حضرت پير سائين پاڳارا(ستون) شاهه مردان شاهه ”ثاني“ جن جي شخصيت
1978ع ۾ پرائيويٽ طور تعليم جاري رکڻ سان گڏ صحافت ۾ پير پاتم، ان دوران پير سائين جي مکيه مريدن سان ڪچهريون ٿيون، جنهن کان پير سائين جي شخصيت جون ڳالهيون ٻڌي ساڻن وڌيڪ محبت ۽ عقيدت وڌي. 1996ع ڌاري پير سائين پاڳارا شهدادپور ۾ حر ڪمانڊر جمال فقير خاصخيلي جي دعوت تي ايندي شهدادپور ۾ راڻا سردار جي چانهه پارٽي ۾ تشريف فرمان ٿيا، جتي نه صرف سندن ويجهو ديدار نصيب ٿيو پر ڀلا ڀاڳ جو ساڻن هٿ ملائڻ جو شرف مليو. دل چيو ته ساڻن هٿ ملائڻ واريون گهڙيون سالن ۾ تبديل ٿي وڃن ۽ سندن هٿن مبارڪن ۾ منهنجو هٿ هجي ، ان بعد ڪافي دفعا پاڻ جڏهن به سانگهڙ ضلعي جي دعوتن تي تشريف فرما ٿيندا هئا ته آئون به سندن زيارت کان پاڻ کي روڪي نه سگهندو هيس ۽ جماعت جي ڪنهن نه ڪنهن دوست سان گڏ ڪنهن نه ڪنهن دعوت ۾ پهچي ويجهو ديدار ڪرڻ ۽ اتي موجود صحافين سان گڏ ڳالهيون ڪرڻ جا موقعا مليا.
پير سائين جي ڳالهائڻ جو انداز صحافين جي سوالن جا جواب ڏيڻ جو انداز متاثر ڪندڙ هو، اهڙي ذهين شفيق شخصيت مون گهٽ ڏٺيون آهن، سندس روحاني چهري ۾ اهڙي ڪشش اهڙي روحانيت جو چند سيڪنڊن کان وڌيڪ مون سميت ڪير به يڪ ساهي نهاري نه سگهندو هو. نه وري ڪو ساڻن اکيون اکين سان ملائي سگهندو هو. 2002ع ۾ مون ڀيڄ ڀٽائي ميگزين پاران 14 آگسٽ جو نمبر شايع ڪيو. ٽائيٽل تي سورهيه بادشاهه ۽ پير سائين پاڳارا جون وڏيون تصويرون هلايون ۽ اندر حر تحريڪ سورهيه بادشاهه ۽ پير سائين پاڳارا جي شخصيت تي آرٽيڪل هلايل هئا. دل چاهيو ته ان ميگزين جون اعزازي ڪاپيون پير سائين پاڳارا تائين هٿو هٿ پهچايان اهو سوچي وڃي ڪنگري هائوس ڪراچي پهتس گيٽ تي بيٺلن کي تعارف ڪرايو. جن اندر ڊاڪٽر ڪريم سان ملڻ لاءِ چيو مون اسان جي علائقي جي حر جماعت جي اهم شخصيت ۽ خليفو انجنيئر عبدالباسط هنڱورو جيڪو پڻ ڪنگري هائوس ۾ پير سائين جن جي خدمت ۾ هوندو هو ان جو معلوم ڪيو پر اهو انهن ڏينهن ۾ ڳوٺ آيل هو. اندر ڊاڪٽر ڪريم سان ملاقات تي کين احوال ٻڌايم، ڪنگري هائوس تي جهڙوڪ ميلو متل هو. مريدن کانسواءِ ڪافي غير مريد عقيدت مندن سان ڏاڍي شفقت پيار سان هٿ ملائي مليا، مون پنهنجو تعارف ڪرايو پاڻ فرمايو ته پهرين به اوهان سان ملاقات آهي ۽ پاڻ فرمايو ته اوهان ميگزين ڏيڻ آيا آهيو پر ميگزين پهرين ملي چڪي آهي. ان بعد مون کان ڪم ڪار جو معلوم ڪيو ۽ ڊاڪٽر ڪريم کي چيو ته نور کي چانهه پياري پوءِ ڇڏجو. ان بعد مون هر سال 14 آگسٽ تي ڀيڄ ڀٽائي ميگزين جا جيڪي به شمارا ڪڍيا انهن جي ٽائيٽل تي مون سورهيه بادشاهه ۽ پير سائين پاڳارا ، راجا سائين سائين صدر الدين شاهه جا فوٽو هلايا، اندر حر تحريڪ سورهيه بادشاهه ۽ سندن خاندان ۽ هنن سائين تي آرٽيڪل هلايا ۽ اهي ڪاپيون (پوسٽ ذريعي کين موڪلي ڏيندو هئس ۽ پنهنجي ۽ ڀيڄ ڀٽائي ميگزين لاءِ دعا ڪرڻ لاءِ ٻه اکر به لکي موڪليندو هئس پر دل ۾ خواهش اڀري ته سندس زيارت ڪجي۽ مون پنهنجي دوست فقير محمد بخش خاصخيلي کي به چيو ته ڪنگري هائوس تي وٺي هلو ٻه ٽي دفعا پروگرام به ٺاهيا پر ائين نه ٿي سگهيو، جڏهن ته سنڌ صحافي سنگت پاران 2 دفعا فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي صحافين جي مسئلن تي روحاني شخصيتن سان ملاقات ڪريو، شروعات پير سائين پاڳاري کان ڪئي وڃي ٻه ٽي دفعا پروگرام به ٺهيا ڪن مجبورين ڪري ملتوي ڪيا ويا بعد ۾ هڪ ڏينهن. اڳ وانگر اڪيلو ڪنگري هائوس پهچي سندن حاضري ڪرڻ جي خيال سان ڪراچي پهتس پر خبر پئي ته پير سائين پاڳارا جي طبعيت ناساز آهي ۽ پاڻ آغا خان اسپتال ۾ داخل آهن، اسپتال پهتس پر صورتحال ڏسي حاضري نه ٿيڻ جا آثار ڏسي مايوس ٿي واپس موٽيس، سندن خيريت سان آپريشن به ڪاميابي سان ٿي ويو پر سندن طبعيت ۾ سڌارو نه آيو، دل بيچين هئي ته ڪيئن به ڪري سندن زيارت ڪريان پر خبر پوندي هئي ته عام ملاقاتون بند آهن، اوچتو مختلف ٽي وي چئنلن تي ان خبر ڇرڪائي وڌو ته پير سائين پاڳارا کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ لنڊن نيو پيو وڃي. چينلن تي پير سائين جا جيڪي فوٽيج هلايا ويا، تشويش ناڪ ۽ ڇرڪائيندڙ هئا، جنهن کي ڏسي ڏک پئي ٿيو پر راجا سائين ۽ سائين صدر الدين شاهه جي ميڊيا بيانن ٿوري آٿت ڏني ته پير سائين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، وڌيڪ آٿت لنڊن جي ڊاڪٽرن جي رپورٽ کانپوءِ ملي، جنهن ۾ سندن چيڪ اپ ڪندڙ ڊاڪٽرن جي ٽيم ٻڌايو ته پير سائين پاڳارا جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.
آغا خان اسپتال ۾ غلط ميڊيسن جي ڪري کين ڦڦڙن ۾ انفيڪشن ٿيو آهي پر پاڻ جلد صحتياب ٿي ويندا پر 10 جنوري 2012ع جي رات شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جي وچين رات آڊيٽوريم ۾ محفل موسيقي عروج تي پهتل هئي، راڳ جي راڻي عابده پروين وجد ۾ اچي صوفيانه ڪلام ڳائي رهي هئي ته شهدادپور جو دوست ڊاڪٽر الهڏنو خاصخيلي فون ڪري پير سائين پاڳارا جي وصال جو اطلاع ڏنو، جنهن تي ڇرڪ نڪري ويو. اعتبار نه پيو اچي ته ڪو ائين هوندو خاطري ڪرڻ لاءِ هڪ ميڊيا اداري ۾ فون ڪرڻ تي جڏهن پير سائين پاڳارا جي وصال واري خبر جي تصديق ٿي ته جهڙوڪ ته جسم مان ساهه نڪري ويو. اکين ۾ لڙڪ لڙي پيا، اڃا راڳ رهاڻ جي محفل مان بي چيني واري حالت ۾ ٻاهر نڪري رهيو هئس ته ثقافت کاتي پاران به پير سائين پاڳارو جي وصال جو ٻڌائيندي تمام تقريبات ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
پير سائين پاڳارا 22 ڊسمبر 1928ع تي سورهيه بادشاهه پير صبغت الله شاهه راشدي شهيد جي گهر ۾ ان وقت جنم ورتو جڏهن سنڌ ۾ انگريز سامراج جا پير کتل هئا ۽ سورهيه بادشاهه جي سرواڻي ۾ انگريز سامراج خلاف جنگ جوٽيل هئي ته جيئن انگريز کي هن ڌرتي تان ڊوڙائي ڪڍجي، پير سائين پاڳارا ابتدائي تعليم پير ڳوٺ مان حاصل ڪئي ان دوران سندس والد سورهيه بادشاهه کي انگريز سامراج گرفتار ڪري سوليءَ تي چاڙهي شهيد ڪري نامعلوم هنڌ تي سپرد خاڪ ڪري ڇڏيو ۽ پير سائين پاڳارو جي خاندان کي ڪراچي واري رهائشگاهه تي نظر بند ڪيوويو بعد ۾ پير سائين پاڳارا سندس ڀاءُ سيد نادر شاهه کي پڙهائڻ جي بهاني انگلينڊ موڪليو ويو ته جيئن اتي رهي پيري مريدي وساري ڇڏين ته جيئن حر تحريڪ هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي. پاڪستان ٺهڻ بعد به 5 سالن تائين کين جلاوطن رکيو ويو. 1949ع ۾ هندستان جي وزير اعظم جواهر لال نهرو جيسلمير جي راجا جهار سنگهه جيڪو پير سائين پاڳارو جن جا مريد هئا، ان کي گهرائي چيو ته پير سائين پاڳارا جي گادي پاڪستان ۾ بحال نه ٿي سگهندي، ان ڪري جيسلمير ۾ گادي بحال ڪرائي سگهجي ٿي. تون اهڙي گهر ڪر راجا جهار سنگهه ان صورتحال کان حر جماعت جي مکيه ماڻهن غازي خان منڱريو راڻو فقير ۽ ٻين کي آگاهه ڪيو. انهن فقيرن ٻي جماعت کي آگاهه ڪيو، اهڙي ڳالهه قبول نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته پير سائين پاڳارا وارن جي درگاهه ۽ خانگاهه سنڌ ۾ هئي ته پوءِ جيسلمير ۾ گادي بحال ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ صحيح نه هو، حر جماعت جي مکيه ماڻهن ان ڳالهه کان حڪومت سان ويجهو رهندڙ معرفت حڪومت کي اهڙي فيصلي کان آگاهه ڪيو، جڏهن ته سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪيترن ئي وزيرن مشيرن اسيمبلي ميمبر سخت مخالف ڪئي ته پير صاحب پاڳارو کي ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان نه آندو وڃي، ڇاڪاڻ ته مخالفت ڪندڙن جا هٿ حر تحريڪ کي ڪچلڻ کان وٺي سورهيه بادشاهه جي شهادت تائين سندن هٿ رڱيل هئا ۽ ان وقت وزير اعظم لياقت علي خان به اڻ سڌي طرح مخالفت ڪندڙ جو پاسو وٺي ڪيئن بهانا بڻائي ڪيئن مجبورين ڏيکاري اڻ سڌي طرح جهڙوڪ انڪار ڪري رهيو هو.
1951ع ڌاري ان وقت جي گورنر سنڌ دين محمد شيخ ذاتي دلچسپي وٺي اعتراض ڪندڙ ڌرين سان ڳالهايو، اعتراض ڪندڙن ڪيئن خدشا ڏيکاريا کين خوف هو ته پير سائين پاڳارا جي اچڻ بعد حر وري طاقتور ٿي ويندا ۽ کانئن بدلا ورتا ويندا. گورنر سنڌ جو جماعت جي مکيه ماڻهن کي انهن خدشن کان آگاهه ڪيو، جن کين يقين ڏياريو ته هاڻ جڏهن انگريز سامراج هن ڌرتي تان هليو ويو آهي ته هاڻ ڪابه تحريڪ نه هلندي ۽ نه ئي ڪنهن کان انتقامي ڪارروايون ڪيون وينديون. 1952ع ۾ پير سائين پاڳارا ۽ سندس ڀاءُ سيد نادر شاهه کي وطن آندو ويو، ڪراچي ۾ سندن والهانه استقبال ڪيو ويو. جتان کين پير ڳوٺ آندو ويو، پير سائين روضي ڌڻي بادشاهه جي سجاده نشين پير شاهه مردان شاهه ثاني پير سائين پاڳارا جي تاجپوشي ڪئي ۽ جشن تاج پوشي ملهايو ويو. سورهيه بادشاه شهادت بعد حر جماعت ڊگهو عرصو درگاهه جي حاضري ۽ زيارت کان پري رهڻ بعد جڏهن حاضري ڀري ته ڏک ۽ خوشي جا مليل جليل ڳوڙهن کي روڪي نه سگهيا، پير سائين پاڳارو جي گادي بحال ٿيڻ بعد تاج پوشي واري جشن ۾ پاڻ مريدن کي حڪم فارمايو ته حر جماعت کي گهرجي هاڻ تلخ ماضي کي وساري نئين روشن مستقبل لاءِ سوچين، هن نئين وطن کي پنهنجو وطن سمجهي هن جي ترقي ۽ حفاظت لاءِ هر وقت تيار رهن ڪنهن سان به انتقامي ڪارروائي نه ڪئي وڃي،انگريز سامراج پاران پير ڳوٺ ۾ پير صاحب پاڳارا وارن جو بنگلو بمبارمينٽ ڪري مڪمل طور تي کنڊرات بڻايو ويو، ان ڪري پير سائين پاڳارا جن پنهنجي ڀاءُ سان گڏ ان جاءِ تي لڳايل تنبو ۾ ويهندا هئا ۽ رات جو سرڪٽ هائوس سکر ۾ وڃي رهندا هئا. ڪهڙي نه حيرت ۽ افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته انگريز سامراج کي ڌرتي تان تڙي ڪڍڻ واري وطن يا ڪفن واري تحريڪ جان قربان ٿيندڙ سورهيه بادشاهه جي پڳدار خلاف پاڪستان ٺهڻ بعد به 5 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين سازشون ٿينديون رهيون ۽ ان جنگ ۾ وڙهندڙ هزارين حر پاڪستان وجود اچڻ بعد ۾ جيلن ۽ لوڙهن ۾ رهيا، پير سائين پاڳارا پنهنجي روپوش مريدن کي پيش پوڻ ۽ جيلن ۾ قيد حرن کي عدالتن ۾ ڪيسن کي منهن ڏيڻ جو حڪم ڏنو ۽ انهن ائين ڪري اتان بيگناهه ثابت ٿي باعزت آزادي ماڻي، ان وقت حر جماعت انتهائي هيڻي حال ۾ هئي، سندن معاشي حالت انتهائي خراب هئي ۽ پير سائين پاڳارا پنهنجي مريدن جو اهڙو حال ڏسي کين معاشي طور مضبوط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ دنيا ڏٺو ته پنهنجي اهڙي حڪمت عملي تي عمل ڪندي سندس ڪوشش ۽ دعائن سان اڄ حُر جماعت معاشي طور مضبوط بڻيل آهي.
پير سائين پاڳارا انگريزن جي بمباري سان تباهه ڪيل بنگلي ۽ حويلي کي نئين سر تعمير ڪرايو،درگاهه تي ڪم ڪرايو. ان سان گڏ درگاهه تي ديني تعليم شروع ڪرڻ لاءِ جامع راشديه جي نالي سان عظيم عاليشان ديني مدرسو ۽ سوريه بادشاهه لائبيري جو قيام عمل ۾ آندو بعد ۾ درگاهه تي ايندڙ مريدن لاءِ جن ۾ عورتن ۽ مريدن جي رهڻ لاءِ الڳ وڏا ايوان جوڙايا جتي هڪ ئي وقت لکين ماڻهو رهي سگهن ٿا، پاڻ ٻاجهه ڀريا هئا پاڻ ڪنگ ميڪر جي نالي سان به مشهور ٿيا، هر دور جا صدر ، وزير اعظم، وزير ، مشير سياستدان وٽن حاضريون ڀرائيندا هئا ۽ دعائون وٺندا هئا پاڻ هڪ ئي وقت لاتعداد خوبين جا مالڪ هئا، پاڻ اڪثر جيڪي به پيش گويون ڪندا هئا اهي تقريبن سچ ثابت ٿينديون هيون، پاڻ بهترين گهوڙيسوار، جانور، پکين، وڻن گلن سان پيار ڪندا هئا، وٽن حاضري لاءِ ويندڙ هر غير مريد ماڻهو سان اٿي ۽ هٿ ملائي ملندا هئا. پاڻ آل رسول ”سيدن“ جي وڏي عزت ڪندا هئا، سيدن کي مائٽ ڪري سڏيندا هئا، پاڻ دعائن جا در هئا، زندهه ولي الله هئا، سندن دعائن سان ڪيترائي غريب ۽ عام ماڻهو وڏيون شخصيتون وڏا زميندار ۽ وڏا آفيسر بڻجي ويا. جڏهن ميڊيا تي ڄار ۽ کٻڙ جا وڻ تيزي سان وڌڻ جون خبرون آيون ته پاڻ فوري طور تي مريدن کي حڪم فرمايو ڪوبه مريد نه صرف ڄار ۽ کٻڙ جا وڻ نه وڍي پر ڪوبه وڻ سواءِ ضرورت جي ڪير به نه وڍي ۽ روڊن، رستن، سرڪاري زمينن تي بيٺل وڻن جي حفاظت ڪريون، انهن کي وڍڻ نه ڏيو، سندس اهڙي حڪم بعد ڄار ۽ کٻڙ جا وڻ ناياب ٿيڻ کان بچي ويا.
سيد شاهه مردان شاهه ثاني پير سائين پاڳارو جن کي جهڪي ملڻ ۽ هٿ چمڻ وارا ماڻهو پسند نه هئا، سندن فرمان هو ته اسين سڀ انسان آهيون، انسان جو انسان اڳيان جهڪڻ صحيح نه آهي. 1965ع ۾ 1971ع وارين ڀارت پاڪستان لڙاين ۾ سندن حڪم تي حر فورس ۾ سندن هزارين مريد حر مجاهد طور ڀرتي ٿي، ملڪ جي سرحدن تي جنگ جي ميدان ۾ اڳئين محاذ تي دليري سان مقابلو ڪيو، جڏهن ته انهن جنگين دوران پير سائين پاڳارا خود عمرڪوٽ ۽ ٻين جنگي محاذن تي پهچي محاذ تي وڃي نگراني ڪئي، پاڻ سنت رسول صه سان بي انتها محبت ڪندا هئا، سموري زندگي عشق رسول صه ۾ گذاري پاڻ پڪا محب وطن روشن خيال سخي ۽ هر ڪنهن جو احترام ڪرڻ وارا هئا. نظر وجهبي جڏهن ته حر جماعت جي ڊسيپلين جهڙو ڊسيپلين ٻي ڪنهن جماعت ۾ نظر نه ايندو، سيد شاهه مردان شاهه ثاني پير سائين پاڳارا جهڙي شخصيت وري پيدا نه ٿيندي، سندس وصال سان پيدا ٿيل خال ڀرجڻ مشڪل آهي.