شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

تعليمي شخصيت عبدالغفار راجپوت

شهدادپور جي مشهور تعليمي شخصيتن ۾ عبدالغفار راجپوت به هڪ آهي. پاڻ فقير منش، يارن جو يار غريبن جو همدرد غريب شاگردن جي مدد ڪندڙ پنهنجي اولاد کي تعليم نه ڏياريندڙن وٽ پهچي تعليم جي فائدن بابت آگاهه ڪري کين پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارڻ تي راضي ڪرڻ طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس اهڙي عمل جي ڪري کيس ساڃاهه وند ماڻهو سٺي نظر سان ڏسن ٿا. عبدالغفار راجپوت 1959-1-9 تي شهدادپور ويجهو يوسي ملدسي جي ڳوٺ جمان ۾ بشير احمد راجپوت جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد انڊيا جي ضلع ڪرنال جي ڳوٺ گوند ۾ جنم ورتو. 10 سالن جو هو ته پاڪستان ۾ آيو ۽ ان دوران ٿيل جهيڙن جي ڪري پاڻ پنهنجي ٻين مٽ مائٽن سان گڏ پاڪستان پهتو ۽ ڳوٺ جمان ۾ اچي هارپو ڪيو ۽ هن پنهنجي پٽ عبدالغفار راجپوت کي پيٽ سان پٿر ٻڌي واري چوڻي موجب پڙهايو. عبدالغفار راجپوت ايم اي، ايم ايڊ ڪرڻ بعد 77ع ۾ پرائمري ٽيچر ٿيو ۽ مختلف اسڪولن ۾ ٽيچر طور رهيو سندس پڙهائڻ جو عمل شاگردن سان شفقت وارو رويو رکڻ جي حوالي سان مشهور ٿيو. 88ع ۾ مسجد اسڪول جو سپروائيزر ٿيو. 92ع ۾ تعليم کاتي جو سپروائيزر 97ع ۾ ايس ڊي او ٽنڊو آدم. 2000ع ۾ گورنمنٽ هاءِ اسڪول عالم زرداري ۾ هيڊ ماستر. 2003ع ۾ ڄام نواز علي خان ۾ ايس ڊي اي او. 2005ع ۾ ايس ڊي اي او سنجهورو، بعد ۾ گورنمنٽ ميونسپل هاءِ اسڪول شهدادپور ۾ هيڊ ماستر. 2007ع ۾ ڊي او هائر سيڪنڊري اسڪول ٿيو. ميونسپل هاءِ اسڪول شهدادپور ۾ غير نصابي سرگرمين کي زور وٺرايو ۽ عالم زرداري ۽ شهدادپور هاءِ اسڪول ۾ تعليمي معيار کي بهتر بنايو. سندس ڪوشش سان ميونسپل هاءِ اسڪول شهدادپور کي ان وقت جي وزير تعليم عبدالسلام ٿهيم پاران ڪمپيوٽر ليب مليو. واسطيدار حڪام سان ۽ علائقي جي ايم پي اي سان ملاقاتون ڪري هن ئي اسڪول کي چوديواري ڏياري زبون حالي اسڪول جي عمارت جي مرمت ڪرائي. خوبصورت گيٽ ٺهرايو. پاڻ سٽي ناظم ڪراچي مصطفيٰ ڪمال کي اسڪول جو دورو ڪرايو جنهن اسڪول جي ماحول ۽ نظام تعليمي معيار کان متاثر ٿي اسڪول لاءِ 15 ڪمپيوٽر ڏنا. عبدالغفار راجپوت جي ڪوشش سان هن اسڪول ۾ پراڻن شاگردن جن ۾ ڪافي وڏن عهدن تي ويٺا آهن انهن جي اعزاز ۾ وڏي دعوت ڪئي. کين يادگار شيلڊون ڏنيون. مختلف سب ڊويزنن ۾ ايس ڊي او رهڻ دوران ۽ ڊي او رهندي گوسڙو استادن کي ڊيوٽي جو پابند بنايو. ٽاڪس فورس جي سربراهه جي حيثيت سان گهر ويٺي پگهار کڻندڙ ڪافي استادن ۽ پٽيوالو جن کي ڪافي دفعا وارننگ ڏيڻ جي باوجود هو ڊيوٽي نه ڪرڻ لڳا ته کين نوڪري مان فارغ ڪيو. ڊي او هائر سيڪنڊري سانگهڙ جي حيثيت سان گسٽا وارن سان گڏجاڻيون ڪري استادن کي ڊيوٽي جي پابند ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ان جا بهتر نتيجا به سامهون آيا. سندس ڪوشش سان اسڪولن ۾ غير نصابي سرگرميون ٿيڻ شروع ٿيون. عبدالغفار راجپوت تعليم جي ڪرندڙ معيار ۽ بگڙيل نظام جون ذميوار والدين ۽ استادن کي قرار ڏئي ٿو سندس چوڻ آهي ته جڏهن استاد ۽ والدين پنهنجو بهتر ڪردار ادا ڪندا ته تعليمي خو به خود بهتر ٿي ويندو. عبدالغفار راجپوت ڊسپينسر جو ڪورس به مشهور ڊاڪٽر فقير حسين پٺاڻ وٽ ڪيو. ۽ ڪافي سالن تائين بهترين پريڪٽس به ڪئي هن جي دعويٰ آهي ته هن وٽ عرق النساء، اکين جي بيمارين، قبضي ۽ ٻين بيمارين جا ديسي نسخا آهن. ۽ سندس اهو ديسي علاج هن وقت تائين ڪامياب ويو آهي ۽ وڏي تعداد ۾ مريض صحتياب ٿيا آهن. پاڻ غريب ماڻهن جو فري ۾ علاج ڪندو رهيو، سندس استادن ۾ استاد عطا الله راجپوت، آل نبي، فدا حسين انصاري، محمد انور گجر، سندس آئيڊيل شخصيتن ۾ پير صاحب پاڳارو، شهيد راڻي بينظير ڀٽو آهن. فنڪارن ۾ عابده پروين، لتا منگيشڪر، وحيد علي پسند آهن. پسند جي گيتن ۾ ”پيار ڪيا تو ڊرنا ڪيا شامل آهن سنڌي گيتن ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ياد ۾ احمد مغل جو ڳايل ”سنڌ جي نياڻي، نياڻي نماڻي سنڌ کي روئاڙي هلي وئي، فلمن ۾ اوتار فلم پسند اٿس. ننڍي هوندي ڪٻڊي، والي بال راند رهندو هو. تعليم کاتي ۾ پاڻ عبيدالله جتوئي سابق ڊائريڪٽر، مولا بخش قريشي سابق ڊي اي او تعليم، کي رهنمائي طور مڃي ٿو، سندس چوڻ آهي ته هن زندگي ۾ هڪڙو ئي عشق ڪيو. پر جنهن سان عشق ڪيو اها ڇوڪري سندس برادري جي نه هئڻ ڪري برادري جي ريتن رسمن ۾ جڪڙيل هئڻ ڪري ان کي جيون ساٿي نه بنائي سگهيو. سندس 2 شاديون آهن پهرين مان اولاد نه آهي، ٻي مان کيس اولاد آهي. چنبيلي جو گل وڻي ٿو ان جو سبب اهو ٻڌائي ٿو ته سندس گهر واري جو نالو ياسمين آهي سندس زندگي جو وڏي کان وڏو ڏک سندس والده جي وفات آهي. سندس چوڻ آهي ته والده جي دعائن جي ڪري غريب جو ٻار هئڻ جي باوجود هن ڪرسي تي آهيان. عبدالغفار راجپوت جي شخصيت کي هر سياسي پارٽين وارو پسند ڪري ٿو. شايد ان جو ڪارڻ اهو آهي ته هي سنجيده، نيت جو صاف، اصولن جو پابند ۽ پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان نڀائي ٿو. پاڻ غريب شاگردن جي مدد به ڪندو رهيو آهي.