شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

شهدادپور جا ڪجهه مشهور ولي الله

جڏهن کان ڪائنات وجود ۾ آئي آهي تڏهن کان ئي حق ۽ باطل جو سلسلو آمهون سامهون نروار رهيو آهي. سنڌ ڌرتي پيرن، فقيرن، ولي الله جو آستانو رهيو آهي. سنڌ جي قديمي تاريخي شهر شهدادپور ۾ به ڪيترن ئي ولي الله جون مزارون روشني جو مينار بنيل آهن. جن تي روزانو وڏي تعداد ۾ ماڻهو حاضريون ڏين ٿا ۽ من جون مرادون پوريون ڪرڻ لاءِ دعا گهرن ٿا ۽ باسون باسين ٿا.
شهدادپور جا 7 بخاري ولي الله: هتي بخاري سيدن ۽ هڪ سندن ڀيڻ جون مزارون آهن،سندن حياتي جو مڪمل احوال لکت ۾ نه اچي سگهيو آهي. هي بخاري سيد ڪٿان جا هئا شهدادپور ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن پهتا، سندن شجرو ڪهڙو آهي، تاريخ خاموش آهي. ليڪن هنن بابت ٻڌل ڳالهيون ۽ سيني به سينا آيل روايتون ٻڌايون وڃن ٿيون. روايتون آهن ته 6 ڀائر هڪ ڀيڻ بخارا مان محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ شام ، عراق، ايران، افغانستان کان ٿيندي ملتان اوچ شريف کان ٿيندي سنڌ۾ آيا ۽ شهدادپور ۾ اچي آباد ٿيا، چون ٿا ته ماضي ۾ شهدادپور ۾ ڪجهه ڪٽر پڻي جو ذهن رکندڙ هندو هتان جي مسلمانن کي بنا سبب ڏاڍو ستائيند هئا ۽ ٻائي جي مڙهي سندن مرڪز هئي، هتي ڪٽرپڻ رکندڙ بااثر هندو مسلمانن کي عبادت ڪرڻ نه ڏيندا هئا نه ڍڳي ڪهڻ ڏيندا هئا ۽ مسلمانن کي هندو مذهب ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سرگرم هوندا هئا. جڏهن هي بخاري سيد اوچ شريف کان ٿيندي هتان گذريا ته کين هتان جي آبهوا وڻي وئي ۽ جڏهن هو هتي ئي آباد ٿيا ۽ پيار محبت صوفيانه انداز ۾ انهن ڪٽرپڻ جو شڪار هندن سان ڪچهريون ڪيون ۽ هنن جي پنڊت پوڄارين سان به رهاڻيون ڪيون ۽ کين پيار محبت سان اهو سمجهايو ته هر مذهب ۾ هر مذهب وارن کي سندن عقيدي موجب عبادتون ڪرڻ جو حق آهي. آزادي آهي، سڀ مذهب ڪنهن کي به ايزاءُ نه ڏيڻ هڪ ٻئي سان پيار محبت سان رهڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي ۽ هنن بزرگن صوفيت جي پرچار عام ڪئي ۽ پنهنجون ڪرامتون به ظاهر ڪيون. 6 بخاري ڀائرن ۾ سيد فتح محمد شاهه سڀني کان وڏو ٻڌايو وڃي ٿو، سندن ڀيڻ جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي پر روايتون آهن ته پاڻ سڳوري عورتن ۾ دين اسلام، انسانيت ۽ صوفيت جي پرچار ڪندي هئي.
[b]فتح محمد شاهه:[/b] جي مزار شاهه لطيف روڊ شهدادپور ۾ آهي، هي بخاري سيد ان وقت آيا جڏهن شهدادپور ڳوٺ هو ۽ ڪنهن ٻئي نالي سان مشهور هو، هن مزار ويجهو هڪ ڪنڊي جو وڻ آهي، روايتون آهن ته لطيف سرڪار به هن مزار تي آيو هو ته ان ڪنڊي جي وڻ هيٺان ويٺو ان کي لطيف سائين جو تڪيو سڏيو وڃي ٿو، سيد فتح محمد شاهه جي مزار جي ڀرسان ڀارت مان آيل هڪ فقير مسڪين شاهه جي چوکنڊي آهي ان لاءِ مشهور آهي ته هو ڀارت مان سيوهڻ ويو جتي حضرت قلندر لال شهباز جي مزار تي خدمت ڪئي ۽ بعد ۾ کيس خواب ۾ اشارو ٿيو ته هو شهدادپور ۾ سيد فتح محمد شاهه جي مزار تي وڃي خدمت ڪري، سيد فتح محمد شاهه جو عرس مبارڪ 14 کان 16 شوال تي هر سال ملهايو ويندو هو. ان موقعي تي قوالي ۽ محفل موسيقي ٿيندي آهي.
[b]سيد جوتلي شاهه:[/b] سندس مزار ميمڻ پاڙو ۾ آهي، جتي پهرين به شاندار مزار ٺهيل هئي پر اها شهيد ڪري اتي نئين خوبصورت مزار جوڙائي وئي آهي هر سال 14 رجب تي ميلو لڳندو آهي. هن درگاهه جي خدمتگارن ۾ هن بزرگ جي عرس مبارڪ ۾. راڳ رهاڻ پڻ ٿيندي آهي.
[b]سيد گل محمد شاهه:[/b] سندس مزار بخاري پاڙي ۾ آهي، درگاهه جو متولي پهرين به سيد خاندان جا متولي ٿيندا آيا آهن، گل محمد شاهه ويلفيئر ايسوسيئيشن به ٺهيل آهي، هتي هر سال تي عرس ملهايو ويندو آهي. راڳ رهاڻ جي محفل به ٿيندي آهي. خير خيراتون به ٿينديون آهن ۽ ڪافي عرصي کان منظور علي خاصخيلي جي تعاون شاهه لطيف سائين جا راڳي هتي لطيف جو راڳ ڳائيندا آهن. سندس مزار ڪافي مٿي ٺهيل آهي. هن وقت متولي سيد.
[b]نانگو شاهه بادشاهه:[/b] هي مزار مرحوم سيٺ اقبال قريشي جي ڪوششن سان ٺهي، پاڻ سڄي حياتي سار سنڀال ڪندا رهيا، هر سال تي 3 ڏينهن جو ميلو لڳايو ويندو آهي. راڳ رهاڻ ۽ قوالي جون محفلون ٿينديون آهن، هن وقت سندس متولي.
[b]سيف الله شاهه بخاري:[/b] هن جي مزار ماضي جي قاضي ڪاٽن فيڪٽري موجوده انصاف سٽي جي سامهون آهي، ماضي ۾ هن مزار جو خدمتگار مرحوم محمد ايوب چانڊيو ۽ مرحوم سچل لاهوتي هئا. هاڻ ڪافي وقت کان برڪت شاهه ۽ پير امداد قريشي آهن، درگاهه تي ميخانو پير امداد قريشي جي ڪوششن سان ٺهيو ، مزار شهر جي عقدتمند ٺهرائي آهي. هن بزرگ جو ساليانو عرس مبارڪ 14 کان 16 ربع الاول تي لڳندو آهي. راڳ رهاڻ لنگر نياز ٿيندو آهي. نعت خواني به ٿيندي آهي.
[b]سيد عاشق علي شاهه بخاري:[/b] جناح پارڪ ويجهو سندس مزار آهي مزار ۾ سندس ڀرسان سندس خاص خليفو وساڙو فقير به دفن آهي. درگاهه اندر ننڍڙيون قبرون به آهن، جيڪي معصوم بيبين جي نالي سان سڏجن ٿيون. انهن جي نالن جي ڪابه خبر ناهي، درگاهه جو متولي ڏيٿو آهي. هتي هر سال عرس مبارڪ لڳندو آهي. هنن 6 بخارين جي ڀيڻ جو آخري آرامگاهه ڊي ايس پي آفيس پويان جيڪا قبر آهي اها ٻڌائي وڃي ٿي، ان مٿان مزار ٺهيل آهن. 6 بخاري جون مزارون شهدادپور جي عقيدت رکندڙن ماڻهن جي مدد سان تعمير ٿيون آهن، هنن درگاهن جي ٺاهڻ ۾ مرحوم سيٺ اقبال قريشي ۽ ٻين قريشي برادري جي ماڻهن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. هنن 6 ئي بخاري سيدن جي مزارن تي هر وقت خاص طور جمعي رات ۽ جمعي ڏينهن ميلو . هوندو آهي. ڪيترائي سوالي سوال اچي ڪن ٿا، جيڪي پوري ٿيڻ تي باسيل باسيون اچي ڪن ٿا. سڀ کان وڌيڪ زائرين جي رش جو لکي شاهه جي مزار نظر اچي ٿي. هنن مزارن واري هنڌ تي وڏا قبرستان پڻ آهن. سڀني مزارن تي غازي عباس جا علم پاڪ به لڳل آهن، جتي محرم شريف جا 10 ئي ڏينهن عزاداري ٿئي ٿي.
[b]سيد بچل شاهه: [/b]شهدادپور ۾ بخاري پاڙو ۾ مشهور بزرگ سيد بچل شاهه جي مزار به روحاني مرڪز بنيل آهي. جتي هر وقت زائرين جو هجوم هوندو آهي. هن بزرگ جا معجزا به ڏاڍا مشهور آهن. پاڻ 1750ع ڌاري بخارا مان پهرين ملتان پوءِ هتي اچي آباد ٿيو، اسلام جي تبليغ ۽ امن جو پيغام ماڻهن تائين پهچايو. پاڻ ظالم ماڻهو جي هٿ جي ڪابه شئي نه کائيندو هو. اهڙا ماڻهو ڏسندي کين روحانيت ذريعي پتو پئجي ويندو هو. پاڻ حضرت مخدوم سرور نوح رحه جن جي سروري جماعت سان وابسته هئا. پاڻ حياتي ۾ هالا ۽ مخدوم نوح رحه جي درگاهه تي باقائده ويندا هئا. خاص طور هر سهائي سومار تي جتي سندن مزار آهي اتي سندن اوطارو هوندو هو، جتي سندس مريدن ۽ عقدتمندن جو وڏو هجوم هر وقت موجود هوندو هو. بيمار ماڻهن کي قرآني آيتن ۽ پڙهيل پاڻي سان شفا ڏيندا هئا. پريشان حال ماڻهو جون الله سائين کان دعا گهري سندن مسئلا حل ڪرائيندا هئا. قرآن شريف مٺڙي آواز ۾ قرت ڪندا هئا. هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا خير خيراتون ڪندا هئا. روايت آهي ته سندس هڪ سئوٽ کي اولاد نه هو، جنهن دعا لاءِ عرض ڪيو ته کين 7 پٽن جي دعا ڪئي جا الله جي حضور ۾ قبول پئي، پاڻ صاحب ڪرامت ۽ سخي هئا. پاڻ ڪڏهن ڄاوا ڪڏهن وصال ڪيو. خبر ناهي پئجي سگهي آهي، صرف ايتري خبر آهي ته پاڻ 14 ذوالقعد تي وصال ڪيو، سندس پهريون سجاده نشين سندن فرزند سيد اوڀال شاهه ان جي وفات بعد سندس ڀاءُ سيد اميد علي شاهه بعد ۾ سندس فرزند سيد حاڪم علي شاهه سندس وصال بعد سندس فرزند سيد عطا محمد شاهه ان جي وصال بعد سندس ڀاءُ سيد اياز شاهه درگاهه جا سجاده نشين آهن، سيد اوڀال شاهه سيد حاڪم علي شاهه سيد عطا محمد شاهه مشهور سماجي شخصيتون وڏا مهمان نواز سخي ٿي گذريا آهن، سيد بچل شاهه بخاري جي خاندان جو هڪ بزرگ سيد شاهه اڀريو جي مزار مانجهند ضلعي ڄامشورو ۾ روحاني مرڪز بڻيل آهي، جتي علائقي جا ماڻهو حاضري ڏين ٿا. باسيل باسون ڏين ٿا، ان جو عرس مبارڪ هر سال 13 رجب تي ملهايو وڃي ٿو. هن خاندان ۾ اگر پٽ ڄمندو آهي ته هو مڇي ماني ۽ ڪڪڙ رڌي اتي ورهائيندا آهن، جنهن کي ڏاڏي جي ماني چوندا آهن، روايت آهي ته هڪ واپاري اٺ تي سامان رکي اتان اچي لنگهيو ان وقت اتي آبادي نه هئي، اتي اٺ کي ٿاٻو آيو ۽ ڪري پيو.ٽنگن ۾ کيس زخم ٿي ويو ۽ هلڻ کان لاچار ٿي ويو. ان وقت اتي آبادي نه هئي. جهنگ هو رات جي وقت ڪري واپاري پريشان ٿي ويو ته ڪو چور، سامان، ۽ ڏوڪڙ نه ڦري ۽ هن اتي هن بزرگ جو آخري آرام گاهه ڏٺو ۽ اتي خيريت سان ڏينهن ٿيڻ جي دعا گهري اتي ويٺي کيس ننڊ اچي وئي ۽ خواب ۾ کيس بزرگ نظر آيو ۽ چيو ته صبح ٿيندي تنهنجو اٺ ٺيڪ ٿي ويندو، اهو همراهه صبح جو ڏسي ته سندس اٺ جي ٽنگ ٺيڪ هئي۽ ان واپاري عقيدت وچان مٿس مزار اڏائي متولي انڙ فقير آهن، هر سال سيد بچل شاهه جي خاندان جو سجاده ۽ ٻيو خاندان اتي لڳندڙ عرس مبارڪ ۾ وڃي حاضري ڏيندو آهي ۽ لنگر نياز ڪندو آهي.
رجب علي فقير: شهدادپور کان ڏيڍ ڪلوميٽر پري ٽنڊو آدم روڊ تي رجب فقير جي مزار روشني جو مينار بنيل آهي، جتي روزانو وڏي تعداد ۾ زائرين حاضريون ڏين ٿا، دل جون مرادو پوريون ڪرڻ لاءِ باسون باسين ٿا روايتون آهن ته فقير رجب اصل ۾ نئون آباد ويجهو مڱراڙي ديهه جي هڪ ڳوٺ جو هو، پاڻ لطيف سائين تي سوني نيل چاڙهيندڙ حاجي جان محمد وساڻ جو ذاتي ملازم هو، پاڻ وساڻ صاحب جي منڱراڙي واري زمين واري بنگلي تي رهندو هو. روايتون آهن ته جواني ۾ سندس ٽنڊو ڄام ڀرسان هڪ ڳوٺ جي هڪڙا ذات جي هڪ حسين خاتون سان ننهن جو ناتو لڳي ويو پر پاڻ ان کي ماڻي نه سگهيو، جڏهن ان خاتون صاحبه جي شادي ٿي وئي ته پاڻ دنياوي ڪم ڪارين فڪرن کي ڇڏي فقيري ڏانهن مائل ٿي ويو. هفتي ۾ ڪيترائي ڀيرا لطيف سائين جي مزار تي ويندو هو، جتي راڳ ٻڌي مٿس وجد طاري ٿي ويندو هو. کيس لطيف سائين جي شاعري ياد هئي ۽ پاڻ اها ڳائي ٻڌندڙن کي روئاڙي ڇڏيندو هو. ان وقت لطيف سائين جو سجاده نشين علڻ سائين هو. ان جڏهن پنهنجي هن مريد جي اهڙي حالت ڏني ته کيس ڏک ٿيو ۽ پاڻ هن لاءِ دعا گهري ۽ فقيري ورڇ ڏني ان بعد پاڻ مڪمل فقيري اختيار ڪري ڳوٺ جان محمد وساڻ جتي سندس مزار آهي اتي هڪ کٻڙ هيٺان رهڻ لڳو، کيس فقيري حال ۾ ڏسي دعائون لاءِ علائقي جا ماڻهو اچڻ لڳا ۽ ايندڙ سوالين جون حاجتون پوريون ٿيڻ لڳيون،سندس دعائن سان ڪيترائي ماڻهو رڱجي ويا، سندس ڪرامتن ۽ دعائن جي اثر هن علائقي مان نڪري پري پري تائين پهتيون ۽ وٽس ايندڙ ماڻهن جو تعداد وڌڻ لڳو. فقير رجب ڪڏهن پٺا اگهاڙا ۽ گوڏ ٻڌندو هو، ڪڏهن الف ننگو ويٺل هوندو هو. سندس هٿ ۾ هڪ آرسي هوندي هئي ان آرسي کي ڏسي ماڻهن کي ماضي حال ۽ مستقبل جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو. ۽ سندن افعال بيان ڪندو هو، ڪرامت ذريعي ڪوڙن، ظالم بد ڪردار، مطلبي ، ماڻهن جو پتو لڳائي انهن کي اٿي وڃڻ جو چوندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن چوندو هو ته اچو ته اوهان کي آرسي ۾ راڻي ڏيکاريان، سندس وصال جو سال ۽ تاريخ معلوم ناهي، سندس عرس مبارڪ هر سال ملهايو وڃي ٿو، مٿس عظيم الشان مزار اڏيل آهي.
[b]اويس فقير :[/b] حضرت اويس فقير جي مزار ساٽي پاڙي ۾ امام بارگاهه ڀرسان آهي، اهو بزرگ ڪٿان آيو، ڪڏهن آيو، سندس جنم ڪڏهن ٿيو، جنم ڀومي ڪهڙي آهي، ڪنهن کي به معلوم ناهي، سندس مزار ڀرسان رهندڙ مشهور استاد ۽ ادب سان گهري دلچسپي رکندڙ نظير سومرو سندس وڏن کان ٻڌائيل روايتون هن ريت ٻڌايون ته هي بزرگ ان دور جو آهي. جڏهن مير شهداد خان ٽالپر هي شهر اڏرايو جتي هن بزرگ جي مزار آهي، اتي هڪ آوي هوندي هئي ان کي چوڌاري لوڙهو آيل هوندو هو، هي بزرگ ڪنڀارڪو ڌنڌو ڪندو هو، ٺڪر جا ٿانوءَ وٺڻ لاءِ ايندڙن کي لوڙهي جي اندر اچڻ نه ڏيندو هو، چوندو هو پئسا اڇلائي ڏيو ۽ کين گهربل ٺڪر جا ٿانو به اڇلائي ڏيندو هو، اتفاق سان اگر ٿانوءَ زمين تي ڪري پوندا هئا ته ڀڄندا نه هئا. پاڻ سڄو ڏينهن سبحان الله، بسم الله جو ورد ڪندو هو، جنهنڪري شهدادپور جا هندو مسلمان کيس ڪنڀر سان گڏ ولي الله سمجهندا هئا. ساڻس وڏي عقيدت رکندا هئا. ٺڪرن جي ٿانون جا پئسا به پاڻ غريبن کي ڏئي ڇڏيندو هو يا لنگر نياز ڪري ڇڏيندو هو. پاڻ پنهنجو کاڌو پاڻ تيار ڪندو هو، ڪافي ماڻهن عقيدت وچان کيس کاڌو ڏيندا هئا ته کين چوندو هو ته غريبن کي ڏيو. پاڻ پابندي سان نماز پڙهندو هو، رات جو الله جو ذڪر فڪر ڪندو هو، الله هو الله هو جي لات الاپندو هو، جڏهن وصال ڪري ويو ته سندس جسم خاڪي کي آوي جي گهٽي وٽ ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو. جتي سندس عقيدتمندن چوڌاري اوڏڪي ديوار ڏياري ڇڏي. پهرين سندس مزار ڪچن سرن سان ٻڌل هئي. جيڪا بعد ۾ ساٽي پاڙي جي هر دلعزيز شخصيت غلام محمد صبحپوٽو ٺهرائي، سندس مزار تي لڳل علم پاڪ به قديمي ٻڌايو وڃي ٿو، مزار وٽ هن درويش جي دور جو هڪ ٻير جو وڻ به هو، جنهن ۾ کنئور تمام گهڻو ٿيندو هو، جيڪو سندس مزار تي حاضري ڏيندڙ عقيدتمند عقيدت وچان تبرڪ طور کائيندا به هئا. کڻي به ويندا هئا. چون ٿا ته اهو کنئور ان دوريش جي دعائن سان کائڻ سان بيمار صحتياب ٿي ويندا هئا. چون ٿا ته حاجي غلام محمد صبحپوٽو کي بار بار هي درويش خواب ۾ ايندو رهيو ته مٿس مزار ٺهرائي، اويس فقير جي مزار جي ساٽي پاڙي جا تقريب سڀ رهواسي خدمت ڪن ٿا. هر اسلامي مهيني جي 11 تاريخ تي سندس 11شريف ملهائي وڃي ٿي، جنهن ۾ خيرات ٿيندي آهي ۽نعت خواني به ڪرائي وڃي ٿي. هر سال 12 ربيع اول تي هن درويش جو ساليانو عرس ملهايو وڃي ٿو. سومرو فقير شهدادپور ۾ هر داس پوره ويجهو هن بزرگ ولي الله جي مزار آهي جنهن لاءِ مختلف روايتون آهن ڪي چون ٿا سيد هو ڪي چون ٿا ڪلهوڙو هو. شهدادپور جي ٻين ولين ۾ ميمڻ پاڙو ۾ حضرت علي فقير ڳوٺ جلال نوناري ۾ حضرت چڀڙ شاهه، حضرت الهه بچايو شاهه ۾ سيد محبوب شاهه جي مزارون پڻ آهن.
[b]حال حيات روحاني شخصيت سائين علي نواز خاصخيلي[/b]
قاضي احمد کان مورو روڊ جي ڪنڌي تي ڪريم آباد ڳوٺڙو اچي ٿو، سائين علي نواز صوفي فقير صفت انسان آهي، پاڻ 1968ع ۾ نواب ولي محمد اسٽيشن لڳ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم ورتو، ننڍي ڄمار کان ئي فقيري ڏانهن مائل رهيا، پاڻ مولا جي محبت ۾ مصروف هوندا هئا، راند روند، فضول ڳالهين، ڪچهرين کان کين نفرت رهي، عبادت ۾ کين سڪون ملندو هو، قرآن شريف جي تلاوت، شاهه لطيف ۽ ٻين صوفي بزرگن جو ڪلام پڙهڻ سان کين سڪون مليو، ڪجهه سمجهه ڀريا ٿيا ته طريقت ۾ پير پائڻ لاءِ هلڻ لڳا. پنجاب جي جهنگ ضلعي جي هڪ بزرگ سرڪار رياض حسين شاهه عرف رياضڻ ماهيءَ جي نظرن جي تير جو شڪار ٿي ويو، ان لاءِ اگهاڙين پيرين پنڌ ڪري اتي پهتا، اکين ۾ مولا جي محبت جا ڳوڙها ڳاڙيندي وڃي هادي جي قدمن لڳا، ان کان اڳ سرڪار سخي رياضڻ ماهيءَ محفل ۾ ويٺل حاضرين کي ٻڌايو ته .اسان جو عاشق پيرين پنڌ سنڌ کان اچي پيو ۽ سندس پيرن ۾ ڇالا پيا آهن“ اتي حاضر ٿيڻ تي مرشد فرمايو ته، توکي ڇا کپي، فقيريءَ جي سڀني خزانن جون ڪنجيون اڄ کان تنهنجي حوالي آهن، سائين علي نواز فقير صرف رئندا ئي رهيا، سندن اها ادا اهڙي ته مقبول ٿي وئي جو مرشد جي هڪڙي نظر سان فقيريءَ ۽ طريقت جون سڀ منزلون طئه ڪري ورتائون، مجذوبي جي اهڙي ڪفيت طاري ٿي وين جو کائڻ پيئڻ به وسري وين ۽ پنهنجي پاڻ کان به بي خبر ٿي ويا.
اڃا 18 سالن جا به نه ٿيا هئا ته مرشد جي مهرباني ۽ اجازت سان سرڪار غوث پاڪ جي روضي جي حاضري بغداد ۾ ڏنائون، ان بعد مڪي ۽ مديني جي زيارتن جو شرف حاصل ڪيو، ٻه سال کن مديني پاڪ ۾ رهي روضي اظهر جي حاضري ڏيندا رهيا، هي سفر بنا دنوي اسباب جي ڪيائون، مديني شريف ۾ پڪڙ ۾ به آيا، پر ٿيو ائين جو پوليس جي جنهن گاڏي ۾ کين ويهاريائون، اتي پاڻ روضي ڏي ڏسندي رئندا رهيا ۽ دل ۾ چوندا رهيا ته يا رسول الله دنيا جا ماڻهو هتي اچي آزاد ٿيندا، پر جي هتي ٻڌا ته ڪٿي ڇٽندا، نيٺ پڪڙيل ماڻهن سان گاڏيون ڀرجي ويون، ٻيون ته سڀ گاڏيون روانيون ٿي ويون پر جنهن گاڏيءَ ۾ سائين جن ويٺل هئا اها بلڪل چري به ڪانه، اتي پوليس آفيسر کانئن معلوم ڪيو ته ”ڇو ٿو روئين؟“ پاڻ فرمايائون ته مٺي مرسل جي محبت ۾ جڏهن ته گهڻي ڪوشش باوجود به گاڏي نه هلي ته پوءِ کين لاٿائون ته گاڏي هلڻ لڳي، ان کانپوءِ ڪڏهن به پڪڙ ٿي به ته پاڻ پڪڙ ۾ نه آيا. اتي خواب ۾ مير مرسل پاران واپس وڃي اتي جي خلق جي رهبريءَ جو حڪم ڏنو، پاڻ اتان اچي قاضي احمد لڳ نواب ولي محمد ۾ خلق جي خدمت ڪرڻ لڳا، سندن دعائن سان ماڻهن جا مسئلا هڪدم حل ٿي ويندا هئا ۽ مولا جي طلب وارن کي هڪدم حضور پاڪ ۽ مولا سان ملائي ڇڏيندا هئا، سلسلو ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو، حق جي ڳولا ڪرڻ وارا حق سان واصل ٿي وڃن ٿا.
سندن آستاني جو نالو سندن مرشد رياضڻ ماهيءَ ”خانقاه فيض هاشمي“ رکيو، جيڪو ان وقت کان وٺي قائم ۽ آباد آهي، سندن مرشد جي اجازت سان سال 1988ع کان وٺي عيدميلادالنبي صه هر سال شايانِ شان منعقد ٿيندي رهي ٿي، جيڪا نواب ولي محمد ۾ ننڍي پيماني تي شروع ٿي ۽ هاڻي ڪريم آباد ۾ وڏي ليول تي ملهايو وڃي ٿو، جنهن ۾ هڪ اندازي مطابق هڪ لک جي لڳ ڀڳ چئني صوبن جا ماڻهو شريڪ ٿين ٿيا. اسان سڄي ملڪ ۾ ملهائجندڙ جشن عيدميلاد النبي صه ڏٺا آهن، پر هتي ملهائجندڙ ميلاد جو مثال نه ٿو ملي.
سندس خانقاه اڳ نواب ولي محمد ۾ ۽ هاڻ ڪريم آباد شريف ۾ آهي، اتي 24 ئي ڪلاڪ لنگر عام جام هلندڙ آهي. دعا خواه شفا، جسماني خواه روحاني علاج لاءِ ايندڙن جو هر وقت ميلو متل رهندو آهي، هتي جو سائل ڪڏهن به خالي نٿو موٽي، عيدميلادالنبي هر سال 11 ربيع الاول جي شام 12 ربيع الاول جي رات شاندار نموني ملهايو ويندو آهي. ميلاد ۾ غريب توڙي امير لاءِ هڪ جهڙو لنگر هلندو، محفل جي شروعات ذڪر سماع سان ٿيندي آهي، اها مهل اهڙي هوندي آهي جو حضور جي عاشقن جي اکين مان آنسو روان هوندا آهن.
پاڻ موقعي جي نسبت سان اهڙو ته آقا جو شان بيان ڪندا آهن ۽ محبت جو درس ڏيندا آهن جو هر اک اشڪبار هوندي آهي. عالم سڳورا مدني محبوب جو شان بيان ڪندا آهن ۽ نعت خوان به عيقدت جا گل نڇاور ڪندا آهن. اهڙي طرح هي محفل فجر جي اذان تائين هلندي رهندي آهي. صبح جو لنگر شريف بعد شاندار جلوس آقا مدني جي آمد جي سلسلي ۾ ڪڍيو ويندو آهي، ان جي واپس اچڻ بعد وري به لنگر هلايو ويندو آهي ۽ ان بعد خلق کي اجازت ڏني ويندي آهي.خانداهه جي عمارت جو ڪم هلندڙ آهي، مسجد شريف به ٺهي رهي آهي، جيڪا ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تيار ٿي رهي آهي. مسجد شريف جو نقشو مسجد نبويءَ جو رٿيل آهي، جنهن تي گنبذ خضريٰ به ان سان گڏ 120 فوٽن جو مينار شامل آهي، سائين علي نواز فقير جن جو فرمان آهي ته جڏهن هيءَ مسجد ٺهي راس ٿيندي ته پري پري کان ماڻهو هلي اچي مسجد شريف جو ديدار ڪندا، ان کانسواءِ مسجد جي گرائونڊ ليول تي مدرسي جو به انتظام رٿيل آهي، جتي علم جا پياسا شرعي ۽ روحاني علمن سان فيضياب ٿيندا، جشن عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي سائين صوفي علي نواز فقير قادري جن فرمائيندا آهن ته جنهن عقيدت ۽ محبت سان هن ميلاد ۾ شريڪ ٿيا آهيو، اهو سرڪار مديني جو حاضرين مجلس تي خاص ڪرم آهي، هن جشن جي صدقي مالڪ اوهان جون تقديرون بدلائي ڇڏيون ۽ سڀ قضائون، ادائون ٿي وينديون، هتان جي ٻڌل قيمتي ڳالهين کي ٻين تائين پهچائيندڙ اجر جا حقدار ٿيو، اسان جون سڀ رسمي خوشيون سڀ ڪوڙيون خوشيون آهن، پر سرڪار مدينه جي آمد جي خوشي ئي حقيقي خوشي آهي، هن ۾ ڀرپور حصو وٺو ۽ پنهنجي دامن حقيقي خوشين سان ڀريو، اڄ محفل ۾ جيڪي به شريڪ آهن، تن سان واعدو آهي ته جيڪا به هڪ هڪ نيڪ خواهش دل ۾ هوندي، اها آقا مدينه جي صدقي ۾ ضرور پوري ٿيندي. ان ڪري عقيدت ۽ محبت سان جاڳي پنهنجي دامن رحت سان ڀريو ڇو ته اڄوڪي رات الله جي ذات جي رحمت جوش ۾ آهي.

[b]هالا کان ابڙان تائين روحاني سفر[/b]
ابڙان جي ولين سيد ڪرم علي شاهه، سيد لطف علي شاهه ۽ سيد لياقت علي شاهه بابت ڀيڄ ڀٽائي ميگزين پاران خصوصي نمبر شايع ڪرڻ جي سلسلي ۾ ابڙان ۾ سندن آخري آرام گاهه جون تصويرون وٺڻ لاءِ 2006-4-9 آچر ڏينهن صبح جو 7 وڳي هالا ۾ حضرت مخدوم نوح سرور جي ۽ مخدوم طالب الموليٰ جي مزار تي حاضري ڀري هالا کان ابڙان ضلع نوشهروفيروز ڪار ۾ روانا ٿياسين، پروگرام ۾ صوفي بزرگن سان محبت رکندڙ ادب دوست شخصيت صوفي احمد ٽڳڙ جيڪو اصل ابڙان شهر جو آهي ۽ ايريگيشن اسڪارپ جو هيڊ ڪلارڪ آهي، ان کي ۽ ڪامريڊ اياز ميمڻ کي گڏ هلڻو هو، پر صوفي احمد ٽڳڙ جو پروگرام عين وقت تبديل ٿي ويو، کيس آفيس جي ضروري ڪم سان وڃڻو هو، ان ڪري صوفي احمد ٽڳڙ بجاءِ صوفي راڳي سڄڻ فقير سنبري پيو ۽ اسان کان اڳ ڪار جي اڳين سيٽ تي ويهي رهيو. مورو ڪراس ڪرڻ بعد خيال ٿيو ته نوان جتوئي جي مشهور بزرگ هستي سيد دلڻ شاهه ۽ شاگرد تحريڪ ۾ شهيد ٿيل سيد علي مردان شاهه جي مزارن تي حاضري ڏجي ۽ مشهور شاعر، اديب شاهه لطيف جي پارکو حافظ محمد بخش خاصخيلي جي اوطاق تي کن پل وڃجي ۽ سندس مزار تي قل پڙهجن ۽ اسان جي محسن دوست مشهور اديب صحافي محمد مٺل حيدري جي خدمت ۾ به حاضر ٿجي. 10 وڳي ڌاري اسين نوان جتوئي پهتاسين، اسٽاپ تي اسان کي حافظ محمد بخش خاصخيلي جو ڀائٽيو ۽ ادبي وارث گدا حسين خاصخيلي مليو، جيڪو ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ سورهيه بادشاه سيد صبغت الله راشدي جي ملهائجندڙ ورسي ۾ وڃي رهيو هو، ساڻس ملياسين. حافظ محمد بخش خاصخيلي وانگر وڏي محبت، پيار پاٻوهه سان مليو، اسان کيس ڊسٽرپ ڪرڻ نه ٿي چاهيو، کيس سورهيه بادشاهه جي ورسي ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني. پروگرام تبديل ڪري حافظ محمد بخش خاصخيلي جي اوطاق تي وڃڻ بجاءِ صرف سندس آخري آرام گاهه تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. حضرت سيد دلڻ سائين جي مزار تي ويندي واٽ تي جتوئين جي قبرستان جي نالي سان قبرستان ۾ حافظ محمد بخش جي آخري آرام گاهه تي قل پڙهيا، جتان حضرت سيد دلڻ سائين جي مزار تي پهتاسين. سيد دلڻ سائين جي مزار تي ۽ شاگرد تحريڪ جي شهيد سيد علي مردان شاهه، مشهور صوفي بزرگ سيد محمد جڙيل شاهه، سيد فضل الله شاه ۽ سيد علي مردان شاهه جي مزار تي حاضري ڏنيسين.
سيد دلڻ سائين پنهنجي دور جو مشهور صوفي بزرگ هستي ٿي گذريو آهي، سندس راڳ ۽ ويراڳ سان وڏي دلچسپي هوندي هئي. پاڻ صاحب ڪرامت هئا، سندن زندگي رب سائين جي عبادت ۾ گذري، سيد جڙيل شاهه سندس ئي خاندان مان هو، سيد جڙيل شاه هڪ فقير صفت انسان هو، سڄي حياتي گيڙو لباس پهريندو هو. راڳ ويراڳ سان وڏي دلچسپي هئي، جڏهن ته سيد علي مردان شاهه سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پڙهندو هو. پاڻ قومي تحريڪ سان لاڳاپيل هئا ۽ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي پاسباني لاءِ شهيد ٿيا. سيد فضل الله شاه صوفي طريقي جو مالڪ هو، سڄي سنڌ ۾ درگاهن تي ويندو هو. راڳ ويراڳ سان ايڏي دلچسپي جو راڳ ٻڌڻ کانسواءِ هڪ منٽ به رهي نه سگهندو هو. راڳ ٻڌڻ کانسواءِ ائين بي چين هوندو هو، ايئن تڙپندو هو جيئن مڇي پاڻي کانسواءِ تڙپندي آهي.
سيد دلڻ شاهه، علي مردان شاهه، سيد فضل الله شاهه ۽ اتي ٻين بزرگن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد هنن مزارن جي ڀرسان مشهور بزرگ هستي سيد رکيل شاهه جي مزار تي حاضري ڀري دلڻ شاهه جي سجاده نشين سيد عرفان علي شاهه بابت درگاهه تي ويٺل فقراءَ کان معلوم ڪيوسين ته هنن ٻڌايو ته سائين حويلي تي آهي، مون کيس پنهنجو وزيتنگ ڪارڊ موڪليو، تقريباً 40 منٽن بعد وزيٽنگ ڪارڊ کڻي ويندڙ فقراءَ ٻڌايو ته سائين سيد عرفان علي شاهه نوان جتوئي نڪري ويو آهي. جڏهن ته سيد رکيل شاهه جو سجاده نشين سيد ميرل شاهه بابت شروع ۾ ٻڌايو ويو ته هو دادو ويل آهي، اتان نوان جتوئي پهچي سيد عرفان علي شاهه جي ويهڻ وارن تمام هنڌن تي کيس ڳوليوسين پر اتي ٻڌايو ويو ته سائين ڳوٺان آيو ئي نه آهي، حالانڪه اسان جو سائين عرفان شاهه ۾ ڪوبه ڪم ڪار نه هو، اسان چاهيو پئي ته ساڻس ملاقات ڪري سيد دلڻ شاهه ۽ اتي مدفون ٻين بزرگن بابت ڄاڻ وٺجي ۽ کائونس دعا وٺجي پر افسوس جو...!
سيد دلڻ شاهه جي درگاهه تي ويندي محمد مٺل حيدري چانڊيو جيڪو نوان جتوئي جو صحافي، ليکڪ، مثالي استاد، سماج سڌارڪ، وڏو مهمان نواز آهي، بابت پڇا ڪئي. اسان کي ٻڌايو ويو ته هو سامهون واري ڪلينڪ تي ويهندو آهي. اتي پهتاسين ته خبر پئي ته پاڻ اڃان ڳوٺان آيا نه آهن، ان ڪري حيدري چانڊيو لاءِ نياپو ڇڏي وياسين، واپس آياسين ته هو اسان جو بي چيني سان انتظار ڪري رهيو هو. حيدري چانڊيو سان خط ڪتابت ته سالن کان آهي، فون تي به ڳالهائيندا رهندا آهيون پر روبرو ملاقات صرف هڪ دفعو نوشهروفيروز ۾ سنڌ صحافي سنگت جي هڪ ڪنوينشن ۾ ٿي هئي، ان وقت سندن سونهاري شريف کي ڪارو رنگ آيل هو ۽ سونهاري مبارڪ ٿوري وڏي هئي، پر هاڻ سونهاري به ننڍي ڪرائي ڇڏي اٿس ۽ رنگ روپ نه ڪرڻ ڪري سونهاري سفيد ٿي ويئي اٿس. مون کيس سڃاڻي ورتو پر هن نه سڃاتو، بعد ۾ تعارف ٿيو، پاڻ ٻيهر اٿي انتهائي پيار پاٻوهه سان مليو، محمد مٺل حيدري چانڊيو وڏو محبتي ماڻهو آهي، سندس مهمان نوازي جي هاڪ به وڏي آهي. حيدري چانڊيو خوش خرابت بعد چيو ته هلو ته ڳوٺ هلون، اسان چيو ته حيدري صاحب ڏاڍا تڪڙا آهيون، بس ديدار ڪيوسين هاڻ پيرن تي هٿ رکي موڪلايون ٿا، پر حيدري چانڊيو بگڙي پيو، چئي ائين ڪيئن ٿيندو، نوان جتوئي آيا آهيو ۽ منهنجي اوطاق تي هلڻ ۽ ماني کانسواءِ هليا ويندو ته پوءِ مون تي لعنت هجي. ڪامريڊ اياز ۽ مون کيس منٿ ڪئي ۽ چيو ته ٻئي دفعي رات اچي رهبي پر حيدري چانڊيو صفا ٻروچ ٿي بيهي رهيو، چئي ته هلو نه ته آئون هتي روڊ تي ويهي بک هڙتال ڪندس. اسان چيو ته اسان کي اجازت نه ڏيندا ته اسين به روڊ تي ويهي احتجاج ڪنداسين، بعد ۾ حيدري چانڊيو چيو ته ڀلا اوطاق تي قرب جا پير ڀري پوءَ وڃو. مون چيو ته صرف پاڻي پي واپس اينداسين. حيدري چانڊيو چيو ٺيڪ آهي، نوان جتوئي کان 2 اڍائي ڪلوميٽر پري سندس ڳوٺ آهي، سندس اوطاق ۽ اسڪول گڏ آهن، حيدري چانڊيو مشهور استاد به رهيو آهي.
حيدري چانڊيو اسان کي اوطاق تي ويهاري پاڻ گهر هليو ويو ۽ سندس پٽ پاڻي کڻي آيو، 20 منٽ ويهڻ بعد سندس پٽ کي چيوسين ته سائين حيدري چانڊيو کي وٺي اچو ليٽ پئي ٿئي. اڌ ڪلاڪ بعد حيدري چانڊيو ۽ سندس پٽ ماني کڻي آيا ۽ اسان کي حيرت ٿي ته اڌ ڪلاڪ ۾ ماني ۽ اهي به 5 کن ڊش ڏاڍي حيرت ٿي. حيدري چانڊيو ڪچهرين جو وڏو ڪوڏيو، سندس وات مان نڪتل لفظ لفظ موتي برابر هئا. ڀٽ ڌڻي جي رسالي تي وڏو عبور حاصل آهي، ڳالهه جي نسبت سان شاهه لطيف جو شعر پڙهي. دل پئي چوي ته هتي هفتو کن رهي حيدري چانڊيو سان ڪچهريون ڪري ڪجهه پرائجي پر اسان وٽ وقت گهٽ ۽ شيڊول ٽائيٽ هو، ان ڪري حيدري چانڊيو جي ڳوٺ مان واپس نوان جتوئي اچي حيدري چانڊيو کان موڪلائي ابڙان روانا ٿياسين. مٺياڻي شهر جي ٻاهران 20 صدي جي مشهور بزرگ هستي صاحب ڪرامت سيد علي گوهر شاهه جي درگاهه آهي، اسان اتي حاضريءَ لاءِ پهتاسين. حضرت سيد علي گوهر شاه نوشهروفيروز کان ٻه ڪلوميٽر پري نانگو شاهه درگاه تي سندس حويلي هئي، پاڻ 20 صدي جا مشهور بزرگ هستي ۽ صاحب ڪرامت ٿي گذريا آهن. پاڻ بنيادي طور اهلسنت سان وابسطه رهيا، بعد ۾ فقيري واري رنگ ۾ رڱجي ويا. سندن هالا، مٽياري، ٽنڊو ڄام تعلقن جي بزرگن سان صحبت ۾ 12 سال رهيا، سيد علي گوهر شاهه اعليٰ پائي جا شاعر پڻ هئا، پاڻ بهترين حڪيم به هئا. پاڻ في سبيل الله ماڻهن جو علاج ڪندا هئا، بعد ۾ پاڻ مٺياڻي لڳ ڪار بڇا ۾ آستانو قائم ڪيو ۽ اتي ئي وفات ڪئي ۽ سندن وصيت موجب اتي ئي کين سپردخاڪ ڪيو ويو. سندن آخري آرام گاه تي انتهائي وڏو ۽ خوبصورت قبو اڏيل آهي. ڀيڄ ڀٽائي ميگزين سٿ جو قافلو درگاهه تي چادر چاڙهڻ ۽ دعا گهرڻ بعد سجاده نشين سيد زمان شاهه سان ملاقات ڪئي، جيڪو روينيو بورڊ حيدرآباد ۾ ريڊر آهن، هردلعزيز مهمان نواز، فقير طبيعت انسان آهي. ياد رهي ته حضرت سيد علي گوهر شاهه جي سجاده نشين تي تڪرار هلندڙ هو. ڇاڪاڻ ته سيد علي گوهر شاهه کي اولاد نه هو، سيد زمان شاهه علي گوهر شاهه جو ڀائٽيو آهي، سندس چوڻ آهي ته سجاده نشين جي دعوا ڪندڙ ٻيو شخص ڌاريو آهي. هن ٻڌايو ته ڪورٽ سڳوري به 16 سال ڪيس هلائڻ بعد کيس سجاده نشين جي ڊگري ڏني، هن چيو ته سجاده نشين جو ٻيو دعويدار سندس ۽ مٽ مائٽن خلاف لاتعداد ڪوڙا ڪيس ڪيا آهن، جيڪي اڃا به هلن پيا، سيد زمان شاهه جا 4 فرزند آهن، جن ۾ سيد سجاد حسين شاهه، سيد اعجاز شاهه، سيد نويد شاهه، سيد نور شاهه عرف جاني شاهه آهن. سيد زمان شاهه سان گڏ سيد علي گوهر شاهه جي آستاني تي وياسين جتي سندن استعمال جو سامان، کٽ، بسترو ۽ ٻيو سامان پيل هو. اتي سندس ڪتي جي کٽ به رکيل آهي. سيد علي گوهر شاهه جي مزار تي وڏي تعداد ۾ عقيدتمند آيل هئا، سيد زمان شاهه کان دعا وٺي سيد علي گوهر شاهه جي مزار تي ٻيهر سلام ڪري ابڙان پهتاسين جتي سيد لياقت علي شاهه جي والد سيد علي حيدر شاهه، ڀائٽي سيد لال محمد شاهه سان ملاقات ڪئي. اتي ابڙان جي هردلعزيز شخصيت غلام مصطفيٰ خاصخيلي به اسان جي انتظار ۾ ويٺو هو، غلام مصطفيٰ خاصخيلي، حضرت سيد ڪرم علي شاه جي مزار جي فقير يوسف خاصخيلي جو پٽ آهي. جنهن اسان کي ريفريشمينٽ ڪرائي، سيد علي حيدر شاهه ۽ سيد لال محمد شاهه حال احوال ڪرڻ بعد سيد لياقت علي شاهه جي مزار تي وياسين، جتي گلن جي چادر ۽ ڪلمي واري چادر سندس ۽ ساڻس گڏ رکيل ٻين سيدن تي چاڙهي قل پڙهياسين، بعد ۾ سندس ڀاءُ سيد مشتاق شاهه جي مزار تي گل رکياسين. لياقت علي شاهه جي مزار صوفي احمد ٽڳڙ جوڙائي آهي، جنهن کي لياقت علي شاهه بار بار خواب ۾ اچي سندس مٿان مزار ٺهرائڻ جو اشارو ڏنو. اتان کان ابڙان جي هردلعزيز شخصيت مشهور ليکڪ، شاعر، استاد ثاقب سومرو سان ملاقات ڪئي. ثاقب سومرو پيارو ماڻهو آهي، سندس چانهه پي بعد ۾ حضرت سيد ڪرم علي شاهه، سيد لال محمد شاه ۽ سيد لطف علي شاهه جي درگاهه ۽ يوسف فقير خاصخيلي جي آخري آرام گاه تي حاضري ڀري، بعد ۾ ڀيڄ ڀٽائي مگزين سٿ جو قافلو کاهي راهو ۾ درگاهه سيد بچل شاهه تي حاضري ڀري ۽ درگاهه جي خدمتگار علي نواز لاڙڪ سان ملاقات ڪئي. اتان نوشهروفيروز پهتاسين جتي مشهور صوفي بزرگ حضرت صوفي شاهه نصير ۽ نول گهوٽ جي مزار تي وياسين، قل پڙهڻ بعد ڪلهوڙا دور جي ٺهيل مسجد جيڪا زبون حالت۾ آهي، اها ڏٺي، اها مسجد مخدوم شهاب الدين سير ڌڻي ٺهرائي هئي، بعد ۾ درگاهه جي سجاده نشين صوفي شاهه نصير نقشبندي سان ملاقات ڪري سائين حضرت شاهه نصير صوفي بابت معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن چيو ته سائين صوفي شاهه نصير جون ڪرامتون، شاعري ۽ سندس شجرو لکت ۾ موجود هو، پر سندن وڏن ۾ ڪنهن ڳالهه تان تڪرار ٿيو ۽ اهو شجرو، ڪلام ۽ ٻيو احوال کوهه ۾ اڇلايو ويو، ان ڪري هو ڪو احوال نه ٿو ڏئي سگهي. البت سندس چاچو پير رفيع الدين عرف اڪرام الدين وٽ ڪجهه نه ڪجهه معلومات آهي. اوهان ان سان ملاقات ڪريو، رات ٿي وئي هئي، ان ڪري سيد پير رفيع الدين صاحب سان چاهيندي به ملاقات نه ڪري سگهياسين، اسان جي شيڊول ۾ مشهور صوفي بزرگ فقير علي نواز خاصخيلي سان ملاقات ۽ سيد مهدي شاهه جي مزار تي وڃڻ، نوشهروفيروز جي صحافين سان ملاقات، هالاڻي ۾ سنڌ صحافي سنگت جي مرڪزي اڳواڻ محمد بچل هنڱورو سان ملاقات جو ارادو به هو، پر رات ٿي وئي، واپس گهر پهچڻو هو ان ڪري اهو پروگرام ڪينسل ڪري واپس موٽياسين.
اسان جي ڪوشش هوندي ته حضرت سيد علي گوهر شاهه، سيد دلڻ شاهه، سيد رکيل شاهه، سيد فضل الله شاهه، حضرت صوفي نصير، سيد بچل شاهه بابت الڳ ايڊيشن شايع ڪريون، ليڪن ان لاءِ شرط اهو آهي ته سندس سجاده نشين اسان سان هر طرح جو سهڪار ڪن.
صوفي بزرگ ۽ شاعر محب فقير ٽالپر
محب علي خان المعروف محب فقير ٽالپر جو شمار مشهور صوفي شاعرن ۽ روحاني رمزن ۾ رڱيل فقيرن ۾ ٿئي ٿو. سندس شاعري ۾ عشق مزاجي عشق الاهي شامل نظر اچي ٿو. پاڻ ڪامل صوفي درويش هئا. ننڍي ڄمار کان سندس طبيعت فقيري ڏانهن مائل هئي. پاڻ پنهنجي ڳوٺ مهر علي خان ٽالپر” تزد شهدادپور“ ۾ ڪيترن ئي ايڪڙن ۾ مئخانو نالي او طارو قائم ڪيو. جنهن ۾ فقير فقراءَ، مسافرن لاءِ ڇپر ٺهرايو ، مئخاني ۾ انبن جا وڻ مختلف قسمن جا گل ٻوٽا رکيا. سندس مئخاني ۾ هر طرف گلن جي خوشبو مهڪي ٿي. سندس حياتي توڙي اڄ تائين مئخاني تي هر وقت فقير فقراءِ جون ڪچهروين راڳ ويراڳ جون محفلون متل آهن. محب فقير ننڍي عمر کان دل جا سخي حساس رحم دل خلق خدا جي خدمت ڪندڙ رهيو. سندس ڳوٺ جي صوفي فقير ۽ شاعر دلاور خاصخيلي سان محبت هئڻ ڪري کيس روحاني رمزن جي ڄاڻ ملي، پاڻ 19 سالن جي عمر ۾ شاعري ڪئي. سندس پهريون شعر:
منهنجو هوتن ڏي آهي حرف حفي،
ڇڏي ننڊ ۾ نماڻي ويا لال لڪي.
شاعري ۾ به سندس رهنمائي ۽ همٿ افزائي دلاور فقير ڪئي. بعد ۾ سندس صوفي بزرگن، فقيرن، شاعرن سان ملاقاتون ٿيون جنهن سان سندس روحاني ول ولو روحاني قوت ۽ شاعري وارو رجحان تيزي سان وڌيو. جڏهن سندس ملاقات حمزو ٽالپر ۾ حاجي عبدالڪريم ڪنڀر جهڙِ بزرگ شخصيت سان ٿي ته ان سندس نفسياتي اوڻائين تي گهرو اثر ڇڏيو ۽ محبت الاهي سان سرشار ٿيڻ لڳا. هڪ دفعي پاڻ عجيب خواب ڏٺو ته ڪو بزرگ سندس سر گهري رهيو آهي. هن پنهنجو سر ان آڏو پيش ڪيو ته ان سر ڪٽي ورتو ۽ پوءِ ڌڙ جي پٺي ٺپوري چيائين وڃ هاڻ تون بي سر آهين ان خواب هن کي بي چين ڪري وڌو، ڪجهه سالن کان پوءِ خواب ۾ ڏٺل بزرگ وٽ سندن حاضري ٿي، جيڪو مشهور ولي الله حضرت محمد فقير گهوٽو ”ڳوٺ حسين ٻيلي گهوٽڪي“ هو ۽ پاڻ ان بزرگ جو طالب بنيو ۽ مرشد کان هم اوست ۽ هم از دوست سکيو ۽ مڪمل طور روحاني فقيري رنگ ۾ رڱجي ويو ۽ پاڻ به ڪيترن ئي ماڻهن کي فيض ڏنو سندس وڏي تعداد ۾ طالب ٿيا. پاڻ دعائن جو گهر هئا. سندس دعائون ڪيترن ئي ماڻهن کي رڱي ڇڏيو، پاڻ مئخاني تي فقير فقراءَ ديسي پرديسي جي دل جان سان خدمت ڪندا هئا. پاڻ سنڌي، اردو، هندي جا بهترين شاعر هئا. پاڻ سر سهڻي، سر سسئي، سر ليليٰ مجنون، سر مومل راڻو، سر عمر مارئي، سر ڪاموڏ، نوري ڄام تماچي، سر ڪاپائتي، سر سورٺ، سر هير رانجها، سر ڪيڏارو، سر رامڪلي، سر سريراڳ کان سواءِ ذڪر خداوندي، شان حضرت محمد صه مصطفيٰ، شان علي، شان مرشد، الاهي عشق، سوز عشق، ڄام ساغر و مينا، نيڻ، اکيون، اسرار سارو اندر ۾ وحده ۾ الوجود، منصوري مام، شان مئخانه، ملان۽ منصور حيات ابدي، اظهار محبت ۽ عشق ۽ آذر تي خوبصورت شاعري ڪئي آهي. سندس شاعري ۾ روحاني رمزون شامل آهن. پاڻ فقيراڻي رنگ ۾ رڱيل هئا. انتهائي سادا سادگي پسند، مسڪين ۽ بيواهن، يتيمن جا همدرد رهيا، پيشي جي لحاظ کان پاڻ استاد هئا. ڪيترن ئي اسڪولن ۾ ماستر بعد ۾ هيڊ ماستر رهيا ان عهدي تي رٽائرڊ ٿيا، سندس شاگرد ۽ جن اسڪولن ۾ رهيا اتان جا ساڃاهه وند ماڻهو کيس ذهين ۽ همدرد استاد چون ٿا. سندس پڙهائڻ جو طريقو دلچسپ ۽ پراثر هو. کيس سنڌي سان گڏ اردو، هندي، فارسي، عربي، زبانن تي به عبور حاصل هو. پاڻ بهترين حڪيم به هئا. ننڍي هوندي مشهور حڪيم عبدالحق جتوئي کان حڪمت سکي پاڻ ٻاهرين جراحي به ڪندا هئا. حڪمت ذريعي خلق خدا جي خدمت ڪندا هئا. پر انهن غريب مريضن جي رهائش کاڌي جو به انتظام ڪندا هئا. پاڻ ظاهري طور دنياوي ڪم ڪارين ۾ مشعول هوندا هئا. پر سندن دل ذڪر الاهي ۾ مشغُل هوندي هئي. پاڻ تصوف ۾ قادري طريقو رکندا هئا. پاڻ مذهبي متڀيد ۽ فرقن جي فرق کان هميشه پري رهيا. پاڻ چوندا هئا ته اسان جو مذهب صرف انسانيت آهي. پاڻ مذهبي مت ڀيد تي هڪ ڊگهو نظم به لکيو جنهن جو هڪ بند ۾ پاڻ چيو آهي ته:
هر گز هندو ناهيان نڪي مسلمان،
سکيو پاٺُ پريم جو ٿيڻ سچو انسان،
اسانجو ايمان، محبت آهي محب چوي.
ان ڊگهي نظم ۾ جيڪو مذهبن ملڪ منجهايو آهي. ان بابت کليل بغاوت ڪئي آهي پاڻ الله سائين جي وحدانيت تي به ڪيترائي شعر چيا آهن. انهن مان هڪ شعر جون چند سٽون هيٺ ڏيون ٿا.
تون ذوالجلال و لاڪرام سائين سچو آ تنهنجو نام،
ٻيا سڀ نام ٻيائي و ارا واحد تون وريام،
تون ئي ظاهر تون ئي باطن اول تون ئي انجام،
ڪي الکُ چون ڪي الله چون ڪي هري چون هرنام،
پنڊت پروهت ٻڌ ۽ ٻاوا جين پڙهن جئي رام ،
گردُ واري ۾ گُرو پڙهايو سکن کي ست نام،
ڪُل ئي ڪتاب ڪمال تنهنجي جو پوتر ڏين پيغام،
مطلب ”محب مڙئي ٿين پورا ربُ ڪيو جن رام.
پاڻ حضرت محمد صه جن جي شان ۾ به ڪيتري ئي شاعري ڪئي آهي. ظاهري طور سندس عشقيه شاعري جون روحاني زمرون ٻيون آهن. پاڻ پنهنجي ڪيتري ئي شاعري ۾ قرآني آيتون به ڪم آنديون آهن. پاڻ حضرت امام حسين سندس اهل بيتن ۽ ڪربلا جي شهيدن تي به سر ڪيڏارو ۾ شاعري ڪئي اٿن. پاڻ شاعري ۾ ڏکيا لفظ گهٽ استعمال ڪيا آهن. عام ماڻهو به سندن شاعري آساني سان سمجهي وڃي ٿو. پاڻ پنهنجي طالبن، فقراءِ ۽ اولاد مٽ مائيٽن کي چوندا هئا ته پاڻ کي سڃاڻو ته اوهان جي هستي ڇا آهي. هتي ڪهڙي مقصد لاءِ آيا آهيو جيڪڏهن اوهان پنهنجي نفس کي سڃاڻو ۽ نفسياني خواهش تي ضابطو آندو ته پوءِ اوهان خود اها شيءَ ٿي پوندو جنهن جي توهان کي تلاش آهي. ذڪر سان گڏ فڪر به ڪريو ڇو ته فڪر، ذڪر کان به وڌيڪ آهي. پاڻ انسان جون 5 اندريون ”حواس“ ٻڌايون آهن جن ۾ ”ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موهه، اهنڪار انهن کي قابو ۾ آڻي نفس کي فنا ڪري سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ بعد غرور ڪيائين ته به طالب منزل تائين ڪري پوندو. اهي منزلون مرشد، جي مدد سان آسان ٿي وڃن ٿيون.محب فقير ٽالپر وحدت الوجود تي يقين رکندا هئا. پاڻ چوندا هئا ته جيڏانهن به نظر ڪريون ٿا جيڪو ڪجهه ڏسون ٿا اهو سڀ ڪجهه هو پاڻ آهي. صرف رنگ روپ مختلف آهن. اها سائين اول آخر باطل هر رنگ ۾ موجود آهي جنهن جي به عين جي اک کليل آهي. اهو سندس جلوو ڏسي ٿو ان نور جو جلوو بي رنگ بي چون ۽ بيمثل آهي. ان کي ڪنهن به شيءَ سان تشبيه نه ٿي ڏئي سگهجي صرف اهل دل ان کي محسوس ڪري سگهي ٿو. فقير صاحب تصوف جي علم باطني ۽ ظاهري علم رکندا هئا. اڪثر وٽن ايندڙ طالبن، فقراءِ سان پراثر ڪچهريون ڪندا هئا ۽ کين نصيحتون ڪندا هئا پاڻ ڪچهرين ۾ لطيف سائين، سچل، سامي، بيدل، ڪبير ڀڳت، مولانا رومي، علامه اقبال، حافظ شيرازي جي شاعري جي شرح ۽ روحاني معنيٰ سمجهائيندا هئا. کين قرآن شريف، حديثن، گيتا، انجيل، جپ صاحب جي ڄاڻ به ڏيند اهئا. وٽن هر وقت سندن چاهيندڙن جو ميلو متل هوندو هو. پاڻ صاحب ڪرامت هئڻ جي باوجود ظاهري ڪرامتون نه ڏيکاريون. سندس ڪلام ۾ ڪافي، بيت، ڏوهيڙا، غزل شامل آهن. سندس شاعري ۾ قوالي، حمد، ثنا جو به رنگ نظر اچي ٿو. سندس ڪلام سندس فرزند ڊاڪٽر حاتم علي ٽالپر محبت سندا موتي جي نالي سان ڇپرايو آهي. محب فقير ٽالپر جو وصال 6 جنوري 1999ع بمطابق 17 رمضان 1419هه اربع ڏينهن فجر جو 4 وڳي ڌاري ٿيو آهي. کين سندن مئي خاني جي مٽي ۾ ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو. جتي هر سال 17 رمضان تي 2 روزه عرس مبارڪ ملهايو وڃي ٿو. جنهن ۾ سڄي رات راڳ ويراڳ ٿئي ٿو ۽ لنگر عام به هلايو وڃي ٿو. جنهن ۾ سڄي سنڌ مان ساڻس محبت رکندڙ وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿين ٿا. سندن جنم 12 سيپٽمبر 1923ع تي محمد علي خان ٽالپر جي گهر ۾ ٿيو. پاڻ سنڌي فائينل پاس هئا. پاڻ شروع ۾ سڪرنڊ زرعي فارم تي به ملازمت ڪئي، بعد ۾ ماستر ٿيا. پاڻ ان پيغمبري پيشي سان وابسته ٿي مخلص استاد وارو ڪردار ادا ڪيو. هن وقت سندس مئخاني کي سندن فرزند فقير اعجاز علي ٽالپر جيڪو سندن سجاده نشين آهن اهي مچايو ويٺا آهن. فقير اعجاز ٽالپر ڊاڪٽر حاتم ٽالپر به بهترين شاعر آهن. ڪتاب محبت سندا موتي ۾ سندن شاعري به ڇپيل آهي.

[b]حضرت بهادر فقير لغاري جي بزرگي ، شخصيت ۽ شاعري [/b]
سنڌ درويشن جو ديس آهي، جن وڏا ڪشالا ڪڍي ان منزل تي پهتا پاڻ کي فنا ڪري امر ٿي ويا، انهن درويشن مان حضرت بهادر فقير لغاري به هڪ آهي، جنهن انتها پسندي جي حوصله شڪني ڪئي جنهن علائقي ۾ پيار امن جي خوشبو پکيڙي جنهن پنهنجي طالبن پنهنجي عقيدتمندن کي ڪنهن جي دل نه ڏکائڻ، پاڻ ۾ سهپ پيدا ڪرڻ، پاڻ ۾ خدمت جو جذبو پيدا ڪرڻ، مالڪ کي راضي ڪرڻ، مالڪ تي توڪل رکڻ، ضرورت ۾ ڪنهن آڏوهٿ نه ٽنگڻ جو درس ڏنو، پاڻ صوفي شاعر به هئا، پر طالبن کي شاعري لکڻ منع ڪري ڇڏي هئي ڪڏهن ڪڏهن وجد ۾ اچي پنهنجا صوفياڻه ڪلام خود ڳائيندا هئا، سندس وڏا ديرا غازي خان جا هئا ، فقير جو پڙڏاڏو ڪامل خان لغاري ڪلهوڙن جي دور ۾ اتان لڏي شهدادپور ويجهو پنهنجي نالي تي ڳوٺ آباد ڪيو پاڪستان جي وجود کان اڳ هي ڳوٺ ننڍڙو شهر ۽ واپار جو مرڪز هو ڪيتريون ئي ذاتيون آباد هيون . آزادي واري هلچل ۾ هي ڳوٺ “ وطن يا ڪفن” واري تحريڪ جو مرڪز رهيو ۽ حرن جو پناهه گاهه به رهيو ۽ انگريز سرڪار هن ڳوٺ ۾ قهري ڪاروايون جاري رکيون ، ان ڪري ٻيا عام ماڻهو لڏي ويا ، انگريز سرڪار ڳوٺ جي مردن کي گرفتار ڪري ملڪ جي مختلف جيلن ۾ سخت پورهئي ۾ رکيو ۽ عورتن ۽ ٻارن کي لوڙهن ۾ رکي ڳوٺ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ، پاڪستان ٺهڻ بعد ٻيهر آباد ڪيو ويو ، هن ئي ڳوٺ مان حضرت بهادر فقير جي خاندانن مان حضرت شاهه مردان شاهه اول شادي ڪئي هئي حضرت بهادر فقير لغاري 1897ع بمطابق 1316 هه ۾ سانوڻ فقير بن شير محمد فقير لغاري جي گهر ۾جنم ورتو ننڍي هوندي کان سندس طبعيت فقيراڻي هئي ، دنيائي ڪمن ڪارين ۾ ڪا خاص دلچسپي نه رهي ، سنڌي فائنل ، قرآن شريف ۽ فارسي عربي جي ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد والدين جي اسرار تي روڊ کاتي ۾ داروغو ٿيو بعد ۾ اها نوڪري ڇڏي ڏني بعد ۾ پوسٽ آفيس ۾ ان بعد ريلوي کاتي ۾ ملازمت ڪئي پر کيس دل نه لڳي ، ڇاڪاڻ ته سندس دل الله سائين سان لڳل هئي، ۽ هر وقت عبادت الاهي ۾ گذاريندو هو ، 1920ع جڏهن سندس ڳوٺ ۾ اطلاع آيو ته سندس مرشد شاهه مردان شاهه “ اول” هن دنيا مان وڃڻ وارو آهي ته پاڻ هڪ وڻ تي چڙهي پاڻ ڇڏيو ته هو مرشد کان اڳ ان جهان ۾ هليو وڃي ، جتي مرشد اچڻ وارو هو پر زمين تي ڪرڻ کان اڳ کيس محسوس ٿيو ته ڪنهن غيبي هٿن کيس جهپي ورتو آهي ۽ کيس رڳو هڪ ٽنگ ۾ ڌڪ لڳو ان بعد پاڻ مائٽن دوستن کي گڏ ڪري چيو هو ته هاڻ “ تاريڪ” ٿيڻ چاهي ٿو هن نوڪري ۽ ماڻهن کي خير آباد چئي ڪنهن ڪامل درويش جو طالب ٿيڻ لاءَ ريل جي پٽڙي وٺي اتر طرف روانو ٿيو پيرين پنڌ سفر ڪري واٽ تي درويشن جي مزارن تي حاضري ڀريندو شڪار پور ۾ حضرت ٻڍل شاهه جي حاضري ۾ پهتو جنهن پري کان کيس ايندو ڏسندي چيو ته فقير صاحب جيڪا شيءَ گهرڻ لاءِ اوهان ڪشالا ڪڍي هتي پهتا آهيو اها منهنجي پهچ کان مٿي آهي اوهان خيرپور ميرس ۾ ڪوٽ مير محمد ڳوٺ ۾ وڃو درويش ميانداد فقير لغاري وٽ وڃي حاضري ٿيو اهو ئي اوهان کي پنهنجي منزل تي پهچائيندو .بهادر فقير اتان پيادو سفر ڪري فقير ميانداد لغاري وٽ پهتو، کيس ايندو ڏسي ميانداد فقير چيو بهادر فقير ڀلي ڪري آئين تو سر ڏنو پر ڏئي نه ڄاتو خودڪشي حرام آهي ۽ تون مرشد جي محبت ۾ خودڪشي جي ڪوشش ڪئي مرشد وٽ تنهنجي قرباني قبول پئي ، پر اها فقيري منزل نه آهي جيئري هوندي پاڻ کي فنا ڪرڻ ۾ مزو آهي ايترو به نه آهي ، هاڻ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ بجاءَ هڪ هنڌ ويهي چلا ڪڍ ۽ عبادت الاهي ۾ مصروف رهه اگر چاهين ته مشهوري ملي ته ڪراچي حيدرآباد جي وچ تي وڃي ويهه چاهين ته علائقي جي ماڻهن ۾ فيض ڏيان ته ڳوٺ ٻاهر جهنگ ۾ وڃي ويهه ۽ فقير صاحب درگاهه پير ڳوٺ تي حاضري مرشد پير صبغت الله شاهه راشدي جي زيارت ڪري پنهجي ڳوٺ آيو ڳوٺ ٻاهران جهنگ ۾ جتي نانگ بلائون جام هونديون هيون اتي ڪنڊي جي وڻ هيٺ ويهي چلا ڪڍيا بعد ۾ اتي کوهه وانگر وڏي کڏ کوٽائي 6 مهينا بنا کائڻ پيئڻ جي ان ۾ چلو ڪڍيو کيس ان کوهه مان مرشد پير صبغت الله شاهه اچي ڪڍيو پاڻ هڏن جو پڃرو ٿي ويو هو . عبادت الاهي ۾ چلن بعد هو فقيري رنگ ۾ رچي لال ٿي ويو هو ، حاجت مندن جو وڏو هجوم هر وقت وٽن موجود هوندو هو پاڻ لا تعداد ماڻهن کي دعائون ڏئي رچائي ڇڏيو مسلمانن سان گڏ ڪيترائي هندو به سندس عقيدتمند ۾ شامل ٿي ويا ، سندس دعائن سان ڪيترن ئي بي اولاد ماڻهن کي اولاد عطا ٿيو غريب ماڻهو سرندي وارا ٿيڻ لڳا بيمارن کي شفا ملڻ لڳي ، سندس اهڙين ڪرامتين جي هاڪ سڄي سنڌ ۾ پکڙجي وئي سندس هٻڪاءَ هر هنڌ واسڻ لڳو اگر ڪي ماڻهو کين ڪجهه ڏيندا هئا ته پاڻ وٽ رکڻ بجاءِ انهيءَ ٽائيم غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندا هئا يا اتي ايندڙن لاءِ تيار ٿيندڙ لنگر ۾ هلائيندا هئا ، پاڻ قميص ۾ کيسو نه هڻايو ، پير اگهاڙا ڪري هلندا هئا ، گهڻو وقت مراقبي ۾ ويهندا هئا هر وقت عبادت الاهي ۾ گذاريندا هئا ننڊ نه هئڻ برابر ڪندا هئا ،ذڪر الاهي وقت سندس نيڻ اٿلي پوندا هئا سندس طالبن ۾ هندو به هئا انهن ۾ کٻو ڀڳت سنت چولارام به سندس رنگ ۾ رچي لال ٿي ويا وصال کان هڪ ڏينهن اڳ فقير صاحب پنهنجي طالبن ، عقيدتمندن مائٽن کي گهرايو ۽ کين ٻڌايو ته هاڻ هن دنيا ۾ سندس داڻو پاڻي بند ٿيڻ وارو آهي اسان اصل دنيا ڏانهن اُسهڻ وارا آهيون ، پاڻ پنهنجي وصال جي تاريخ ڏينهن ۾ پنهنجي طالبن جي وصال جو تاريخون ٻڌايون سندس وصال جو ٻڌائڻ بعد طالبن، عقيدتمندن، مٽن مائٽن ۾ قهرام مچي ويو پاڻ کين روئن کان منع ڪئي ان وقت سندس طالبن ۽ ڪيترن ئي عقيدتمندن وڻن تي چڙهي خودڪشي جو ارادو ڪيو پر فقير صاحب ڪشف ذريعي ڄاڻي ورتو ۽ سڀين کي سڏي گلي لڳايو ۽ کين سختي سان ائين ڪرڻ کان منع ڪيو ۽ چيو ته اوهان پنهنجي نفس کي ماريو ، مالڪ جي ذڪر ۾ پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيو ، پاڻ اتي سڀني ماڻهن کي هدايت ڪئي ته غير شرعي عملن کان پاسو ڪيو، ڪوڙ سان نفرت سچ سان محبت ڪريو ، ڪنهن جي دل آزاري نه ڪريو ، ڇاڪاڻ ته انسان جي اندر ۾ الله رهي ٿو ، الله جي رضا تي راضي رهو، پاڻ ۾ سهپ ۽ خدمت جو جذبو پيدا ڪيو ، نرم لهجي ۾ ڳالهايو، بهادر فقير لغاري پهرين ٻڌايل تاريخ 10 رمضان 1349هه بمطابق جنوري 1931ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو ، سندس وصال بعد فقير ميانداد لغاري ، سنت چولا رام کي فقير صاحب جو سجاده نشين ۽ رحيم فقير لغاري کي لوڙهي اندر ويهڻ جو حڪم ڏنو ۽ هي پهريون مثال هو جو ڪنهن مسلمان جي درگاهه جو سجاده نشين هندو هو، سنت چولارام فقير صاحب جي آخري آرام گاهه مٿان عاليشان قبو ٺهرايو بعد ۾ مختلف عقيدتمندن درگاهه جي توسيع جو ڪم ڪندا رهيا آهن، درگاهه تي مرد عورت زائرين لاءِ الڳ الڳ وڏا ايوان ۽ لنگر خانو ٺهيل آهي فقير صاحب جنهن کوهه نما کڏ وٽ بهي چلو ڪڍيو اتي بعد ۾ کوهه کوٽايو ويو کوهه جي پاڻي کي شفا ڏيندڙ پاڻي سمجهيو وڃي ٿو ، ان پاڻي مان تڙڪندڙ خارش جي مريضن کي شفا ملي ٿي ، موجوده سجاده نشين شير محمد فقير لغاري آهي ، هن درگاهه جي سجاده نشين ٿيندڙن لاءِ لازمي آهي ته هو دنيا جا سڀ لڳ لاڳاپا لاهي “ تاريڪ “ فقير ٿي ويهي رهي کيس درگاهه جي حدن مان ٻاهر نڪرڻو نه آهي درگاهه تي هر اسلامي مهيني جي تاريخ 10 جي شام 11 جي رات راڳ ويراڳ جي وڏي محفل ۾ لنگر عام ٿئي ٿو هر جمع ڏينهن وڏو لنگر ٿئي ٿو. درگاهه جي خدمت توڙي سندس عرس مبارڪ کي وڌائيڻ ۾ شير محمد فقير جي ڀائرن محمد بچل لغاري ۽ عرضي محمد لغاري جو به وڏو ڪردار رهيو آهي درگاهه تي روزانه مسلمان هندو عقيدتمند وڏي تعداد ۾ اچن ٿا.

[b]سنت سوامي ڌيرج گر گرسوامي [/b]
سانگهڙ ضلعي جي جهول شهر کان ويجهو جهول نئون آباد روڊ تي پراڻي ڌامرکي جي کنڊرن ويجهو قديم زماني کان سوامي ڌيرج گرسواحي درٻار آهي جتي سڄي سنڌ مان هندو سلام ڪرڻ اچن ٿا، روزانو سوين هندو سلامي ڀرڻ سان گڏ پنهنجون مرادون کڻي اچن ٿا، جيڪي پوريون ٿيڻ بعد باسون کڻي اچن ٿا، هر وقت جهنگل ۾ منگل لڳو پيو آهي، سوامي ڌيرج گر ڪهڙي دور جو آهي ڪٿان آيو ، چولو ڪڏهن مٽايو ڪابه خبر نه آهي نه وري ڪنهن تاريخي ڪتاب ۾ ذڪر ملي ٿو پهريون ڀيرو هن جو ذڪر”جهول جڳن کان“ ڪتاب ۾ ملي ٿو. هن علائقي جي وڏي ڄمار وارا ماڻهو چون ٿا ته هي ميرن جي صاحبي جو آهي، اهي به روايتون آهن ته هي هندستان کان آيو هو هن جا ڌامرکي ۾ ڀائي بند مريد هئا ۽ انهن جي عقيدت ۽ پيار ڏسي اتي ئي رهي پيو ۽ ڌامرکي ”پراڻي“ ڀرسان پنهنجو آشرم قائم ڪيو جتي هر وقت ڀانڊارو “لنگر نياز“ پيو هلندو هو، آشرم ٻاهران جاءِ اندر مسافرن ۽ ايندڙن ويندڙ لاءِ پاڻي جا مٽ ڀرائي رکندو هو، ڪيترائي شيوادار اتي موجود هئڻ جي باوجود هو ماني پاڻ کارائيندو هو. مٺي شهر جو ادب دوست سندر گر هن کي ميرن جي دور جو ٻڌائي ٿو ڀرسان آباد ڳوٺ مدد علي جلالاڻي جو هڪ 92 سالن جو جهونو مدد علي عرف مدن ٻڌائي ٿو ته هنن جيڪو وڏن کان ٻڌو آهي ته ڌيرج سوامي ڪلهوڙن جي آخر دور جو آهي ۽ پراڻي ڌامرکي ۾ واڻيا سندن مريد هئا، هر وقت سندس آشرم تي ماڻهن جو خاص طور هندن جو ميڙاڪو رهندو هو، هن وٽ هندو مسلم جو فرق نه هو، هو صوفي سنت هو، سڀن مذهبن جو احترام ڪندڙ هو، اهي به روايتون آهن ته پاڻ زندگي ۾ قبر جهڙي کڏ کوٽائي، چيلهه تائين لوڻ وجهرائي تپشا ”يوگا“ ڪيو، 40 ڏينهن صرف چند کارڪون ۽ ننڍڙي سانڌاري ۾ پيل پاڻي تي گذاريو ڪيو، چولو مٽائڻ بعد به سندس سمادي ۾ لوڻ وڌو ويو، سوامي ڌيرج جا چمتڪار هندن سان گڏ مسلمان ۾ به مشهور آهن، پاڪستان ٺهڻ بعد هتان هندن جي لڏي وڃڻ ڪري هن درٻار جو ڪو به شيواڪار نه رهيو ۽ کنڊر بڻجي وئي هي آشرم جيڪو سوامي جو چولو مٽائڻ بعد به آباد رهيو اهو ويران ٿي ويو، چون ٿا هڪ ٽالپر زميندار سمادي مان پنهنجي اوطاق لاءِ سرون ڪڍرايون ته رات جو ان کي ڌاڙيل ماري ويا، جڏهن هي رستو پڪو ٿي رهيو هو ته رستو سڌو ڪڍڻ لاءِ کنڊر بڻيل سمادي جي هڪ حصي تي ٽريڪٽر هلايو ويو ته اهو خراب ٿي ويو ان بعد ٻيا ٽريڪٽر آندا ويا اهي به خراب ٿي ويا ۽ ٺيڪيدار کي ماڻهن سوامي ڌيرج سماندي جو ٻڌايو ته پاڻ سماندي تي اچي معافي ورتي ۽ رستي کي موڙيو ويو، سوامي ڌيرج جا ڪيترائي چمتڪار اڄ به ماڻهن کي ڏسڻ ۾ اچن ٿا رستو هتان ڪڍڻ لاءِ هلايل ٽرڪيٽر خراب ٿيڻ وارن چمتارن کان پوءِ جهول جي ڪجهه هندن سندس سمادي جو ڪم ڪرايو سوامي ڌيرج جي سمادي ويجهو سندس ٻن شيوڪارن جون سمانديون آهن جيڪي ڪاڪو نٿر ميگهواڙ جيڪو نيئن ڌامرکي جو هو ان ٺهرايون، ۽ هن سوامي ڌيرج جي سماندي مٿان ڪم ڪرايو ان بعد سيٺ ڪشچند هڪ عهدي ڪمري نما سماڌي ٺهرائي بعد ۾ اتي هندستان جي خوبصورت سمادين جي طرز تي سمادي ٺهرائڻ جو ڪم شروع ٿيو ۽ ان جو ڪم 2015ع ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي، ان لاءِ شيواڪار نٿر مل ميگهواڙ جون ابتدائي ڪوششون ڪاوشون قابل تعريف آهن، هن درٻار ٺهرائڻ ۾ جهول جي نريش ڪمار جو تاريخي ڪردار هيو، عورتن لاءِ مسافر خانو سنجهورو جو ديوان ڀون داس، رسوئي هال هري رام، جڏهن ته هن درٻار ۾ ڳوٺ ولي محمد ڪيريو جي ڀيرو ميگهواڙ جهول جي مهراج جي رام پورڻ پرتاب ڊاڪٽر ڏلارام ڳوٺ رشيدخان مري جو نارائڻ داس ڳوٺ جمع خان ٽالپر جو ڪانجي ميگهواڙ جو وڏو ڪردار رهيو آهي، نارائڻ جون هن درٻار جي حوالي سان شروع کان شيوا داري رهي آهي، هتي هنومان جو مندر شروع کان وٺي آهي، هاڻ نئين سر ٺاهيو ويو آهي، دربار ۾ اندر ٻن شيوڪارن ساڄي هٿ تي ٻڌگر جيڪو سوامي جي ديهانت بعد پهريون شيوڪار هو، کاٻي هٿ تي وشن گرجي آهي، هن سمادي جي زمين جو 7 فارم ۾ وشن گر جو نالو آهي، نئين شيواڪار نٿر ميگهواڙ جي سماڌي ٻاهر مچ واري هنڌ تي آهي، ڪاڪا نٿرمل 28 جولاءِ 2013ع تي چولو مٽايو، سڀن شيواڪارن جون هتي وڏيون شيوائون رهيون هونديون پر ڪاڪا نٿرميگهواڙ جون شيوائون وڌيڪ آهن، درٻار کنڊر بڻجڻ بعد هن نئين سر سمادي ٺاهرائي درٻار پڪي ڪرائي چوديواري ڏياري هن وقت شيودار ڳوٺ جمع خان ٽالپر جو راوت رام ميگهواڙ آهي، جيڪو ڪاڪا نٿر جي وقت ۾ 2007ع ۾ مددگار شيويڪار طور رکيو ويو، درٻار تي ڀنڊارو صاحب هلي ٿو، هر سال چيٽ چنڊ هڪ ڏينهن وارو ميلو لڳي ٿو، مشهور ڀڳتي اچي ڀڳت ڪن ٿا، ڀنڊارو شريف سڄي رات هلي ٿو، سڄي سنڌ مان چاهيندڙ شريڪ ٿين ٿا، ڪتاب جهول چڳن کان ۾ هتي مسڪين محمد وارث خاصخيلي لکي ٿو ته سوامي ڌيرج جي حياتي ۾ ڀڳتي به ٿيندي هئي، پاڻ وڏو سخي هو جيڪو ملندو هو غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو پنهنجي دور جو مشهور صوفي سنت هو، سمادي تان ملندڙ پراڻيون سرون جيڪو ميرن جي دور جون معلوم ٿين ٿيون ان تي ڳئون ماتا جو پير ٺهيل آهي، جڏهن ته نئين سمادي ٺاهي پئي وئي ته کوٽائي مان ڳئون ماتا جي پيرن واريون سرون، چمٽو جهاري ۽ ٻيو سامان به هٿ آيو آهي جيڪو سوامي جو ٻڌايو وڃي ٿو.