم شوڪت عزيز ضرور ايندو ۽ انهي سال ميلي جو افتتاح شوڪت عزيز ڪيو درگاهه جي خوبصورتي لاءِ 50 ڪروڙ ۽ سنڌ جي وڏي وزير ارباب غلام رحيم به 50 ڪروڙن جو اعلان ڪيو ليڪن سندن اهي اعلان هوا ۾ اڏامي ويا انهن تي عمل نه ٿيو ليڪن شوقت عزيز کي ان وقت جي مٽياري جي ضلعي ناظم سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ مٽياري ۾ ايف ايم ريڊيو کولڻ جو چيو ان تي نازڻ سائين چيو ته ايف ايم ڀٽ شاهه ۾ کلڻ گهرجي، جتي لطيف سائين جون وايون هلايون وڃن ۽ سندس ڪلام پيغام کي عام ڪيو وڃي نازڻ سائين جي ڳالهين مان متاثر ٿي شوڪت عزيز ڀٽ شاهه ۾ ايف ايم ريڊيو لڳائڻ جو اعلان ڪيو، جيڪو ماشاء الله اڄ لطيف سائين جو ڪلام پيغام عام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڀٽ شاهه جي ترقياتي ڪمن جي ڳالهه ڪبي ته ان ۾ به نازڻ سائين جو شاندار ڪردار رهيو آهي پاڻ لطيف جي نگري جي ترقياتي ڪمن لاءِ ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير ارباب غلام رحيم کان 1 ڪروڙ روپيا يونين ڪائونسل کي وٺرائي ڏنا ليڪن بدقسمتي سان اهو ڪم صحيح نموني سان ٿي نه سگهيو. لطيف سائين جي زبون حويلي جي مرمت لاءِ به سندس ڪردار رهيو آهي 55 لکن سان اها اوقاف کاتي ٺهرائي آهي ڀٽ شاهه جو هي ڀورو پير، انهن خوشنصيبن مان آهي جنهن ننڍي وهي ۾ معليٰ ڪربلا وڃي زيارتون ڪيون ۽ سندس طهر سنت اتي ٿي، ڀٽ شاهه جي ميلي کي وڌائيڻ لاءِ به سندس ڪوششون رهيون آهن ميلا ڪميٽي جي گڏجاڻيڻ ۾ سندس تجويزن کي وڏي اهميت حاصل هوندي آهي ڇاڪاڻ ته سندس هر تجويز وزن دار هوندي آهي. پاڻ هر قسم جي موسيقي ٻڌي ٿو پاڻ استاد بڙي غلام علي خان. لتا منگيشڪر ، مهدي حسن، عابده پروين، زاهده پروين شوق سان ٻڌي ٿو، پاڻ وڏو عزادار پڻ آهي محرم الحرام جا 10 ئي ڏينهن ۾ وڏي پيماني جو لنگر نياز ڪندو آهي پاڻ نوحا خواني عقيدت سان ٻڌي ٿو پاڻ خود به بهترين نوحه خوان آهي، سندس آواز ۾ وڏو سوز سمايل آهي، پاڻ ڀٽ شاهه کان حيدرآباد رهائش اختيار ڪرڻ بعد ۾ اتي ويهي عوام جي خدمت ڪري ٿو . ڀورو پير جي خوبين ۾ اهي به خوبيون شامل آهن ته وڏي سهپ وارو دشمن کي معاف ڪرڻ وارو ڪاوڙ ۾ به کلڻ وارو عام ماڻهن جا ڪم ڪاريون ڪندي خوشي محسوس ڪرڻ وارو، وڏو راڄائتو ۽ فيصلن ڪرڻ ۾ سٺي ساک رکندڙ آهي. سندس ڪيترائي فيصلا مثالي آهن. اوقاف کاتي جو ريسٽ هائوس پراڻو ۽ نئون ليٽرين بلاڪ به سندس ڪوششن سان ٺهيو. پاڻ ڀٽ شاهه ترقياتي منصوبي جو وائيس چيئرمين ۽ چيئرمين به رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته هن منصوبي ۾ رکيل رقم جي حساب سان ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيا ۽ جڏهن کيس چيئرميني ڏني وئي ته پگهار کانسواءِ ڪي به فنڊ نه هئا. سندس خواهش آهي ته لطيف سرڪار جي مزار حضرت قلندر لال شهباز جي مزار وانگر وسيع ٿئي، ڇاڪاڻ ته تقريبن پوڻيون 3 صديون اڳ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو پاران ٺهرايل مزار هاڻ روزانو ايندڙ هزارين زائرين جي حساب سان گهٽ آهي پاڻ درگاهه کي وسيع ڪرڻ ۽ لطيف سائين جي وڏي اوطاق کي ساڳئي انداز ۾ تعمير ڪرائڻ يا مرمت ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي جنهن ۾ اوطاق ۾ لطيف سائين سان وابسته نادر شين لاءِ اتي ئي ميوزم، فقيرن لاءِ لانڍيون ٺهرائڻ لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهيو آهي. نازڻ سائين جي ڀٽ شاهه ۾ ٿيندڙ ادبي، ثقافتي، سماجي پروگرامن ۾ شرڪت کي يقيني بڻائي محفل جو مور ڪري ويهاريو ويندو آهي. سندس گفتار موتين مالها لڳندي آهي، ڪچهري جو ڪوڏيو، هر ڳالهه ۾ لطيف سائين جو بيت ته ضرور شامل ڪندو آهي. لطيف سائين جي جشن ولادت جي شروعاتي جشن کي وڏي سطح تي پهچائڻ ۾ سندس شاندار ڪردار رهيو آهي. سندس دوستن جو وسيع حلقو آهي نه صرف سنڌ ۾ پر پوري پاڪستان ۾ هر شعبي سان وابسته سندس هزارين دوست آهن ۽ انهن جي ڏک ۽ خوشين ۾ وقت تي شريڪ ٿيڻ جهڙوڪ سندس فرض ۾ شامل آهي. جڏهن سندس والد بيمار رهيو ته درگاهه جي حوالي سان ڪم ڪارين ۾ سندس ٻانهن ٻيلي رهيو. منهنجي ساڻن ڊگهي عرصي کان نيازمندي آهي پاڻ لطيف سائين جو ڪلام پيغام عام ڪرڻ لاءِ ڀيڄ ڀٽائي مئگزين جو سرپرست، سنڌ صحافي سنگت جو اعزازي ميمبر پڻ آهي.