اعجاز ممنائي هڪ مخلص ڪردار
ثقافت کاتي شاهه لطيف تي پهريون تحقيقي مڪالو سر ڪوهياري 2007ع ۾ شايع ڪيو. ثقافت کاتي لطيف سرڪار تي ٻيون تحقيقي مڪالو سر آسا 2009ع ۾ شايع ڪيو, ثقافت کاتي لطيف سرڪار تي ٽيون تحقيقي مڪالو سر پرڀاتي 2010ع ۾ شايع ڪيو, ڀٽائيءَ جي سر ڪيڏارو جو اصلي راز ماهوار سورهيه مئگزين نومبر 2007ع تي شايع ٿيو, شاهه لطيف رح وٽ نفس شناسي ماهوار سورهيه مئگزين آڪٽوبر 2008ع تي شايع ٿيو
لطيف سائين جي حوالي سان سندس مضمون روزانه پاڪ سکر، روزانه سنڌو حيدرآباد ، روزانه نئون سج ڪراچي، روزانه هلال پاڪستان، روزانه خبرون ڪراچي ، روزانه جھونگار ڪراچي، روزانه پاڪ ڪراچي،ساهتي آواز، روزانه مهراڻ حيدرآباد، نواءِ سنڌ ڪراچي ۾ شايع ٿيا آهن.
ان کانسواءِ پاڻ نوشهرو فيروز جي ولين ۽ بزرگن تي پڻ ڪافي تحقيق ڪئي آهي، مختلف اخبارن ۾ 30 کان وڌيڪ بزرگن جا احوال وارا مضمون شايع ٿيا آهن، ان کانسواءِ پاڻ معاشري جي ڪيترين ئي اهم شخصيتن جن ۾ ڊاڪٽر اديب شاعر سماجي اڳواڻ شامل آهن انهن جي ڪيل خدمتن کي قلم بند ڪري چڪو آهي پاڻ زندگي جا 14 سال نوشهرو فيروز جي هڪ خانگي اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان ڪم ڪندا رهيا هن وقت سندس ڪيترائي شاگرد ڊاڪٽر ۽ انجنيئر پڻ بڻجي ويا آهن ۽ ڪيترائي شاگرد اڃان مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيا آهن سندس اسڪول واري زندگيءَ جو وڏو ڪارنامو اهو هو جو پاڻ نائين ۽ انٽر جي شاگردن کي شاهه لطيف جو رسالو ضرور وٺرائيندو هو ۽ کين چوندو هو ته اسان وٽ جيڪو ڪجهه آهي اهو لطيف سرڪار جي ڪري آهي انڪري ان کي پڙهڻ سمجهڻ ائين ضروري آهي جيئن قرآن شريف کي پڙهو ٿا ان کان سواءِ پاڻ سماجي ورڪز پڻ آهي سندس ڳوٺ جي تنظيم ڳوٺ سڌار سنگت ۽ صادق فائونڊيشن نالي ٻه تنظيمون ڳوٺاڻي ترقي لاءِ جاکوڙي رهيون آهن پاڻ هن وقت به انهن سان ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪري رهيو آهي خاص طور تي ڳوٺ ۾ هلندڙ ٽي بي ڪلينڪ ۽ سالانه اکين جي ڪئمپ ۾ سندس خدمتون ڪنهن کان به ڳجھيون نه آهن ان کان سواءِ ڪاوش ڊولپمينٽ ۽ فافن اين جي اوز ۾ پڻ سرگرم رهيا پاڻ مذهبي تنظيم جي ضلعي رهنما جي حيثيت سان نوشهرو فيروز شهر جي مڙني سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سياسي سماجي ۽ قومپرست جماعتن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ کين شهر جي مسئلن تي سياست نه ڪرڻ جو وچن ورتو ائين پاڻ شهر ۾ گندگيءَ خلاف ، شراب نوشيءَ خلاف ، تعليم جي تباهيءَ خلاف ، اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ خلاف نه صرف سراپا احتجاج رهيا پر انهن خلاف مسلسل ڪالم پڻ لکندا رهيا پاڻ ڪوئٽه ۽ شڪارپور سميت پوري ملڪ ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعن خلاف ڀرپور ڪم ڪيو ۽ علائقي ۾ متحد ٿيڻ ۽ گڏجي دشمن تي نظر رکڻ لاءِ سجاڳيءَ جي تحريڪ شروع ڪئي هن وقت پاڻ پندره روزه اخبار پرين پچار نوشهرو فيروز جو مئنيجنگ ايڊيٽر پڻ آهي هن وقت سندس مشغلو اخبار ۽ ڪتاب پڙهڻ سان گڏ ادبي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ ،مختلف شعبه جات ۾ سينئر شخصيات سان ملاقاتون ڪرڻ ۽ انهن جي زندگيءَ ۾ ڪيل خدمتن کي لکي تاريخ جي صفحن ۾ آڻڻ آهي، سندس ڪتاب ڇپائي لاءِ تيار آهن جن ۾ (1) رڍن اڳيان رباب (نثري ٽڪرا (2) ڪاتب لکيو جيئن (بيت) (3) تنهنجي وئي کان پوءِ (غزل) (4) جيون جرڪيا ڏينهڙا (غزل) (5) سانوڻ مند جا مينهڙا (وايون) (6) ڪير ٿو ڳولي ڳجهه (نظم) (7) گھُلي غمن هير (چوسٽا) (8) مذڪور محبت جو(ڪافيون) (9) ڏيئا منهنجي ڏات جا (مرثيا) (10) ٿر مٿان ٿُوهر (نثري نظم) جڏهن ته نثر ۾ منهنجي ديس جي دانهن (مضمون) نرڄو نوجوان (مضمون) لطيف سرچشمه هدايت ( تحقيقي مضمون) تي مشتمل آهن، ليڪن سندس مالي حالتون اهڙيون نه آهن جو اهي ڪتاب ڇپائي سگهي، سندس قلم جي رفتار ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي ٿي دعا آهي ته شال زندگيءَ ۾ سندس قلم مان ڪڏهن به مس نه کُٽي ۽ ائين ئي لکندو رهي.