شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

مولانا غلام محمد گرامي

مولانا غلام محمد گرامي سنڌي ادب ۽ صحافت جو روشن ستارو هو، پاڻ هڪ ئي وقت لاتعداد خوبين جو مالڪ هو، پاڻ ناميارو صحافي ليکڪ شاعر، عالم هو پاڻ روشن خيال انقلابي نظرئي جو حامي رهيو. پاڻ 10 ڊسمبر 1920ع ۾ ميندي ۽ مائو جي حوالي سان سنڌ ۾ مشهوري رکندڙ ميهڙ شهر ۾ جاڙو خان بلوچ جي گهر ۾ جنم ورتو، مختلف تعليمي ادارن، درسگاهن مان تعليم حاصل ڪئي. ننڍي هوندي کان علم ادب سان چاهه رهيس، سندس ناناڻا پلي پوٽا خاندان جا هئا. سندس نانو رحيم فقير پلي پوٽو مشهور صوفي درويش هو، پاڻ شروعاتي تعليم ميهڙ مان حاصل ڪئي. ان دور ۾ ميهڙ شهر علم ادب جو مرڪز هو. ڪنهن زماني ۾ ميهڙ فارسي ادب جو به مرڪز رهيو آهي. مولانا گرامي سنڌي سان گڏ فارسي، عربي جي به تعليم به حاصل ڪئي. پاڻ خلافت تحريڪ جي اڳواڻ مرحوم الحاج سيد علي اڪبر شاهه جي پاران حيدرآباد ۾ قائم ڪيل جامعه عربيه حيدرآباد ۾ استاد مقرر ٿيو جتي سندس مشهور اديبن، شاعرن سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي جيڪا دوستي ۾ تبديل ٿي وئي. سندس علم ادب کي ڏسندي کيس سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر بنايو ويو. سندس ڪوششن سان اهو رسالو وڌيڪ بهتر انداز ۾ شايع ٿيڻ لڳو. پاڻ سينيئر ليکڪن سان گڏ نون لکندڙن جي لکڻين، شاعرن جي شاعري کي رسالي ۾ جاءِ ڏني ۽ ڪيترن ئي لکڻين تي همٿايو. پاڻ لبرل عالم، مبلغ، علم، ادب، ثقافت، تصوف، فلسفي، سياست، راڳ تي بهترين انداز ۾ لکيو، مولانا ٿي ڪري ان بهتر جديد ۽ روشن خيالات سان لکڻ ڪيترن ئي ماڻهن کي هضم نه ٿيو ۽ سندس لبرل انقلابي لکڻين سان اختلاف رکندڙن سندس خلاف ڪيترائي ڪتاب لکيا. رسالن، اخبارن ۾ قسط وار مضمون هلايا. هن خلاف فتوائون جا جهڙوڪ دفتر کوليا ويا ليڪن پاڻ پنهنجي مقصد تان نه هٽيو، سندس چوڻ هو ته مقصد، تحقيق ۽ تصديق جي اهڙي مقام تي پهچڻ گهرجي جتي هماليه هٽي سگهي پر عقيدي ۾ ڪو به فرق نه اچڻ گهرجي.
سندس ٽماهي مهراڻ ۾ جيڪي ايڊيٽوريل لکيل آهن اهي سندس علمي گهري ڄاڻ جا عڪس آهن. سندس تحريرن ۾ فڪر انگيز خيال شامل آهن. سندس تحريرون پڙهڻ سان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته پاڻ ڪڏهن به جذباتي ٿي نه لکيو آهي. سندس لکڻين ۾ تشبيهات، اشارات، وڌيڪ استعمال ڪيا آهن. پاڻ بهترين شاعر به هو. پاڻ جامع عربيه ۾ استاد رهڻ بعد ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ فارسي جو استاد رهيو. پاڻ صحافت 43ع ۾ هلال پاڪستان کان شروع ڪيائين. عبرت ۾ ڪالم لکڻ سان گڏ رسالا آفتاب ڪراچي، عرفان لطيف حيدرآباد ۾ به لکيو. پاڻ مخدوم طالب الموليٰ پاران جاري ڪيل اخبارن، پاسبان، هالا، الزمان هالا ۽ ميرپورخاص مان شايع ٿيندڙ ترجمان اخبار جو ايڊيٽر به رهيو. بعد ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ آيو ۽ رسالي مهراڻ جو مئنيجنگ ايڊيٽر ٿيو. جڏهن ته پاڻ شاعر ۽ رسالي الرحيم جو به ايڊيٽر رهيو. پاڻ سڄي حياتي علم، ادب، صحافت جي دنيا ۾ نه وسرندڙ خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ بي ڊپو دلير انسان هو.
سندس اديب شاعر دوستن ۾ مخدوم طالب الموليٰ، عثمان علي انصاري، شمشير الحيدري، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به شامل آهن. پاڻ وياسي وينجهار ۽ هڪ ڏينهن جي ڳالهه ۽ ٻين عنوانن سان خوبصورت ۽ منفرد ڪالم لکيا ۽ پاڻ جيڪا سنڌي شاعري ۾ نواڻ آندي ان تي اسان ترقي پسند نسل کي صدين تائين ناز رهندو. پاڻ فقير منش، ننڍي وڏي سان پيار ڪندڙ اڻ واقف سان به ان انداز ۾ ملندا هئا جهڙو پراڻو واقفڪار هجي. پاڻ ڪيترن ئي خوبين جا مالڪ هئا. پاڻ پنهنجي ذات ۾ مڪمل ادارو هئا. پاڻ فلسفي اخلاقيات معاشيات، سياست، مذهب، فقه، علم، ادب جي مڙني ميدانن جو عظيم شهوار هو. 15 سيپٽمبر 1976ع ۾ پاڻ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.