جداگانه شخصيت ۽ ڪردار جو مالڪ فتح شاهه فراق
فتح شاهه فراق 20 جون 1962ع ۾ ڳوٺ ونجهيري شريف لڳ هالا ۾ روحاني شخصيت سائين بلند شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس نالو فتح محمد شاهه رکيو ويو. شاعري ۽ سماجي ڪمن جي نالي سان فتح شاهه فراق جي نالي سان مشهور ٿيو. والدين ۽ چار ڀائرن جي وفات کانپوءِ هن وقت ٽن ڀيڻن جو اڪيلو ڀاءُ آهي. خاندان ته ڪافي وڏو اٿس پر هن جڏهن ڀٽائي صاحب جي چواڻي مطابق .
لوڪ وڃي لنهوار تون اونچي ڏي اوڀار
زندگي گذارڻ شروع ڪئي ته مائٽن چريو چوڻ شروع ڪيس، ان تي فتح شاهه فراق کين اهو جواب ڏنو ته توهان مون کي چريو چئي مون تي وڏو احسان ڪيو آهي. جو اوهان منهنجي کاهوڙي خيالن ۽ اٽل ارادن کي اڃان به وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو. انٽر پاس ڪرڻ کانپوءِ جڏهن يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ ويو ته سوچيائين ته ڪهڙي شعبي ۾ داخلا وٺان ۽ ڊگري وٺي ڪا وڏي نوڪري ڪريان ٿڌي ڇانوءَ ۾ ويهي سوچي غور فڪر ڪيائين ته اصل ۾ ته وڏي نوڪري حقوق العباد يعنى خدمت خلق آهي. ان ڏينهن کان پوءِ طئه ڪيائين ته پنهنجي سموري زندگي خدمت خلق جي ڪمن ۾ گذاريندس. فتح شاهه فراق ننڍپڻ کان وٺي حساس طبعيت رهيو آهي. هن هميشه ٻين جي ڏکن کي پنهنجو درد محسوس ڪيو آهي ۽ پنهنجي وس ۽ وت آهر سندن زخمن تي ملم رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ننڍپڻ ۾ سندس والد صاحب جڏهن کيس عيد جا ڪپڙا وٺي ڏيندو هو ته ان مان هڪ وڳو ڳوٺ جي غريب ٻار کي ڏئي ڇڏيندو هو. پنهنجن نون ڪتابن جو پورو سيٽ قلم ۽ بيگ پڻ غريب ٻار کي ڏيڻ پسند ڪندو هو. ڪنهن به غريب ڳوٺاڻي کي بخار يا مٿي ۾ سور ٿيندو هو ته پنهنجي خرچي مان هٽ تان وڃي شينهن ڇاپ گوري (پيرا سٽامول) وٺي کيس کارائي مٿي تي زور پڻ ڏيندو هو.
دنيا ۾ جنگين جا دل ڏاريندڙ احوال پنهنجي وڏي ڀاءُ علي نواز شاهه جي بي رحماڻي قتل ۽ روز بروز ڌرتي تي ٿيندڙ قتل غارت وارن واقعن ۾ به سندس دل تي گهرا اثر ڇڏيا.پاڻ ٻين جي ڏکن کي پنهنجو سمجهندي همدردي جو اظهار ڪندو آهي پري هئڻ جي صورت ۾ فوتين جي وارثن کي تعزتي خط لکي عذر خواهي ڪندو آهي. فتح شاهه فراق هيستائين دنيا ۾ هڪ لک خط لکي چڪو آهي. کيس دل ۾ سماجي ڪمن ڪرڻ جو جذبو جاڳيو جنهن جو مقصد فقير کان بادشاهه ۽ ٽوٻي کان خلا باز تائين يعنى هر مڪتبه فڪر جي انسان جي ترجماني ڪري ان جي اهميت ۽ عظمت کي اجاگر ڪري انسانيت ڪردار سوچ ۽ مهذب معاشرو قائم ڪرڻ آهي.
امن ۽ سلامتي خاطر دنيا جي صدرن، وزير اعظم، بادشاهن ۽ راڻين کي خط لکندو آهي ته دنيا ۾ ٿيندڙ جنگين ۽ قتل غارت کي روڪڻ لاءِ توهان پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪريو. جنهن تي کيس جوابي خطن جي صورت ۾ مانائتي موٽ ملندي آهي. پاڻ اڪثر حيدرآباد پريس ڪلب سامهون دنيا ۾ ملهائيجندڙ مختلف عالمي ڏينهن انوکي انداز ۾ ملهائي جاڳرتا ڏيندو آهي. تعليم جي ڏينهن تي اسڪول مان بينچون کڻائي روڊ تي ٻار پڙهائيندو آهي. علم جي جاڳرتا ڏيندي ٻارن ۾ ڪتاب، قلم ۽ اسڪولي بيگ ورهائيندو آهي. صحت جي ڏينهن تي پنج فوٽ جو ڏندڻ کڻي ۽ ان سان گڏوگڏ ڪرو، ٽوال کڻي ماڻهن کي تندرستي هزار نعمت جو پيغام ڏيندي هٿ منهن ڌوئاڙي آخر ۾ هڪ کٻڙ جو ڏندڻ ۽ هڪ صوف ڏئي سٺي صحت سان زندگي گذارڻ جو پيغام ڏيندو آهي. تماڪ واپرائڻ خلاف عالمي ڏينهن تي ڏهه فوٽ جو تيار ڪيل سگريٽ کڻي جاڳرتا ڏيندو آهي. تماڪ جي واپرائڻ سان ڪيتريون بيماريون ٿين ٿيون، جنهن پئسن جو نقصان، صحت جو نقصان، اولاد تي اثر ۽ پڻ ماحول تي خراب اثر پوندو آهي. بهتر آهي ان پئسن مان ڪو فروٽ وٺي کائجي ته بهتر آهي ، آخر ۾ کين ڪيلا کارائي سگريٽ ترڪ ڪرڻ لاءِ عرض ڪندو آهي.
دوستي جي عالمي ڏينهن تي رومالن جي ڀري ٻڌي روڊ تان هر ايندڙ ويندڙ کي رومال پيش ڪري دوستي نڀائڻ جو پيغام ڏيندو آهي. مائرن جي عالمي ڏينهن تي جهوني عورت کي امڙ ڪري وٺي کٽ تي ويهاري هٿ پير ڌئاري پيرن کي چميون ڏئي ماءُ جي قدمن ۾ رکيل جنت کي حاصل ڪرڻ لاءِ جاڳرتا ڏيندو آهي. معزورن جي عالمي ڏينهن تي ٽنگن کان جڏڙي کي ڪلهن تي کڻي معذورن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندو آهي ته سندن سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جا مطالبا ڪندو آهي اهو به مطالبو ڪندو آهي ته. سفر دوران کائنن ڀاڙو نه ورتو وڃي ۽ وڌ ۾ وڌ معذور ڪوٽا تي نوڪريون ڏنيون وڃن. نئين سال جي آمد تي ڳچيءُ ۾ وڏو ڊنگر چڙو ٻڌي نئين سال لاءِ امن جي دعا گهرندو آهي، ورلڊ پوسٽ ڊي تي کارو خطن جو ڀري مٿي تي کڻي خط جي اهميت اجاڳر ڪندو آهي. غلام جي واپار ۽ ان جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي ڳچيءَ ۾ زنجيرون ٻڌي تالا هڻي جاڳرتا ڏيندو آهي ته دنيا مان غلام وارو دور ختم ٿي وڃڻ باوجود ان جو تصور سنڌ ۾ اڄ به موجود آهي، بانڊيڊ ليبر ان جو هڪ مثال آهي. بي گهر ۽ محروم ماڻهن جي ڏينهن جي حوالي سان ڦاٽل ۽ گرا ڪپڙا پائي ڀڳل پيالو، ڇنل خالي دٻڪي اڳيان رکي هر ايندڙ ويندڙ کي نماڻو ٿي چوندو آهي ته ادا اسان ننڌڻڪن جي به سار لهو.
سوڪهڙي جي عالمي ڏينهن تي ڪتر جي مشين تان هڪ مڻ ٻاجهري جا سڪل ڪانا وٺي جاڳرتا ڏيندو آهي ته اسان جي سون ورني زمين پاڻي نه هئڻ ڪري فصل سڪي رهيو آهي. مهرباني ڪري شاخن ۾ پاڻي ڇڏيو ته آبادي ٿئي مال متا ، ڍور ڍڳا پڻ تازو پاڻي پيئن.
مزدورن جي عالمي ڏينهن تي پريس ڪلب سامهون روڊ تي سرون ، بجري، سيمينٽ لهرائي هڪ رازو وٺي جنهن ۾ پاڻ مزدور ٿي وچ روڊ تي عارضي ڀت اڏيندا آهن. قديمي آثارن جي عالمي ڏينهن تي موئن جي دڙي جو پورٽريٽ ٺاهي ان جي ڇنڊ ڦوڪ پيو ڪندو آهي. جانورن جي عالمي ڏينهن تي ڪئنگرو جو وڏو ڦوٽو کڻي جاڳرتا ڏيندو آهي ته جانورن جو ائين تحفظ ڪرڻ گهرجي، جيئن هي ڪئنگرو پنهنجي ٻچي کي پيٽ سان ٻڌل ٿيلهي ۾ حفاظت ڪري رهيو آهي. دل جي عالمي ڏينهن تي پلاسٽڪ جي ٺهيل وڏي دل کڻي جاڳرتا ڏيندو آهي ته دلين جي تمنا الله جي ذڪر ۾ آهي. ماحوليات جي عالمي ڏينهن تي ماڻهن ۾ ماسڪ ورهائي ماحولياتي آلودگي کان بچاءُ جا اپاءُ ٻڌائيندو آهي. عيد تي پٺا اگهاڙا ڪري پيٽ سان اڌ مڻ جو پٿر ٻڌي غريبن سان گڏ يڪجهتي طور آواز بلند ڪندو آهي ته پيٽ تان پٿر هٽايو. غريبن کي عيد ڪرايو. غربت جي عالمي ڏينهن تي ڳڙ جون مٺيون مانيون پچائي ماٽي ، لسي جي ڀري ٻه ڪلو مکڻ کڻي هر ايندڙ ويندڙ کي کارائيندو آهي، گمشيده ٻارن جي والدين کي خط لکي آٿت ڏئي وٽانئن ان ٻار جو ڦوٽو گهرائي هڪ ڪاپي ايڌي سينٽر وارن کي ۽ ٻي ڪاپي پوليس اسٽيشن تي موڪليندو آهي ۽ پاڻ به ان ٻار جي ڳولا جاري رکندو آهي. خودڪشي روڪڻ جي عالمي ڏينهن تي باقائده انساني شڪل جهڙو پتلو ٺاهي ڪفن ڍڪي ٻنهي پاسن کان مٺيا ٻڌي ڇهن فوٽن جي تختي تي رکي اڪيلي سر ڪلهي تي کڻي نڪري پوندو آهي. ماڻهو حيران ٿيندا آهن ته هي هڪڙو ڄڻو لاش کنيو وڃي ڇا ماجرا آهي، تن کي چوندو آهيان ته ادا هي منهنجو پراڻو دوست هو هن سان ڪيترائي مسئلا درپيش هئا، تنهنڪري هن خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. پوءِ لاش کي ڪلهي تان لاهي هيٺ پٽ تي رکي انهن ماڻهن کي چوندو آهيان ته پهرين ته هن لاءِ مغفرت جي دعا گهرو ته پوءِ توهان کي ميت جو منهن ٿو ڏيکاريان، آخر ڪار ان پتلي کي پريس ڪلب سامهون ٻير جي وڻ ۾ ٽنگي خودڪشي ڪرڻ کان روڪيندو رهندو آهي ۽ننڍڙن ننڍڙن ٻارن کي خرچي ڏئي چوندو آهي ته جيڏي مهل آئون هن پتلي کي هٿ ٻڌي عرض ڪريان ته خودڪشي ڪرڻ گناهه آهي ان وقت توهان رڙيون ڪري چئجو ته بابا اسان کي يتيم ڪري نه وڃ تو کان سواءِ اسان جي ڪير سار لهندو. امان ته اڳيئي گذاري وئي، باقي تون به ڦاهو کائي مرين ٿو، خدا جي واسطي ائين نه ڪر. محبت جي عالمي ڏينهن تي گلاب جا گل ماڻهن کي ڏئي چوندو آهي ته محبت ڪنهن هڪ سان نه پر پوري انسان ذات سان ڪريو. ڊسمبر جي آخري تاريخ تي سڄي سال دوران فوت ٿي ويلن لاءِ پريس ڪلب سامهون روڊ تي ملان وٺي قرآن خواني ڪرائي، دعاءِ مغفرت گهرندو آهي. آخر ۾ ختمي ۾ سيون پيهون سيرو ۽ فروٽ تقسيم ڪندو آهي. پيءُ جي عالمي ڏينهن تي پوڙهي پيءُ کي وٺي ٽنگن ۽ پيرن کي ويٺو زور ڏيندو آهي ۽ سندس خدمت ۾ پيش پيش هوندو آهي. عيد الضحى جي موقعي تي ٻڪر خريد ڪري پريس ڪلب تي ڪاهي ايندو آهي ۽ اتي ئي زبح ڪري غريبن ۾ گوشت ورهائيندو آهي ۽ پڻ عيد جا ٽئي ڏينهن گهر گهر مان گوشت وٺي مسڪين ماڻهن کي ڏئي ايندو آهي. ماڻهن جي خوشين جهڙوڪ شادين، وليمن، ٻارن جي طهرن، اولاد جي ڄمڻ، عقيقن تي مبارڪ باد پيش ڪندو آهي، گهوٽ ۽ ڪنوار کي بيت جي صورت ۾د عائي شيلڊ پيش ڪندو آهي، بيوٽي پارلر تي سينگارجڻ لاءِ آيل ڪنوارين کي حسين اخلاق جو پيغام ڏيندو آهي ته اڄ توهان پنهنجو اباڻو گهر ڇڏي ساهراڻي گهر وڃون ٿيون، توهان پنهنجي ور سان سٺو سلوڪ ۽ ساڳي طرح شهرين سان پڻ سٺو رويو رکندا ته توهان جي بهتر زندگي گذرندي. پاڻ جن گهرن يا ٻين جاين ۾ يا مختلف هنڌن تي ٻٻر ڪنڊي کٻڙ ڄار وغيره جهڙا وڻ پوکيل هوندا آهن انهن وٽ انبن جون چڪيون کڻي پنهنجي هٿن سان پوکي اهو پيغام ڏيندو آهي ته اڄ جو ٻوٽو صبحاڻي جو وڻ جيڪو ڇانو سان گڏ ميوو به ڏيندو جيڪو نسل در نسل آگاهي ۽ ثواب جو ثواب پڻ جاري رهندو. ماڻهن کي سندن جنم ڏينهن تي فون ڪري ياد ڪندو آهي ۽ سندن لاءِ سٺي صحت ۽ عمر درازي لاءِ دعا پڻ گهرندو آهي اسپتالن ۾ مريضن کي گل ڏئي ياد ڪري صحت يابي جي دعا گهرندو آهي. ديس ۽ دنيا جي سلامتي لاءِ ڪافي پيادل امن مارچ پڻ ڪيا اٿس جن ۾ قلندر لعل شهباز، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، بلڙي شاهه ڪريم،صوفي شاهه عنايت شهيد،سخي سرور نوح،پير بلاولي فقير نوح هوٿياڻي، سخي ابراهيم شاهه، عبدالله شاهه اصحابي، محمد هاشم ٺٽوي يقيق، حضرت شيخ سلامت جاتي، حسن بخش شاهه هادي جيلاني، ۽ سنڌ جي ٻين ڪافي اوليائن تي حاضري ڀري امن جي دعا گهرندو رهندو آهي. پاڻ جڏهن به شاعري اسٽيج تي پڙهي آهي ته مشاهدي سان بيان ڪندو آهي جنهن تي کيس گهڻو داد ملندو آهي. آمريڪا مان (دي يونائيٽيڊ انسٽيٽيوٽ آف پيس ايوارڊ کان سواءِ سڄي سنڌ مان مختلف تنظيمن جي پاران لاتعداد ايوارڊ مليا آهن. پاڻ سماجي ڪمن جي حوالي سان 2008ع ۾ پيس اينڊ ڊولپمينٽ سوسائٽي جي نالي سان تنظيم پڻ ٺاهي آهي پاڻ امن جي نشاني طور سڄي زندگي اڇا ڪپڙا اڇا بوٽ اڇي ٽوپي پهريندو آهي. کيس اڪثر ماڻهو اڇو سائين به سڏيندا آهن. سندس چهري تي هر وقت مسڪراهٽ هوندي آهي، اسان سندس هڪ بيت ۽ هڪ شعر هيٺ ڏيون ٿا.
بيت
الله ڏي آدم کي، اکيون احساسن،
ميٽي من مدي، اجرو ڪير آسن،
اٽل ڪونه اگهن تن موٽائج ماسن،
پرور ڪل پاسن فضل ڪر فتح شاهه چئي.
************
موت کان ايتري روز مهلت گهران،
شل بکئي پيٽ جوٿي گرنهه پومران،
جت نڌڻڪا نماڻا ججها ٿو ڏسان،
جهور جهريل ڪکانوان اجها ٿو ڏسان،
تن يتيمن جو ٿي جلد وارث وران،
جن هٿن ۾ پنڻ جو ٿو پيالو ڏسان،
تن هٿن ۾ قلم ڏئي نرالو ڏسان،
مان سندن علم جي روشني ٿي ٻران،
لاش وارث بنا ٿو جتي مان ڏسان،
سمجهي اولاد آدم سي پنهنجا پسان،
بنجي ڀاڪر انهن تي ڪفن ٿي ڪران
جن غريبن کي غربت عمر قيد ڪيو،
ٻيو ته آمر انهن جو ثمر قيد ڪيو،
خوب خوشيون کڻي تن دلين ۾ ڌران،
هي عمر ڀرجي خدمت جي منظور ٿي،
۽ حقوق العباد به ڀرپور ٿئي!
پوءِ به ڏاڍو فتح شاهه فراق ڏران.