شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو شاهنواز جوڻيجو

موت اٽل ۽ برحق آهي، ڪو مري ويندو آهي ته اسين چئي ڏيندا آهيون ته بس پڄي آيس هن جا ڏينهن ايترا هئا، ليڪن ڪي شخصيتون اهڙيون هونديون آهن، جن جي وفات جو ٻڌي دل جهري پوندي آهي، اکين مان لڙڪ لڙي پوندا آهن. ائين لڳندو آهي جهڙو اسان جو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو هجي. اهڙين هردلعزيز شخصيتن مان چاچو شاهنواز جوڻيجو به هڪ هو. سنڌ ۾ ڪلاسيڪل بي تاج بادشاهه وڏيري طور مشهوري ماڻيندڙ چاچو شاهنواز جوڻيجو جي وفات بعد اڃان تائين يقين نه ٿو اچي ته ڪو پاڻ هن فاني دنيا مان الاڏاڻوڪري ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ ابدي ننڊ سمهي رهيا آهن. پاڻ اڄ اسان جي وچ ۾ نه آهي، پر سندس انيڪ ساروڻيون ۽ سندس ڪردار صدين تائين ياد رهندو. چاچو شاهنواز جوڻيجو هڪ ننڍڙو ۽ عام زميندار هو، ليڪن سندس رهڻي ڪهڻي، روزانو فيصلن لاءِ ايندڙ سوين ماڻهن کي ماني کارائڻ کانسواءِ نه ڇڏڻ واريون روايتون علائقي توڙي سنڌ واسين کان ڪڏهن به نه وسرنديون، ڪير چاچا شاهنواز جوڻيجو مان ڪيتريون به خاميون ڪڍي پر منجهس جيڪي خوبيون هيون اهي ايتريون ته وزن دار هيون جو شاهنواز جوڻيجو خلاف سخت پروپيگنڊه جي باوجود به هن تي اثرانداز ٿي نه سگهيون. شاهنواز جوڻيجو هڪ بهادر بي باڪ، ارڏو ۽ ذهين شخصيت هو، هالا جي مخدوم خاندان سان سندس شروع کان وٺي نياز مندي رهي، پاڻ مخدوم طالب الموليٰ جن کان ڏاڍو متاثر هئا. جواني کان وٺي هفتي ۾ ٻه ٽي دفعا مخدوم هائوس تي ضرور ويندا هئا. بعد ۾ پاڻ مخدوم هائوس تي ٿيندڙ فيصلا مخدوم طالب الموليٰ جن جي سربراهي ۾ ڪندو هو. سندس فيصلا ڪرڻ جي انداز مان مخدوم طالب الموليٰ به ڏاڍو متاثر ٿيندو هو ۽ چاچا شاهنواز جوڻيجو کي ڏاڍو ڀائيندو هو ۽ پنهنجي پيچيده ۽ منجهيل مسئلن بابت به شاهنواز جوڻيجو سان مشورا ڪندو هو. مختصر عرصي ۾ فيصلن جي حوالي سان نه صرف سنڌ پر بلوچستان ۾ به مشهور ٿيڻ لڳو. مخدوم هائوس تي اچڻ وڃڻ دوران سندس مخدوم امين فهيم سان ويجهڙائپ گهري دوستي ۾ تبديل ٿي وئي. چاچو شاهنواز جوڻيجو فيصلا منصفانه ۽ مکڻ مان وار ڪڍڻ واري چوڻي جيان ڪرڻ ڪري هر ماڻهو جي اها خواهش هوندي هئي ته فيصلو چاچو شاهنواز جوڻيجو کان ئي ڪرايان ۽ سندس ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ سندس اوطاق تي فيصلا ڪرائڻ وارن ماڻهن جا ميلا متل هوندا هئا. رب سائين چاچا شاهنواز جوڻيجو ۾ جيڪي خوبيون رکيون انهن کيس آسمان تي پهچائي ڇڏيو.
پاڻ سنڌ سنڌ جي غير روايتي وڏيرو هو، جنهن سنڌ جي ثقافت سان آخري دم تائين نڀائيندو آيو، جهن جي ڪري کيس ڪلاسيڪل وڏيري جو لقب مليو. شاهنواز جوڻيجو سنڌ جي روايتي وڏيرن جيان ڪڪڙن جو خفت کان وٺي رڇ ڪتي جي ويڙهه ڀلن گهوڙن جي ڊوڙ، ملاکڙا ڏسڻ، بوسڪي يا اجرڪ جو پٽڪو ٻڌندو هو. مهمان نوازي جو اهو عالم هو ته روزانو ڪم ڪارين لاءِ توڙي هر هفتي فيصلن لاءِ ايندڙ سوين ماڻهن کي ماني کارائڻ کانسواءِ ڪونه ڇڏيندو هو. چاچو شاهنواز جوڻيجو جي ڳالهائڻ جو انداز ئي نرالو هو، پرائي کي به پنهنجو ڪري ڇڏيندو هو، اهو ئي سبب هو جو نه صرف علائقي جا پر سڄي سنڌ جا ماڻهو سندس عاشق هئا، هن پنهنجي عملن سان ڪئين ڀيرا اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته جيسين هو زنده آهي، ايستائين پنهنجي دوستن، واسطيدار ماڻهن کي ڪابه تڪليف ڏيڻ نه ڏيندو، هڪ دفعي هن دل جي ڳالهه ٻڌائيندي چيو ته مون زندگي ۾ عشق جي حد تائين ٽن ماڻهن سان محبت ڪئي آهي، جن ۾ مخدوم امين فهيم، ڄام صادق علي خان ۽ فدا حسين ڏيرو شامل آهن. هڪ دفعي فدا حسين ڏيرو جو چاچو شاهنواز جوڻيجو وٽ ذڪر نڪتو ته پاڻ سنجيده ٿيندي چيو ته فدا حسين ڏيرو منهنجو ٻچو آهي، منهنجو ۽ سندس ٺاهه ڪا وڏي ڳالهه نه آهي، پر فدا حسين ڏيرو جو قد جيڪو منهنجي مخالفت ۾ بلند ٿيو آهي اهو مون سان ٺاهه بعد ننڍڙو ٿي ويندو، جيڪو آئون نه ٿو ڪرڻ چاهيان، شاهنواز جوڻيجو بابت هڪ دوست ٻڌايو ته جڏهن سندس پهرين شادي ٿي ته کيس ٻٽ جيڪا زناني گندي جي هوندي آهي، جيڪا گهوٽ کي پارائي ويندي آهي اها پائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اهي گنديون عورتن کي پارايون وينديون آهن. هن ان جاءِ تي اجرڪ پائڻ پسند ڪئي، چاچو شاهنواز جوڻيجو 1932ع ۾ ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جي وفات بعد ڳوٺ، راڄ، زمين سنڀالڻ جون ذميواريون سندس ڪنڌ تي پيون پاڻ جيترو دلير هو ايترو اصول پرست، پاڻ ڪڏهن به ڪنهن جي سامهون جهڪڻ نه سکيو هو. شاهنواز جوڻيجو جي مخالفن پاران غلط پروپيگنڊه ڪرڻ ڪري ٽنڊو آدم شهر جا ڪافي ماڻهو سندس نالي کان چڙندا هئا، انهن جي تصور ۾ اها ڳالهه هئي ته هو ڏوهارين جي سرپرستي ڪري ٿو، پر اڳتي هلي جڏهن 2001ع ۾ شاهنواز جوڻيجو پ پ کان ڌار ٿي شهري سياست ۾ حصو ورتو ته شهر جون ڪجهه معزز شخصيتون امام الدين شوقين، وهاب انصاري، حسن جميل، فريد طاهر ۽ ٻين شخصيتن سان ملي ٽنڊو آدم جي شهرين سان ويجهرائپ ڪئي ته سندس عمل، محبت، مردانگي کي ڏسندي شهر وارن جون غلط فهميون دور ٿي ويون ۽ شهري ساڻس محبت ڪرڻ لڳا ۽ شهرين پاران کيس عوام دوست شخصيت، عوام جي بلاامتياز خدمت ڪرڻ جي اعتراف طور هڪ وڏي تقريب ۾ سونو تاج پارايو. چاچا شاهنواز جوڻيجو عملي سياست ۾ 1962ع ۾ پير پاتو، سياسي زندگي جو آغاز ضلع ڪائونسل جي ميمبر جي چونڊ وڙهي ڪامياب ٿيو، بعد ۾ جڏهن پ پ جو بنياد پيو ته پاڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان متاثر ٿي پ پ ۾ شامل ٿيو. 1988ع وارين عام چونڊن ۾ اڳوڻي وزير اعظم محمد خان جوڻيجو جي سامهون قومي اسيمبلي جي سيٽ تي اليڪشن لڙي شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. بعد ۾ لوڪل باڊيز کاتي جو وفاقي مملڪتي وزير ٿيو، ليڪن ان جي باوجود روايت موجب هر هفتي ڳوٺ اچي فيصلا ڪندو هو ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي کليل ڪچهريون ڪندو هو. 1990ع ۾ ڄام صادق علي خان جي نگران وزيراعليٰ هئڻ دوران ٿيل عام چونڊن ۾ ڄام صادق علي خان جي پٽ چام معشوق علي خان جي سامهون قومي اسيمبلي سيٽ تي چونڊ لڙيو، ڄام معشوق علي خان ڪامياب ٿيو. بعد ۾ ڄام صادق علي خان جي وفات بعد خالي ٿيل سيٽ تي پ پ پاران شاهنواز جوڻيجو کي مضبوط ۽ دلير اميدوار محسوس ڪندي ڄام صادق علي خان جي پٽ ڄام عاشق علي خان جي سامهون بيهاريو ويو ۽ ان چونڊ ۾ به حڪمرانن ڏنڊي جي زور تي ڄام عاشق علي کي ڪامياب ڪرايو.
1993ع ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ڄام معشوق علي خان جي سامهون کيس بيهاريو ويو، جتان ڄام معشوق ڪامياب ٿيو، ان بعد شاهنواز جوڻيجو اليڪشن ٽربيونل ۾ ڪيس داخل ڪري ڌانڌلين جا ثبوت ڏنا، ٽربيونل ڄام معشوق علي خان کي نااهل قرار ڏنو ۽ ان سيٽ تي ٻيهر ٿيل چونڊ ۾ پ پ پ پاران آصف علي زرداري معرفت فدا حسين ڏيرو کي ٽڪيٽ ڏني ويئي، اتان کان پ پ پ ضلع قيادت ۽ شاهنواز جوڻيجو جا اختلاف شروع ٿي ويا، بعد۾ فدا حسين ڏيرو پاران سينيٽ جي خالي ڪيل سيٽ چاچا شاهنواز کي ڏني ويئي. شاهنواز جوڻيجو جون پ پ ۾ وڏيون قربانيون رهيون، پارٽي ۾ سندس رت، ست ۽ ڊگهي جدوجهد شامل هئي، پ پ ۾ ڏنل قربانين ۾ 6 سالن کان وڌيڪ عرصو جيل ۾ رهيو. 1977ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف سلطاني گواهه بنجڻ کان انڪار ڪرڻ تي کيس 6 حرن واري قتل ڪيس ۾ جيل موڪليو ويو. ايم آر ڊي تحريڪن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ ڪري کيس جيل موڪليو ويو، جڏهن ڄام صادق علي خان سنڌ جو وڏو وزير ٿيو ته شاهنواز جوڻيجو کي پ پ کي ڇڏي ڄام گروپ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وڏيون پرڪشش آفرون ڏنيون ويون، پر پاڻ پ پ سان سچو رهندي اُهي آفرون ٺڪرائي ڇڏيون ته ڄام صادق علي خان انتقامي ڪاررواين تي لهي آيو، کيس معاشي طور تباه ڪرڻ وارين ڪاررواين سان گڏ مٿس ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن مارائڻ وارن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو ۽ کيس جيل موڪليو ويو. شاهنواز جوڻيجو نه جهڪڻ نه وڪامجڻ واري شخصيت هو، ڄام صادق علي حياتي جي آخري ڏينهن ۾ شاهنواز جوڻيجو سان ملاقات ڪري اهو اعتراف ڪيو ته شاهنواز جوڻيجو واقعي دلير، سورهيه مڙس ماڻهو اصول پرست، سچو سياستدان ۽ پنهنجي پارٽي سان سچو ۽ وفادار آهي، حالانڪه ڄام دور ۾ چڱا ڀلا پ پ پ جا وڏيرا ڄام صادق علي جا جوهه جلال جي سٽ نه سهي سگهيا ۽ پ پ ڇڏي ڄام گروپ م شامل ٿي ويا. ڄام صادق جي وفات بعد هو وري پاڻ کي پ پ جا سياسي وارث محسوس ڪندي پ پ ۾ واپس آيا، چاچو شاهنواز جوڻيجو هڪ سنڌ جي روايتي وڏيري کان هٽي ڪري ڀلوڙ سياستدان به هو، هن جي پنهنجي حيثيت به هئي، ان جو اندازو پ پ قيادت کان ناراض ٿي الڳ حيثيت ۾ بلديه چونڊن ۾ حصو وٺي ٽنڊو آدم جي 10 يوسيز مان 6 تي پنهنجا ناظم جوڙا ڪامياب ڪرايا، انهن چونڊن ۾ ٽنڊو آدم تعلقي جا سمورا وڏيرا هڪ طرف ۽ شاهنواز جوڻيجو اڪيلو هڪ طرف هو، جڏهن ته ڄام گروپ، جماعت اسلامي ۽ ٻيون ننڍيون پارٽيون به پ پ اميدوارن جي حمايت ڪري رهيون هيون، پر شاهنواز جوڻيجو جي سياسي بصيرت، حڪمت عملي ۽ پلاننگ جي سامهون بيهي نه سگهيا، عام چونڊن ۾ مسلم ليگ (ف) سان اتحاد ڪري ضلعي جون قومي، صوبائي تمام سيٽون حاصل ڪري ورتيون، سندس اهڙي حڪمت عملي ۽ سياسي بصيرت تي سندس سياسي مخالف به تعريف ڪرڻ لڳا. شاهنواز جوڻيجو ڪچهرين جو ڪوڏيو، محفلن جو مور، ڳالهين جو ڳهير، هڪ سچو ۽ سچ چوڻ وارو کرو انسان هو، منافقي سندس طبيعت ۾ شامل نه هئي، سندس انهن خوبين کي پير سائين پاڳارو، مخدوم امين فهيم، متحده جي قائد الطاف حسين کانسواءِ سنڌ ۽ بلوچستان جا سردار ۽ وڏيون سياسي ۽ سماجي شخصيتون به ساراهيندي کيس پسند ڪنديون هيون. شاهنواز جوڻيجو سنڌ ۽ بلوچستان 100+100 خونن، قبائلي جهيڙن ڪارڪاري ۽ ٻين تڪرارن جي نبيرن وارا فيصلا اهڙي خوبصورتي ۽ حڪمت عملي سان ڪيا جنهن کيس سڄي ملڪ ۾ مشهور ڪري ڇڏيو. شاهنواز جوڻيجو، پير صاحب پاڳارو، مخدوم طالب الموليٰ، مخدوم امين فهيم، بيگم نصرت ڀٽو، ڄام صادق علي خان جي ويجهو رهيو، جڏهن ته مشهور شخصيتن، خان ولي خان مرحوم، مير رسول بخش ٽالپر، خير بخش مري، شهيد فاضل راهو، ممتاز علي ڀٽو، شير باز خان مزاري، پروفيسر غفور، سائين جي ايم سيد، حفيظ پيرزادو، عبدالواحد آريسر، رفيع شفي ۽ ٻين سان به ويجهو رهيو. انهن مان تقريبن شخصيتون سندس جيل جا ساٿي رهيا. چاچو شاهنواز جوڻيجو جي تعليم ٽن درجن کان به گهٽ هئي، پر پاڻ سنڌي، اردو، انگريزي اخبارون پڙهي ويندا هئا. کيس انگريزي جيل ۾ رفيع شفي ۽ رسول بخش پليجو سيکاري، کيس فارسي ٻولي تي به عبور حاصل هو، پاڻ تاريخي، نفسياتي ڪتاب دلچسپي سان پڙهندو هو، حضرت شاهه لطيف جي ڪلام جوبه پارکو هو. کيس لطيف سائين جا لاتعداد شعر ياد هوندا هئا. پاڻ لطيف سائين جي شعرن جي تشريح به اهڙي انداز ۾ ڪندو هو، جو ٻڌندڙ حيرت ۾ پئجي ويندا هئا. شاهنواز جوڻيجو صبح سوير اٿندو هو، ورزش ڪندو هو، بعد ۾ گهوڙا ڊوڙائيندو هو ۽ زمين تي ويندو هو. پاڻ ڀلوڙ ڪتن، بازن، ڪڪڙن پالڻ جو به شوقين هوندو هو. هنن جي سار سنڀال ۽ کاڌو خوراڪ جو انتظام به پنهنجي نگرانيءَ ۾ ڪرائيندو هو. هڪ جهوني مڙس هئڻ جي باوجود هن ۾ ڪفاليت جو ظرف برداشت جو مادو هوندو هو، فيصلن ۾ ايندڙ ٻهراڙي جي ماڻهن جي غير سليقي واري گفتار کي ڪڏهن به خراب نه سمجهندو هو، پر انهن کي کلندي مطمئن ڪري ڇڏيندو هو. پاڻ سياست ۾ اچڻ بعد رڇ ڪتن جي ويڙهه، سوئر تي ڪتن جي بڇ ۽ ڪڪڙن جي ويڙهه جو شوق ختم ڪري ڇڏيو، ليڪن گهوڙن جو شوق طبيعت صحيح هئڻ تائين جاري رکيو. پاڻ سنڌ جي بزرگن جي ميلن ۾ عيد جي ڏينهن تي ٽنڊو آدم، ريس ڪورس ڪراچي ۽ لاهور ۾ پنهنجا گهوڙا پاڻ ڊوڙائيندو هو، گهوڙي سواري ۾ پير سائين پاڳارو به سندس تعريف ڪندو هو. شاهنواز جوڻيجو جي شوقن ۾ تترن جو شڪار به شامل هو، پاڻ اڪثر مخدوم امين فهيم، مخدوم اعجاز مرحوم، مخدوم خليق الزمان ۽ ٻين سان گڏ تترن جا شڪار ڪيا ۽ جڏهن چاچو شاهنواز دوستن ۾ ويهي شڪار جون ڳالهيون ڪندو هو ته ٻڌندڙ ائين محسوس ڪندا هئا، جهڙو تترن جي شڪار تي هو ساڻس گڏ هجن. چاچو شاهنواز جوڻيجو سائين جي ايم سيد سندس پسنديده شخصيت هو. شاهنواز جوڻيجو سنڌ ۽ سنڌ واسين جي حقن جي حاصلات ۽ سنڌ واسين سان ٿيندڙ زيادين خلاف قوم پرست پارٽين، تنظيمن پاران ٿيندڙ جلسن، جلوسن، احتجاجي مظاهرن، لانگ مارچ ۾ شريڪ ٿيندو هو. عوامي تحريڪ پاران ڪالاباغ ڊيم خلاف لانگ مارچ ۾ ڀٽ شاهه ۾ سچ تي مبني ڪڙي تقرير ڪرڻ ڪري جيل ۾ ويو. ايم آر دي جي تحريڪن ۾ سندس شاندار ڪردار رهيو. هن بهادر عوام دوست ڪلاسيڪل وڏيري شاهنواز جوڻيجو جي ساهه جي تند 14 جولاءِ تي صبح جو 4 وڳي ڌاري سنگاپور جي هڪ اسپتال ۾ ٽٽي پئي ۽ هو پنهنجي لکين چاهيندڙن کي ڇڏي حقيقي مالڪ ڏانهن هليو ويو. شاهنواز جوڻيجو دم ڌڻي حوالي ڪرڻ کان اڳ سندس طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي، ڪراچي آغا خان اسپتال ۾ ٽيسٽن بعد خبر پئي ته کيس ڦڦڙن جو ڪينسر آهي، کيس مخدوم امين فهيم ضروري ٽيسٽن ۽ علاج لاءِ دبئي وٺي ويو، جتي به سندس وڌيڪ ٽيسٽون ڪري سنگاپور اسپتال جي هڪ اسپتال ڏانهن ريفر ڪيو ويو. دبئي مان به مخدوم امين فهيم کيس سنگاپور اسپتال وٺي ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. اهڙو اطلاع جڏهن هن علائقي ۾ پهتو ته اها ڳالهه باهه وانگر پکڙجي ويئي، ڪنهن کي به اعتبار نه پيو اچي، هر ماڻهو ان ڳالهه کي ڪوڙو قرار ڏئي رهيو هو ۽ سنجر جوڻيجو ۾ فون ڪري تصديق ڪرڻ لڳا، خاطري ٿيندي هزارين ماڻهو روڄ راڙو ماتم ڪندي سنجر جوڻيجو ۾ سندس اوطاق ي پهچڻ لڳا.
مخدوم امين فهيم، روشن جوڻيجو سندس جسد خاڪي کي هڪ خوبصورت تابوت ۾ سنگاپور کان ايئربس ۾ ڪراچي ۽ ڪراچي کان خصوصي ايمبولينس ۾ جڏهن سندس اباڻي ڳوٺ آندو ويو ته هزارين ماڻهو اکين مان لڙڪ روڪي نه سگهيا، ڪراچي کان سنجر جوڻيجو تائين رستي ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن ٻاهران سندس چاهيندڙن پاران جنهن ايمبولينس ۾ سندس مڙهه هو، ان مٿان گلن جي ورکا ڪرڻ لڳا، خاص طور ٽول پلازه حيدرآباد باءِ پاس، طلب الموليٰ ڪالوني، مٽياري، بائو ديرو، سيکاٽ، کيبر، شيرمحمد ٺوڙها، اڏيرو لال، راهو شاخ، ٽنڊو آدم ۾ رستي تي بيهي سوين ماڻهن مرحوم کي آخري سلامي ڏني ۽ سندس مڙهه واري ايمبولينس مٿان گلن جي ورکا ڪئي. جڏهن مرحوم جو جسد خاڪي اباڻي ڳوٺ پهتو ته روڊ جي ٻنهي طرفن کان هزارين ماڻهو صفون ٻڌي بيهي رهيا، اهڙي ريت جهڙو ڪو VIP جي اچڻ تي سندس شاندار استقبال لاءِ ماڻهو بيهندا آهن، کيس اباڻي قبرستان ساياتن جي قبرستان ۾ والد جي قبر ڀرسان ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو. هر سال سندس ورسي وڏي ليول تي ملهائي وڃي ٿي، سندس فرزند روشن دين جوڻيجو، محمد خان جوڻيجو ۽ سندس پوٽا ڀائٽيا سانگهڙ ضلع جي سياست تي حاوي آهن.