شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

مسيحا جهڙو ڪردار ادا ڪندڙ ڊاڪٽر مريم مجيد ڇٽو

چوندا آهن ته مردن جي ڪاميابي ۾ سندن زالن جو وڏو ڪردار هوندو آهي، بهترين انتظامي آفيسر طور شهريت ماڻيندڙ ڊاڪٽر عبدالمجيد ڇٽو جي ڪاميابي، صحت کاتي ۾ هڪ مثالي ڪارنامو ۽ سماجي ڪمن جي پويان ڊاڪٽر مريم مجيد ڇٽو جو ڪيترو هٿ آهي اها خبر ڊاڪٽر عبدالمجيد ڇٽو کي هوندي، پر سندن ويجهن حلقن جو چوڻ آهي ته هن جيون ساٿين جي ڪاميابي جو سهرو هڪٻئي تي آهي ۽ آئون به سندن ويجهن دوستن ۾ شامل آهيان ان ڪري ان لاءِ مان به مٿين ڳالهه تي متفق آهيان، ڊاڪٽر مريم مجيد ڇٽو شهدادپور ۾ مسيحا سڏجي ٿي ۽ هي جوڙو شهدادپور جا ايڌي سڏجن ٿا، ڊاڪٽر مريم مجيد ڇٽو جون شهدادپور جي تعلقه اسپتال کان وٺي انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينس شهدادپور تائين هن اداري کي مثالي بڻائڻ ۾ شاندار ڪردار رهيو آهي، پاڻ هن وقت پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ميڊيڪل ڪاليج سنڌ ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، شهدادپور ۾ پهريون ميڊيڪل سينٽر ڀٽائي ميڊيڪل سينٽر به ڊاڪٽر مجيد ۽ ڊاڪٽر مريم جو ڪارنامو آهي، ان دور ۾ هتي اهڙو ڪو خانگي ميڊيڪل سينٽر نه هو ۽ هنن علائقي واسين جي سهولت لاءِ مناسب اگهه تي آپريشن ويم ۽ او پي ڊي قائم ڪئي، ڊاڪٽر مريم مجيد ڇٽو 14 نومبر 1956ع تي بدين ضلعي جي مشهور شهر ماتلي ويجهو مشهور قديمي ۽ تاريخي ڳوٺ رپ ۾ هڪ زميندار، سماجي ڪارڪن، سخي مرد عبدالستار چانگ جي گهر ۾ جنم ورتو، ڊاڪٽر مريم مجيد جو ڏاڏو مولوي تاج محمد چانگ پنهنجي وقت جو عالم ۽ وڏي مذهبي شخصيت ٿي گذريو آهي، جنهن جون وڏيون ديني خدمتون آهن، ڊاڪٽر مريم تعليم ماتلي ۽ حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي 1982ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان ايم بي بي ايس پاس ڪئي هائوس جاب مڪمل ڪرڻ بعد 1987ع ۾ سرڪاري جاب ۾ آئي. 1990ع ۾ ڊاڪٽر عبدالمجيد ڇٽو سان پرڻو ڪيو، ننڍي هوندي کان کيس ادبي تاريخي اسلامي ڪتاب پڙهڻ جو شوق رهيو، جڏهن اڃا پرائمري ۾ هئي ته ان دور ۾ سندس گهر ٻه ٽي سنڌي اخبارون اردو، سنڌي رسالا ايندا هئا جن جو شوق سان مطالعو ڪندي هئي، ڪاليج ۾ پهتي ته پاڻ ڪهاڻيون ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا، جيڪي مختلف رسالن ۽ ڪيترن ئي اخبارن ۾ شايع ٿيا. ڪهاڻيون علائقي ۾ ٿيندڙ واقعن تي لکيون، ڪهاڻين ۾ عورتن جي مظلوميت ۽ ڪردارن تي لکيون، مضمون معاشرتي مسئلن تي لکيا، ڪاليج جي سوينيئرن ۾ به مضمون لکيا، جاب ملڻ بعد مصروف رهڻ لڳي ۽ لکڻ ڇڏي ڏنو ليڪن مصروفيتن جي باوجود ڪتابن جو مطالعو جاري رکندي اچي ڪيترائي ادبي، تاريخي، اسلامي ڪتاب سندس مطالعي هيٺ رهيا آهن، سندس پسند جي ليکڪن ۾ امر جليل، الطاف شيخ، خير النساء جعفري، تنوير جوڻيجو، نسرين جوڻيجو پسند اٿس. ڊاڪٽر مريم مجيد ڇٽو بهترين ڊاڪٽر طور مشهور آهي، پاڻ غريبن جي هڏ ڏوکي، لڪل هٿ سان غريبن جي مدد ڪري ٿي، ڪيترن ئي غريبن جا ٻار خانگي اسڪولن ۾ سندس خرچ تي پڙهن ٿا، سخاوت ۾ ڊاڪٽر مجيد کان ڪافي قدم اڳتي ڪيترن ئي غريب عورتن کي ميڊيسن گهران وٺيو ڏي، سندس سينٽر تي ڪيترن ئي غريب ماڻهن جا آپريشن به فري ۾ ته دوائون به فري ۾، سينٽر تي او پي ڊي ۾ غريب عورتن جي في به نه وٺي ايڪسري، الٽراسائونڊ به مفت ۾، پر هاڻ سينٽر کي ايترو وقت نه ڏئي رهي آهي، شهدادپور اسپتال جي حوالي سان سندس خدمتون قابل تعريف آهن، اسپتال کي مثالي بڻائڻ لاءِ اڻ ٿڪ جدوجهد ڪئي، سوين نوجوانن کي ميرٽ جي بنيادن تي نوڪريون ڏنيون، هن وقت پاڻ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ميڊيڪل ڪاليج سنڌ جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، سندس خيال آهي ته رٽائرڊ ٿيڻ بعد پاڻ هڪ فلاحي ادارو قائم ڪندي جنهن ذريعي هو عوام جي خدمت ڪندي، خاص طور غريب بي پهچ عورتن لاءِ ڪم ڪندي.