شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

مشهور ليکڪ، ڊراما نويس نور الهديٰ شاهه

نورالهديٰ شاهه هن ملڪ جي مشهور ليکڪ ۽ ڊراما نويس آهي، هن معاشري جي ڪيترن ئي حساس مسئلن تي لکيو آهي، پاڻ حقيقت پسند ليکڪ آهي، جنهن سماج جي ڪٽ کاڌل ريتن، رسمن، معاشري جي حساس مسئلن تي دليري سان لکيو آهي. سندس شهريت پي ٽي وي جي ڊرامن ”جهنگل، تپش، حوا ڪي بيٽي، آسمان تڪ ديوار، ماروي، آدم زادي، عجائب خانه، بي باڪ، ميري اڌوري محبت، اڌورا وطن، فاصلي، عشق گم شده، جهڙيون يادگار سيريلز لکي سڄي ملڪ ۾ شهريت حاصل ڪئي آهي. هن عورتن تي ٿيندڙ ظلم، جاگيردارن، ڀوتارڪي سماج جي چهري تان پردو هٽايو آهي. هن ڊرامن ذريعي ڪمزور ماڻهن خاص طور ڪمزور عورتن کي حوصلو ڏنو آهي. انهن ۾ پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جو اتساهه پيدا ڪيو آهي. خاص طور جهنگل ڊراما، سيريل وڏو تهلڪو مچائي ڇڏيو، هن ڀوتارڪي سماجي نظام کي بي نقاب ڪيو، سندس هر ڊراما سيريل ڪاميابي جا رڪارڊ ٽوڙيا، عوام ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي، مٿيان ڊراما سيريل کان سواءِ هن ٻيا به ڪيترائي ڊراما لکيا آهن. پي ٽي وي تي نشر ٿيندڙ سندس سڀن ئي ڊراما سيريل مارڪنگ جا به رڪارڊ ٽوڙيا، شهري توڙي ٻهراڙي جي عوام ۾ سندس ڊرامان يڪسان مقبول رهيا، جڏهن نجي چينل قائم ٿيا ته پاڻ انهن لاءِ به ڊراما سيريل لکيا آهن. نورالهديٰ شاهه کي پي ٽي وي تي 1980ع ڌاري ان وقت جي جنرل مئنيجر عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو، پاڻ پي ٽي وي تي پهرين ناٽڪ رنگ لاءِ ڊراما لکيا، انهن به وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي، سندس لکيل ڪهاڻيون به غضب جون آهن، سندس ڪهاڻيون به ڪٽ کاڌل معاشري سماج جي عڪاسي ڪندڙ آهن، سندس ڪهاڻين ۽ مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا آهن جن۾ جلاوطن، ڪربلا، ڪيڏارو، چند قيدياڻي جون اکيون، وڏي مقبوليت حاصل ڪئي آهي. ڪيترن ئي ڪتابن جا هڪ کان وڌيڪ ڇاپا آيا آهن. نورالهديٰ شاهه جا ڪيترائي ناول مختلف ڊائجسٽن ۾ شايع ٿيا آهن. مختلف ڊائجسٽن ۾ شايع ٿيندڙ ڊگهن ناولن ۾ ٻين کان سواءِ چاندني، گنگناني لڳي، کلهي هي گل يهان، چاهت ڪي جيت، عجيب هي يه سلسله به شامل آهن. سندس هر لکڻي ۾ سچائي شامل رهي آهي.
ڪجهه وقت کان پاڻ گهٽ لکي رهيون آهن، ان جو سبب هڪ نجي ٽي وي چينل جي سي اي او مقرر ٿيڻ ڪري سڄي توجهه اتي ڏيڻ ٻڌايو وڃي پيو. پاڻ ”نورالهديٰ شاهه پروڊڪشن به هلائي رهي آهي“ جنهن پاران مختلف ٽي وي چينلن لاءِ ڊراما سيريل تيار ڪندي رهي آهي. اهي حقيقتون آهن ته نورالهديٰ شاهه کان اڳ ۽ پوءِ ڪيترائي ڊراما نويس ميدان ۾ آيا، پر هن جيتري مقبوليت حاصل نه ڪري سگهيا آهن. نورالهديٰ ساهه 22 جولاءِ 1957ع ۾ سنڌ جي تاريخي قديمي شهر حيدرآباد ۾ زميندار گهراڻي ۾ سيد عبدالهادي شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو، ننڍي هوندي کان پاڻ ذهين آهي، کيس لکڻ پڙهڻ سان شوق هو، ننڍي هوندي کان شاگردي واري دور ۾ هن ڪهاڻيون، مضمون لکڻ شروع ڪيا ۽ شاعري به ڪئي. جيڪي مختلف اخبارن، رسالن ۾ شايع ٿيا ڏسندي ڏسندي پاڻ پختگي سان لکڻ لڳي ڊرامن کان اڳ پاڻ بهترين ڪهاڻيڪار طور پاڻ مڃائي چڪي هئي. اڄ ملڪ جي ادبي ميدان توڙي ڊراما نويسي ۾ نورالهديٰ شاهه جو هڪ وڏو نالو آهي، سندس ڪوششون آهن ته جن ليکڪن جي ڪهاڻين تي ڊراما نه ٺهي سگهيا آهن انهن تي ڊراما لکيا وڃن ان سان گڏ نون ادبين جي همٿ افزائي ڪندي انهن جي ڪهاڻين تي به ڊراما ٺاهيا وڃن. سندس پسنديده ليکڪن ۾ بانو قدو ساءِ اشفاق احمد آهن.