شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

سنڌ جوعوامي شاعر مولا بخش ڪيريو

سنڌ ۾ معتبر، معشوق ۽ محبوب ماڻهن جي ڪا به ڪمي ڪانهي، سنڌ جي اهڙن ئي سادن، سهڻن ۽ سٻاجھڙن ماڻهن منجھان مولا بخش ڪيريو به هڪ آهي . مولا بخش ڪيريو سنڌ جو انمول ڪردار آهي،ناٺياڻي جهڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ادب، آرٽ ۽ موسيقيءَ جي مشن کي روشن رکندڙ مولابخش ڪيريو سنڌ جو نج ڳوٺاڻو ڪردار آهي. جنهن جي اوطاق تي سندس محفل متل رهي ٿي.
مولا بخش ولد مقيم ڪيريو 16 فيبروري 1951ع تي ڳوٺ ناٺياڻي تعلقي دوڙ ضلعي شهيد بينظيرآباد ۾ ڄائو هو. هن ابتدائي تعليم سنڌي پنج درجا پنهنجي اباڻي ڳوٺ ناٺياڻي منجھان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دوڙ ۾ ڇهين ڪلاس ۾ داخلا ورتائين پر تعليمي سفر کي اڳتي جاري نه رکي سگھيو.ساڻيھه جا سينگار جو ليکڪ خادم حسين چانديو لکي ٿو ته ”پاڻ سنڌ جو بهترين عوامي شاعر آهي. هن جي شاعري سولي ۽ سلوڻي آهي“.
مولا بخش ڪيرئي جي شاعري سنڌ جي مشهور فنڪارن ڦوٽو زرداري،جلال چانڊيو، الهداد زرداري، خورشيد علي خان،مکڻو فقير، صنم ماروئي،لطيف چانڊيو،بچل زرداري،علي حسن خاصخيلي،شمشير علي راهو،فقير سومر راهو ۽ ٻين فنڪارن ڳائي آهي.پاڻ پير اعجاز راشدي کي پنهنجوروحاني استاد سمجھي ٿو. هو هر سال 16 فيبروري تي پنهنجي سالگره جي موقعي تي شاندار ڪچهري ڪوٺائيندو آهي.
مولا بخش ڪيريو جي شاعري جو ڪتاب ”عشق جو آسمان“ 2015ع ۾ شايع ٿيوآهي.کيس ٽي پٽ عبدالرشيد،سڪندر علي ۽ غلام فريدآهن. غلام فريد بهترين شاعر ۽ راڳي آهي.(سندس پٽ وحيد علي تازو وفات ڪري ويو آهي). سندن ڀاڻيجوگلاب ڪيريو ۽ رضاڪيريو بهترين مصور ۽ آرٽسٽ آهن.مولا بخش ڪيريو کي زمينداري ۽ مال متاع سان به گھڻو چاهه آهي سندس ادبي دوستن ۾ معشوق ڌاريجو جو نالو قابلِ ذڪر آهي.