جاکوڙي انسان گل حسن گل لاکو گل حسن گل لاکو جو شمار بهترين شاعرن، ليکڪن، سماجي ڪارڪنن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ سنڌ جو ماضي ۾ رهندڙ راڄ ڌاني بر همڻ آباد واري علائقي ۾ ڳوٺ نيون دلور ۾ هڪ غريب هاري عبدالرؤف لاکو جي گهر ۾ 4 فيبروري 1961ع ۾ جنم ورتو جتي پاڻ 5 درجا سنڌي پڙهيو علائقي ۾ انگريزي اسڪول نه هئڻ ۽ والدين غريب هئڻ ڪري ٽنڊو آدم ۾ کيس وڌيڪ نه پڙهائي سگهيا. گل حسن گل لاکو ننڍي هوندي کان ذهين هو کيس پڙهڻ جو شوق هو. سندس اهڙو شوق ڏسندي ملدسي ويجهو ڳوٺ گولو پير جو سندس هڪ مائيٽ محمد آچر ڪوري کيس پاڻ سان وٺي آيو ۽ کيس ملدسي مڊل اسڪول ۾ ڇهين ڪلاس ۾ داخلا وٺي ڏني جتي پاڻ صبح جو اسڪول ۾ بعد ۾ محمد آچر جو دڪان هلائندو هو. 8 درجي تائين ملدسي پڙهيو. 9 درجو باقر خان نظاماڻي ۾ ڏهون درجو گورنمينٽ هاءِ اسڪول شهدادپور ۾ فرسٽ ايئر، انٽر نيو علي ڳڙهه ڪاليج ٽنڊو آدم ۾ پڙهيو ننڍي هوندي کان کيس ادب ۽ سياست سان لڳاءُ رهيو سندس ننڍي هوندي کان سنڌ ۽ سياست سان لڳاءُ رهيو آهي پاڻ ننڍي هوندي کان سنڌ پرست رهيو آهي ننڍي هوندي کان ٻاراڻا ادبي ڪتاب پڙهندو هو گل حسن لاکو ملدسي ۾ مون سان گڏ پڙهيو آهي ساڻس گهري دوستي رهي سندس صحبت ۾ رهڻ ڪري مونکي به ادبي شوق جاڳيو مونکي ياد آهي ته جڏهن 7 ڪلاس ۾ هياسين ته پهرين دفعو ملدسي جي ديوارن تي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيو بهاري آڻن بند ڪريو جهيڙن نعرن جي گل حسن لاکو چاڪينگ ڪئي. شاگردي دور ۾ سياسي ميدان ۾ اچڻ جي باوجود سياست نه ڪري سگهيو شاگردي دور ۾ درسي ڪتاب گهٽ ادبي ڪتاب وڌيڪ پڙهندو هو پاڻ ايم اي سوشالاجي سنڌ يونيورسٽي مان ايل ايل بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ڪرڻ بعد نيو علي ڳڙهه ڪاليج ٽنڊو آدم جي ليڪچرار سائين محسن شاهه جي معرفت کيس ريلوي جي اسٽيشن ماستري جو آرڊر مليو ان کان اڳ نيوي ۾ به ڀرتي ٿيو پر اتي دل نه لڳس ۽ اتان ڇڏي آيو سيد محسن شاهه نه صرف بهترين استاد هو پر بهترين اديب ۽ سماج سڌارڪ به هو ٽندو آدم جي ڪيترن ئي نوجوانن کي نوڪريون وٺرائي ڏيڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو. گل حسن لاکو 88ع کان شاعري شروع ڪئي بعد ۾ مختلف موضوع تي مضمون لکڻ شروع ڪيا اڃان تائين لکندو اچي پر هن شاعري ۾ پاڻ مڃايو آهي سندس شاعري هلال ميگزين، عبرت ميگزين، جاڳو، آفتاب، الوحيد، نئين زندگي، سوجهرو ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي آهي وٽس شاعري جي مجموعي کان وڌيڪ شاعري موجود آهي. شاعري جي هر صنف تي طب آزمائي ڪئي آهي. شاعري ۾ باقائده استاد نه ڪيو ليڪن تاج جويو، وسيم سومرو سندس شاعري جي اصلاح ۽ همٿ افزائي ڪئي. کيس شاعري جو شوق لطيف سائين، سچل سرمست، استاد بخاري، شيخ اياز، جي شاعري پڙهڻ سان ٿيو. پاڻ 1989ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊوآدم جو ميمبر ٿيو بعد ۾ سيڪريٽري ۽ جوائينٽ سيڪريٽري به رهيو آهي سندس سيڪريٽري رهڻ دوران هن ادبي ڪلاس به هلايا، ڪيترائي ادبي پروگرام به ڪرايا پاڻ ريلوي ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئشن جو مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري به رهيو آهي سندس ڪوششن سان 400 کان وڌيڪ سنڌي نوجوانن کي ريلوي ۾ نوڪريون مليون. پاڻ بهترين ڪمپئر به آهي. ايف ايم ٽنڊوآدم تي ڪمپئر به رهيو آهي. وٽس بهترين ڪتاب جي لائبريري پڻ آهي ٽنڊو آدم ۾ ٿيندڙ علمي، ادبي ثقافتي پروگرامن جو سهڪاري به رهيو آهي پاڻ پنهنجي ۽ ٻين شاعرن جي شاعري ترنم ۾ به ڳائي ٿو کيس بهترين ليکڪ، شاعر طور مڃتا ايوارڊ به مليا آهن پاڻ عشقيه قومي ۽ ظلم زيادتين خلاف شاعري ڪئي آهي گل حسن گل لاکو جي شاعري ۾ سونهن جا رنگ ۽ مزاحمت نظر اچي ٿي. سندس هڪ شعر هيٺ ڏجي ٿو. ضمير بيدار گهرجي ٿو، انسان لئه پيار گهرجي ٿو. جنگ گهايو جهان سارو، امن لئه اقرار گهرجي ٿو. نفرتن نهوڙيو ڏيهه سارو ، صوفين جو سنسار گهرجي ٿو. دنيا ڀلي وڃي چنڊ تي، اسان کي سنڌ جو سنسار گهرجي ٿو.