شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

بي باڪ صحافي شيخ علي محمد

1978ع جو زمانو هو جڏهن آئون ناز سنائي سان گڏجي آفتاب اخبار جي آفيس ۾ شيخ علي محمد سان ملاقات لاءِ ويس، ان زماني ۾ آئون الفقراء اخبار سانگهڙ جو ملدسي ۾ نمائندو هئس ۽ ان زماني ۾ آفتاب، عبرت، سنڌ نيوز، هلال پاڪستان اخبارن ۾ ايڊيٽر جي ٽيال ۾ ملدسي ۽ آسپاس واري علائقي جي ڳوٺن جا بنيادي مسئلا شايع ڪرائيندو هئس، ان دور ۾ اخبار جي نمائيندگي اڄ جي دور وانگر 10 اخبارون گهرائڻ 1000 رپيه ڪارڊ جا ڏيڻ ۽ مختلف ڏينهن تي اشتهار وٺرائي ڏيڻ واري شرط تي نه ملندي هئي، ان زماني ۾ جيئن نوڪرين جا انٽرويو ٿين ٿا باقائده انٽرويو ٿيندا هئا، خبرون لکرائي چيڪ ڪيون وينديون هيون ۽ آفتاب اخبار ۾ ملدسي مان رپورٽر ٿيڻ لاءِ مون کي به ان مرحلي مان گذرڻو پيو، پاس ٿيڻ جي باوجود ڪارڊ هڪ سال آزمائيش هيٺ رکڻ بعد اداري جي پاليسين تي پورو لهڻ واري شرط تي ڏيڻ جو ٻڌايو ويو.
جڏهن ناز سنائي سان گڏ شيخ علي محمد وٽ پهتس ته پاڻ بهترين انداز ۾ مليو، ملدسي ۾ رپورٽر مقرر ٿيڻ بعد شيخ علي محمد سان ملاقاتن جا سلسلا شروع ٿي ويا، بعد ۾ مونکي بهترين ڪارڪردگي جي ڪري شهدادپور رپورٽر مقرر ڪيو ويو پاڻ ڏاڍا شفيق رحم دل هئا، آفتاب جي رپورٽرن کي اولاد وانگر سمجهندا هئا. پاڻ بيباڪ صحافي هئا.
جنرل ضياءَ جي مارشلا دؤر ۾ به پاڻ سنڌ واسين سان ٿيندڙ ظلم زيادتين 83ع ۽ 86ع واري ايم آر ڊي تحريڪن ۾ نه صرف تحريڪ واري هلچل کي اخبار ۾ اهميت ڏني پر پاڻ به ڀرپور انداز ۾ ايڊيٽوريل لکيا. شيخ علي محمد 15 فيبروري 1925ع تي شيخ ڀرڪيو ويجهو، موري منگر ۾ هڪ زميندار محمد خان شيخ جي گهر ۾ جنم ورتو، پاڻ پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ پرائي ۽ وڌيڪ تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي، پاڻ صحافتي زندگي جي شروعات منشي عبدالشڪور جي اخبار روزانه هلال پاڪستنا حيدرآباد کان ڪئي، ان بعد پاڻ ان زماني جي مشهور اخبار ڪاروان ۾ ڪم ڪيو، جڏهن قاضي عبدالمجيد عابد وارن محمد عثمان ڏيپلائي کان هفتيوار عبرت خريد ڪري ان کي روزانه اخبار طور شايع ڪيو ته قاضي صاحب شيخ علي محمد کي عبرت جو ايڊيٽر مقرر ڪيو، شيخ علي محمد جي جدوجهد، ڪوششن، محنت سان عبرت مختصر عرصي ۾ عوام جي مقبول ترين اخبار بڻجي وئي، سندس ايڊيٽوريل ڏاڍا مشهور ٿيا، جن کي هر مڪتب فڪر جي ماڻهن پسند ڪيو، پاڻ عبرت ۾ ٻارن جو صحفو ۽ ادبي صحفو به شروع ڪيو، جڏهن هلال پاڪستان اخبارن پ پ وارن خريد ڪري پارٽي ترجمان اخبار طور شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ شيخ علي محمد کي ايڊيٽر مقرر ڪيو، پاڻ ان شرط تي ايڊيٽر ٿيڻ قبول ڪيو ته پارٽي جي خبرن کي اهميت ڏني ويندي پر ٻين خبرن کي به خبرن جي اهميت مطابق ڪوريج ڏني ويندي.
پاڻ اخبار لاءِ بهترين صحافين کي ٽيم ۾ شامل ڪيو، هلال جو نئين رنگ ڍنگ سان شايع ٿيڻ جو 69ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو افتتاح ڪيو، شيخ علي محمد جي بهترين پاليسي ۽ اخبار تي محنت ڪرڻ ڪري هلال اڳ کان به وڌيڪ مقبول ٿي، پاڻ عوامي مسئلن کي نه صرف ڪوريج ڏني پر ان حوالي سان شاندار ايڊيٽوريل به لکيا ۽ پاڻ هر سياسي پارٽي کي به ڪوريج ڏني جيڪا ڳالهه پ پ قيادت کي پسند نه آئي ۽ جڏهن شيخ صاحب کي پابند بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سندس آزادانه پاليسي ۾ مداخلت ٿي ته پاڻ هلال پاڪستان کي الوادع ڪري روزانه آفتاب جو ڊيڪلريشن وٺي ان کي شايع ڪرڻ شروع ڪيو. پاڻ پيشورانه صحافي هئڻ ڪري آفتاب کي نالي وانگر واقع ۾ به مختصر عرصي ۾ آفتاب بڻايو، ان وقت سنڌ مان ٻيون به ڪافي اخبارون شايع ٿي رهيون هيون، اهڙي صورتحال ۾ نيئن اخبار لاءِ مارڪيٽ ٺاهڻ ڏکيو مرحلو هو پر پاڻ مختصر عرصي ۾ آفتاب کي مقبول بڻائي ڇڏيو، آفتاب اخبار نه صرف اخبار هئي پر هي صحافت جي سکيا جو گهر به هو، ڪيترائي صحافت ۾ نوان آيل دوست آفتاب ۾ پروف ريڊر، سب ايڊيٽر طور رهي صحافت سکيا ۽ اڳتي هلي صحافت ۾ وڏو نالو ڪمايو. آفتاب اخبار جي آفيس ۽ پريس گول بلڊنگ جي سامهون هئي، جتي پاڻ هڪ ننڍڙي آفيس ۾ ويهندو هو، آفتاب جي آفيس اديبن شاعرن جو به مرڪز رهيو، پاڻ مجلس شورا ۽ سينٽ جا ميمبر ٿيڻ بعد به سياست سان گڏ صحافت کي به جاري رکيو، حيدرآباد ۾ هوندا هئا ته آفتاب جي آفيس۾ ضرور اچبو هو جتي پاڻ ڪنهن نيوز ايڊيٽر کي گهڻو ڪري احمد خان شيخ يا محمد بخش جو هر ”مرحوم“ کي سڏي ايڊيٽوريل لکرائيندا هئا، پاڻ چوندا ويندا هئا، لکڻ وارو لکندو ويندو هو، مجلس شورا ۽ سينٽ جا ميمبر ٿيڻ بعد مختلف علائقن جا خاص طور سندس ڳوٺ ۽ آسپاس جا غريب ماڻهو ڪم ڪارين لاءِ وٽس ايندا رهندا هئا، ڪيترائي اديب، شاعر، سماجي ورڪر، صحافي به وٽن ڪمن لاءِ ايندا هئا ته پاڻ بنا دير لاڳاپيل ادارن ۾ فون گهمائي انهن ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. رات جو سندس رهائشگاهه صحافي ڪالوني حيدرآباد تي به ڪم ڪارين وارا ايندا هئا، ڪم ڪارين وارا ڪهڙا به ڏکيا ڪم کڻي اچن پر پاڻ انڪار ڪرڻ بجاءِ انهن جا ڪم ڪاريون ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا هئا، پاڻ مصروف رهڻ جي باوجود دوستن جي غمي خوشي ۾ شريڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. پاڻ پنهنجي اباڻي ڳوٺ موري منگر ۽ ٻين علائقن ۾ مجلس شورا ۽ سينٽ جي ميمبر طور ڪافي ترقياتي ڪم ڪرايا، انهن ۾ ڳوٺ موري منگر ۾ روڊ، اسپتال، هاءِ اسڪول به شامل آهي، سندس مير علي احمد ٽالپر، مير رسول بخش ٽالپر، پير حسام الدين راشدي، مولانا غلام محمد گرامي، عبدالڪريم ڀلي، الياس عشقي، غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد عثمان ڏيپلائي، غلام رباني آگرو ۽ ٻين شخصيتن سان ويجها تعلقات رهيا. پاڻ عبرت، هلال ۽ آفتاب ۾ ايڊيٽر هئڻ جي باوجود گهڻو ڪري پروف پاڻ پڙهندو هو، آفتاب اخبار جي مقبوليت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته آفتاب جا ننڍن ڳوٺن ۾ به رپورٽر هئا. آفتاب سنڌ جي هر وڏي ننڍي شهر، ڳوٺ، واهڻ، وستي ۾ پڙهي ويندي هئي، آفتاب تي وقت جي حڪمرانن جي پاليسين سان اختلاف ڪرڻ ڪري ان خلاف لکڻ جي ڪري ڏکيا ڏينهن به آيا، آفتاب ۾ عوامي مسئلن ٿيندڙ ظلم زيادتين بيروڪرپٽ، پوليس جي عوام سان اڍنگي رويي، سرڪاري آفيسن مان عوام کي لاڀ نه ملڻ، عوام جا تعليم، صحت، زراعت جي مسئلن تي نه صرف اهميت سان خبرون شايع ٿينديون هيون پر پاڻ انهن مسئلن تي ايڊيٽوريل لکيا. سنڌ جو هي ناميارو بيباڪ صحافي، سماج سڌارڪ 21 جنوري تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، سندس آخري آرام گاهه موري منگر ۾ سندس ٺهرائيل هاءَ اسڪول جي اڳڻ تي آهي، سندس وفات کان پوءِ آفتاب سندس فرزند اعجاز شيخ بهترين انداز ۾ جاري رکي بعد ۾ اهڙو واءُ وريو جو آفتاب بند ٿي وئي.
آئون خوش نصيب آهيان جو شيخ علي محمد صاحب سان 78ع کان 91ع تائين مسلسل ملاقاتون رهيون، آئون صحافت ۾ جيڪو به ڪجهه آهيان، شيخ علي محمد جي ڪري آهيان، مون شيخ صاحب مان گهڻو ڪجهه سکيو ۽ پرايو، پاڻ انتهائي سادگي پسند ۽ نازڪ نفيس خوش اخلاق خوش مزاج شخصيت جو مالڪ هو، ڳالهين ڳالهين ۾ ڏاڍي سهڻي انداز ۾ مزاق به ڪري ويندو هو.