بهار جي ٿڌڙي هير جهڙوشمن علي شاهه لطيفي
سندس حويلي ۽ بنگلو گڙنگ بنگلي ۾ آهي ، جتي هر وقت فقير فقراءَ اپر سنڌ ۾ لطيف سائين جا مريد عقيدتمند وٽس اچي دعائون وٺن ٿا سندس بنگلي تي هر وقت چانهه جي سبيل ۽ ماني جي وقت تي لنگر هلي ٿو ، بنگلي تي صبح کان رات دير تائين ڪچهري متل هوندي آهي ، اتي هر وقت پنجتن پاڪ جو ذڪر فڪر ، لطيف سائين جي شخصيت ۽ شاعري بابت ڪچهريون متل هوندي آهي ، سيد شمن علي شاهه ، فقيراڻي رنگ ۾ رڱيل آهي ، وار وڏا ، نوراني چهرو ، سندس گفتگو لفظ لفظ موتين مالا هوندي آهي ، سندس ڪچهري ۾ويٺلن جي دل اٿڻ تي نه چوندي آهي ، پاڻ وقت به وقت ڀٽ شاهه ايندو رهندو آهي ، ساڻن محبت ڪندڙ اتر سنڌ وارا سندس سڪ ۾ فوري طور ڀٽ شاهه پهچي ويندا آهن ، پاڻ ڀٽ شاهه ۾ جيترا به ڏينهن هوندو آهي ته هتي به سندس لنگر خانو هلندو آهي ، ، هتان جا فقير سندس ٻڌي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيندا آهن ، هتي به سندس صبح کان رات تائين فقراء جو وڏو تعداد سندس ڪچهري ۾ ويٺل هوندو آهي ، ظاهري طور تي سياست کان پري آهي پر سياسي ماحول سياسي صورتحال کان باخبر هوندو آهي، ڀٽ شاه جي عوام جي خدمت ڪرڻ واري ارادي سان ٽائون ڪميٽي ڀٽ شاهه ۾ ڪائونسلر ۽ بعد ۾ چئرمين ٿيا آهن پاڻ اتر سنڌ ۾ امين طور به فيصلن ۾ گهرايو ويندو آهي ، گڙنگ بنگلو جي اها تاريخ آهي ته جڏهن ٺهيو ٿي ته اتر سنڌ جي ڪيترن ئي بااثر ماڻهن به عقيدت طور چند گهڙيون مزدورن وانگر ونگار طور مزدوري ڪئي اها ڳالهه به مشهور آهي ته راڳ جي راڻي عابده پروين به ان مقام تي سيد جڙيل شاهه جي دعائن سان پهتي آهي ، چون ٿا ته عابده پروين جي والده کيس سيد جڙيل شاهه جن وٽ وٺي آئي ۽ عابده پروين کي دعا ڪرڻ لاءِ چيو ان وقت عابده پروين جي عمر 12 سال هئي ۽ ماءُ سان گڏ ڳائيندي هئي ، سيد جڙيل شاهه عابده کي دعا ڪندي چيو ته انشاءالله هن جهڙو ڪو ٻيو فنڪار نه ٿيندو ۽ شايد سيد جڙيل شاهه جي دعائن جي ڪري عابده پروين اڄ ان منزل تي آهي ، چون ٿا ته ان ڏينهن عابده پروين جي والده ۽ عابده پروين عقيدت وچان ٺهندڙ گڙنگ بنگلي ۾ ڪلاڪ اڌ سرون کڻي رازن کي ڏنيون ، سيد شمن علي شاهه جو ڏاڏو سيد جڙيل شاهه لاءِ مشهور آهي ته ان 500 ايڪڙ زرعي زمين 15 هزار رپيا سال جي حساب سان چار سال مقاطي تي ڏني هئي تقريبن ساڍا 4 لک رقم صبح جو کين ملي ته اها فقير فقراءُ ۾ ڏئي ڇڏي ۽ چيائين ته ٽيپ ڏنيسون زمين کي اسان ٿيا سون آجا ، سندس قول هو ته جيڪو بچت ڪري ٿو ان جو الله تي ايمان نه آهي ، سندس سنڌ جي 4 وڏن هستين پير صاحب پاڳارو، مخدوم طالب المولي ، خانبهادر خان وساڻ ڪنڊياري وارو ۽ ڄام ڪانڀو خان سان دوستي رهي ، سيد شمن علي شاهه جا حال به سندس ڏاڏي وارا آهن ، ڪڏهن پيسو گڏ نه ڪيو آهي ، جيڪو آيو اهو خير خيرات ڪريو ڇڏي ، فقير فقراءُ کي ڏيو ڇڏي ، پاڻ هن دور جو وڏو سخي سندس سخاوت ڏسي حيرت ٿيندي آهي ، سندس ايڏي سخاوت پوءِ سندس گاڏو ڪيئن ٿو هلي؟ سندس چوڻ آهي ته ڏيڻ وارو مالڪ آهي انڪري سندس نالي تي خرچ ڪريون ٿا، سندس ڏاڏو والد ۽ چاچو موسيقي جا وڏا ڄاڻون هئا ، وٽن وقت جا وڏا وڏا فنڪار حاضري تي اچي فن جو مظاهرو ڪندا هئا، سيد شمن علي شاهه کي موسيقي جي ڄاڻ آهي سندس پسند جي فنڪارن ۾ ، نورجهان ، عابده پروين آشا بوسلي ، لتا منگيشڪر ، سينگار علي سليم آهن ، پاڻ ايڊونيچر تاريخي جادو واريون فلمون شوق سان ڏسي ٿو ، کيس نورجهان جو ڳائيل هر ڪانٽا تيري راهه سي پلڪون سي چُنا، عابده پروين جو من ڪنت مولي ، دما دم يا علي حيدر ، آشا بوسلي جو ڳائيل گيت پيار ڪرني والي پيار ڪرتي هين شان سي جيتي هين شان سي مرتي هين، وڻن ٿا هڪ دفعي ڪچهري ۾ کين چيم سائين شمن اوهان زندگي ۾ ڪيترا عشق ڪيا آهن ، ان جو پاڻ مختصر جواب ڏنو ته جنهن کي عشق ناهي اهو انڌو آهي، کيس جان رينبو جون فلمون وڻن ٿيون، رنگ ڪارو نيوي بلو پسند اٿس ، کاڌي ۾ پڪل گوشت مٺا چانور وڻن ٿا ، ، گلن ۾ گلاب جي گل کي پسند ڪن ٿا ، کين ان ڳالهه جو افسوس آهي ته اسان پنهنجي ثقافت کي وساري ويٺا آهيون ، اڳي مچ ڪچهريون سڄو سيارو هلنديون هيون ، مچ ڪچهريون لطيف سائين جي وقت ۾ به ٿينديون هيون ، خاص طور سهائي سومار تي کيس ان تي تشويش ۽ افسوس آهي ته لطيف جا گهڻآ راڳي لفظ چٽو نٿا چون ، ، لطيف جي شاعري بابت پاڻ ڪچهرين ۾ چوندا آهن ته اها دل تي گهرو اثر ڇڏي ٿي ، لطيف سائين جي شاعري اسان لاءِ روشني واري واٽ آهي ، ، لطيف جي راڳ ٻڌڻ سان سڪون ملي ٿو ، کيس ان ڳالهه تي به افسوس آهي ته اسان ڀٽائي پيرن کي مرشد لطيف جو رسالو ياد نه آهي ، لطيف سائين نور آهي سندس خواهش رهي آهي ته هر جاءِ تي مولا علي عه ۽ امام حسين عه جا جشن ولادت ڪرايون ، هر هنڌ غازي عباس جو علم نصب ڪرايون ، ڪربلا جي شهيدن جو هر هنڌ ذڪر ڪرايون ، پاڻ پنهنجي مريدن کي دوستن کي اها تلقين ڪندو نظر ايندو آهي ، ته لطيف جي شاعري کي پڙهو ۽ پروڙيو ان تي عمل ڪيو پاڻ ۾ درگذر ڪرڻ جو مادو رکو ، لطيف جي پر امن ڏرتيء تي امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون پيار محبت ۽ ٻڌي اتحاد سان رهو ، ڏک سک ۾ هڪ ٻئي جي ڪم اچو جتي ويهو اتي فالتو ڳالهين بجاءِ ذڪر حسين ۽ لطيف سائين جي ڪلام ، پيغام بابت ڳالهايو ، سدائين، يا علي ياعلي، ياحسين ياحسين ڪري اٿو ،
کين 3 نياڻيون ۽ 3 فرزند سيد ولي محمد شاهه عرف ولڻ سائين ، سيد علي عباس شاهه ، سيد مٺل شاهه آهن سندس خواهش آهي ته سندن پٽ به فقير منش ٿين .