شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

عوام دوست آفيسر غلام مصطفيٰ ڏاهري

غلام مصطفيٰ ڏاهري نواب شاه ضلعي جي مشهور ڳوٺ حاجي شهزاد ڏاهري ۾ مشهور زميندار ۽ سياسي سماجي شخصيت حاجي شهزاد ڏاهري جي گهر ۾ 56-4-17 تي جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ ڪريم بخش ڏاهري ۽ مئترڪ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو، انجنيئرنگ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪئي. پاڻ سياستدان يا علائقي جو وڏيرو ٿيڻ بجاءِ قوم ۽ ملڪ جي خدمت لاءِ والدين جي ئي خواهش سان ايريگيشن ۾ ايس ڊي او طور پنهنجي ذهانت سان انٽرويو پاس ڪري آرڊر ورتو. پاڻ گهڻو وقت روهڙي سرڪل ۾ ايس ڊي او ۽ انجنيئر طور رهيو آهي. اسڪارپ ايريگيشن هالا ڊويزن ۾ پڻ انجنيئر رهيو. ايس ڊي او کان انجنيئر تائين رهڻ دوران فرض شناسي جو مظاهرو ڪندي پاڻي چورن خلاف ڪارروايون ڪيون ۽ ٽيل تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو، جن ۾ ڪامياب ويو ۽ سندس ڪوششن سان بنجر ٿيل ٽيل جون زمينون آباد ٿيون، پاڻ مٺڙائو ڪئنال جو ڊائريڪٽر رهيو، ۽ ٻين هنڌن تي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، جتي به سندس ڪارڪردگي ۽ ڪردار مثالي رهيو. ٽيل ۾ پاڻي پهچائڻ سان کيس دلي سڪون ملي ٿو، سندس ڪوششن سان ٽيل جون بنجر پيل زمينون جڏهن سرسبز ٿين ٿيون ته پاڻ خوش ٿيندا آهن. سندس نگراني ۾ ايريگيشن جا ڪيترائي پروجيڪٽ بهترين نموني مڪمل ٿيا آهن، انهن ۾ نارا ڪئنال ۾ بدحال اسٽرڪچر ٺهرايا. 25 فيبروري 2005ع ۾ جڏهن پاڻ ناراڪئنال جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ته پڇڙين ۾ پاڻي جي کوٽ ڪيترن ئي مائنرن جي پڇڙي ۾ پاڻي بجاءِ واري اڏامڻ جون دانهون عروج تي هيون، اخبارون اهڙين شڪايتن سان ڀريل هيون. آبادگار روزانه مظاهره ڪري رهيا هئا، پاڻ رات ڏينهن هڪ ڪري پاڻي چورن خلاف ڪارروايون ڪري پاڻي جي چوري ختم ڪرائي ٽيل تائين پاڻي پهچايو. سندس چوڻ آهي ته پاڻي جي کوٽ جي ڪارڻن ۾ مس مئنيجمينٽ هئي، ان جا مکيه ڪارڻ لوئر اسٽاف، پبلڪ ۽ سياسي شخصيات، زميندار هئا. هن لوئر اسٽاف کي مناسب جڳهه تي مقرر ڪيو، پبلڪ جي مداخلت ختم ڪئي، پاڻي جي چوري ختم ڪرائي. سندس چوڻ آهي ته پاڻي جي مٿان کان ته کوٽ هوندي آهي پر جيڪو پاڻي آهي، اهو سهڻي نموني هلايون ته پاڻي جي کوٽ ڪافي حد تائين ختم ٿي سگهي ٿي. ايريگيشن ۾ سندس استاد انجنيئر مرحوم محمد سليمان راڄپر آهي، جيڪو ايريگيشن جو باصلاحيت ۽ بهترين انجنيئر طور سڃاتو ويندو هو. سندس ڪارنامن ۾ اهو به شامل آهي ته ڪافي شاخن جي پڇڙين ۾ 15 کان 20 سالن تائين پاڻي بجاءِ واري اڏامندي هئي، سندس ڪوششن سان جڏهن اتي پاڻي پهتو ۽ ماڻهن جي ڪومائل چهرن تي مرڪ ڏسي پاڻ انتهائي گهڻي خوشي محسوس ڪندو رهيو آهي. غلام مصطفيٰ ڏاهري صاحب صاف دل، سچ ڳالهائڻ وارن سان ملي خوشي محسوس ڪندو آهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ به مخلص، سچو ماڻهو آهي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ وارن منافق ماڻهن تي کيس چڙ ايندي آهي. پاڻ نيڪ نيت، ذهين، خوش مزاج، يارن جو يار، غريبن جو همدرد آهي. وڏي زميندار گهراڻي جو هئڻ جي باوجود سادگي پسند فقيراڻي طبيعت جو مالڪ آهي. منجهس وڏائي اصل نه آهي. سندس چوڻ آهي ته ايريگيشن ۾ نه اچان ها ته سي ايس ايس آفيسر هجان ها. سندس 2 شاديون آهن، هڪ ارينج ميرج ٻي لوَ مئريج. پاڻ ادب سان پڙهڻ جي حد تائين دلچسپي رکي ٿو. پسند جي شاعرن ۾ لطيف سائين، استاد بخاري، وڻندڙ ليکڪن ۾ الطاف شيخ، وڻندڙ اخبارن ۾ عبرت، ڪاوش، ڊان، وڻندڙ سنڌي فنڪارن ۾ مرحوم سرمد سنڌي، جلال چانڊيو، عابده پروين، وڻندڙ اداڪارن ۾ مرحوم شفيع محمد شاه، انور سولنگي، صلاح الدين تنيو. اردو اداڪارن ۾ امريش پوري، محمد علي، وحيد مراد، اردو فنڪارن ۾ مهدي حسن، ناهيد اختر، مسرت نذير، ناول نگارن ۾ نسيم حجازي پسند اٿس. وڻندڙ گيتن ۾ شام جو هي پهر ناءُ اسان جي ڪريو، چلي تو ڪٽ جائي گا سفر آهستا اٿس. فالتو ۽ ڪوڙ وارين ڳالهين تي بور ٿيندو آهي. شاگردي دور ۾ رياضي پسند جو سبجيڪٽ رهيس. پاڻ شاگردي دور ۾ شاگرد يونين جي سخت خلاف هو. جرگا سسٽم بابت سندس راءِ آهي ته اهو سٺو نظام آهي، ان سان ماڻهو ڪيسن ۾ لوڙي ڪنگال ٿيڻ ۽ پريشان ٿيڻ بجاءِ پاڻ ۾ سرچي وڃن ٿا، ليڪن هن سسٽم کي ايمانداري سان بنا ريا جي هلائڻ گهرجي. پاڻ پريمي جوڙن واري وڌندڙ رجحان کي غلط قرار ڏي ٿو. سندس راءِ آهي ته ان سان معاشري تي غلط اثر پون ٿا. ڪاروڪاري رسم خلاف سندس راءِ آهي ته ان رسم جو خاتمو آڻڻ لاءِ قانون کي اڃان سخت ڪيو وڃي ۽ جوڙيل قانون تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، تعليم کي عام ڪيو وڃي. سندس دعويٰ آهي ته پوليس کاتي وانگر ايريگيشن کاتي ۾ به آفيسرن ۾ ايمانداري، فرض شناسي وارو رجحان وڌندڙ آهي. غلام مصطفيٰ ڏاهري ايريگيشن ڊولپمينٽ کاتي ۾ چيف انجنيئر به رهيو آهي، جتي سندس ڪارڪردگي قابل تعريف آهي. سندس ڪوشش سان کاتي ۾ سڌارا آيا، ڪافي ڪم ٿيا، خراب ٽيوب ويل ٺهرايا آهن. غلام مصطفيٰ ڏاهري بهترين آفيسر سان گڏ بهترين عوام دوست شخصيت به آهي. پاڻ لڪل انداز ۾ غريب ماڻهن، خاص طور غريب شاگردن جي مدد به ڪري ٿي. سندس ادب سان به گهري دلچسپي رهي آهي. هر موضوع جا ڪتاب سندس مطالعي ۾ رهيا آهن. پاڻ رحم دل ايترو جو ڪنهن جي تڪليف ڏک ڏسي نه سهگندو آهي. وڏو راڄاڻيو آهي.