شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

سماج سڌارڪ ، علمي ادبي خاتون غلام سڪينه چنا

هن مرداني سماج ۾ عورت جو گهر کان ٻاهر نڪري سماج جي سڌاري ۽ علم ادب جي حوالي سان سرگرميون جاري رکڻ ڏاڍو مشڪل آهي. وڏن شهرن ۾ ته عورتون اهڙيون سرگرميون آساني سان جاري رکي سگهن ٿيون پر اڄ 21 صدي ۾ به ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اڃا اهڙو رواج نه پيو آهي. غلام سڪينه چنا شهيد بينظير آباد ضلعي جي شهر شاهپور جهانيان کان 2 ڪلوميٽر اوڀر طرف هڪ ڳوٺ ننگر مڪان واري علائقي ۾ اهڙيون سرگرميون جاري رکي ان علائقي جي عورتن ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ سان گڏ انهن جي ڀرجهلو بڻيل آهي. غلام سڪينه چنا5 فيبروري 1970 تي سينٽر جيل ڪالوني حيدرآباد جيل پوليس جي سپاهي حسين بخش چنا جي گهر ۾ جنم ورتو. غلام سڪينه چنا ننڍي هوندي کان ذهين، سلڇڻي ٻارڙي هئي. جڏهن 3 ڪلاس ۾ هئي ته پاڻ سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٻين ادبي ادارن پاران ٻارن لاءِ ڪهاڻين ۽ شاعري جا ڪتاب پڙهڻ جو شوق، ڪري ملندڙ خرچي مان امڙ زبيده سان گڏ اهڙا ٻاراڻا ڪتاب وٺي ايندي هئي 6 درجي ۾ آئي ته مختلف اخبارن ۾ ٻارن جي صفحن ۽ گل ڦل ۾ ٻاراڻيون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪورٽ پاران ڦاسي ڏيڻ جو فيصلو آيو ته غلام سڪينه جو والد حسين بخش ڀٽو جو شيدائي هو. هن پنهنجي گهر واري ۽ ٽن ٻارن غلام سڪينه ۽ ٻن پٽن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ وٺي ويو ۽ جج کي درخواست ڏني ته ڪورٽ سڳوري ذوالفقار علي ڀٽو بجاءِ کيس سندس زال ۽ 3 ٻارن کي ڦاهي ڏئي جڏهن ڪورٽ اها درخواست کيس موٽآئي ڏني ته پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ سامهون پنهنجي مٿان گاسليٽ هاري باهه ڏني ته اتي بيٺل پوليس کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو، جتان ڪجهه ڏينهن بعد آزاد ٿيو پر کيس نوڪري مان برطرف ڪيو ويو. پنهنجو ۽ ٻچن جي پيٽ پالڻ لاءِ ٽنڊو آدم جي هڪ بئنڪ ۾ گارڊ ٿيو ۽ سينٽرل جيل ڪالوني واري گهر مان بيدخل ٿي ٽنڊو آدم ڪرائي جي گهر ۾ رهڻ لڳو، غلام سڪينه جي والد پٽن سان گڏ نياڻين کي به اعلى تعليم ڏيارڻ جو فيصلو ڪيو. کيس ايم اي سنڌي تائين تعليم ڏياري نيو علي ڳڙهه ڪاليج ٽنڊو آدم ۾ غلام سڪينه چنا ڪامريڊ سڏبي هئي، شاگردي دور ۾ ڪاليج اندر ٿيندڙ سڀئي رانديون کيڏيون ۽ فرسٽ ايئر دوران ڪاليج ۾ ٿيندڙ راندين جي دوران ڊوڙ، هاءَ لانگ جمپ، بيڊمنٽن، اسڪوائش ۾ پهرين نمبر تي آئي، ۽ لاتعداد ٽرافيون حاصل ڪيون. ڪاليج اندر شل نه ڪو ڇوڪرو ڪنهن ڇوڪري کي تنگ ڪري ته پوءِ هو غلام سڪينه هٿان مار ضرور کائيندو هو. ڪاليج ۾ ڇوڪرين جو ڪوبه مسئلو هوندو هو ته اهو حل لاءِ ڪوشش ڪندي هئي. جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ اسڪول ۾ پ پ جهنڊي واري 3 رنگي گندي پائي ويندي هئي. 83ع ۽ 85ع وارين ايم آر ڊي تحريڪن ۾ پ پ ڪارڪنن تي ٿيندڙ ظلم خلاف اخبارن ۾ ايڊيٽرن جي ٽپال ۾ لکيو،سندس شادي ولي محمد چنا سان ٿيڻ بعد پاڻ ٽنڊو آدم کي خير آباد چئي ڳوٺ ننگر مڪان ۾ رهڻ لڳي، شادي بعد سياسي، سماجي، ادبي سرگرميون ختم ڪري ڇڏيون پر جڏهن 92ع ۾ سندس ڀيڻ جي شادي به ان ڳوٺ ۾ ٿي ان کي عيد تي مائٽن وٽ وڃڻ جو اسرار ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ساهرن پاران ڦاهو ڏنو ويو ان ۾ سندس ڀيڻ مرڻ کان ته بچي وئي پر معذور بڻجي وئي ۽ هن پنهنجي ڀيڻ جو ڪيس مردن وانگر وڙهيو، ان بعد کيس ٻين عورتن جو به احساس ٿيو ۽ هن فيصلو ڪيو ته هن مرداڻي معاشري ۾ عورتن جي حقن لاءِ هو جدوجهد ڪندي ۽ عورتن ۾ پنهنجا حق حاصل ڪرڻ ۽ مردن پاران ظلم ڪرڻ خلاف مزاحمت ڪرڻ جو شعور پيدا ڪندي ۽ ڏسندي ڏسندي هن نه صرف علائقي جي عورتن ۾ شعور آندو، کين مزاحمت ڪرڻ جي جرئت پيدا ڪئي پر هن پنهنجي ۽ آسپاس جي ڳوٺن جي والدين سان ملاقاتون ڪري نياڻين کي تعليم ڏيڻ لاءِ جاڳرتا پيدا ڪئي، پاڻ 2001ع کان 2008ع تائين 2 دفعا بلدياتي چونڊن ۾ عورتن جي مخصوص سيٽ تي ضلعي ڪائونسل نوابشاهه جي ڪائونسلر چونڊي ۽ هن ضلعي اسيمبلي اندر عورتن جي حقن، عورتن تي ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز اٿاريو ۽ ضلعي اندر نياڻين جي بند پيل اسڪولن کي کولرايو، ٽيچرس مقرر ڪرائڻ کان وٺي ضلعي اندر عورتن جي هر مسئلي کي حل ڪرائڻ جي ڀرپور انداز ۾ ڪوشش ڪئي پاڻ پنهنجي ڳوٺ ۾ به ترقياتي ڪم ڪرايا. جڏهن وومين منسٽري پاران ڪائونسلرن کي ٽريننگ ڏيڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي ته ان لاءِ ٿيندڙ امتحان ۾ هي پاس ٿي ۽ هن نه صرف سنڌ پر پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ وڃي ڪائونسلرن کي تربيت ڏيڻ واري پروجيڪٽ تي ڪم ڪيو سڪينه جون ضلعي اندر عورتن کي سياسي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ به سندس ڪوششون قابل تعريف آهن. پاڻ 2010ع ۾ ماستري واري امتحان ۾ پاس ٿي، سندس ڳوٺ کان 5 ڪلوميٽر پري ڳوٺ صفن ۾ پنهنجو آرڊر ڪرايو، جتي مرد ماستر به ڪچي جو پنڌ اسڪول ۾ ٻار نه هئڻ اسڪول ۾ سهولتون نه هئڻ جو بهانو بنائي نه ويندا هئا. هن اتي والدين سان ملاقاتون ڪري ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ اسڪول موڪلڻ لاءِ زور ڀريو، والدين کي منٿ ميڙ به ڪئي، نتيجي ۾ ان ننڍڙي ڳوٺ ۾ اڍائي سئو کان وڌيڪ ٻار پڙهن ٿا، بعد ۾ پاڻ اسڪول لاءِ ٻه وڌيڪ ماستر به ورتا. پاڻ ان اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي آهي. پاڻ هڪ سماج سڌارڪ جي حيثيت سان بيمار غريب ماڻهن کي وٺي وڃي اسپتال ۾ داخل ڪرائي کين اسپتال ۾ بهتر علاج جون سهوليتون وٺرائي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي. سندس ڪوشش سان وقت به وقت سندس ڳوٺ ۽ آسپاس جي علائقي ۾ ميڊيڪل ڪيمپ لڳن ٿيون. علائقي جي ماڻهن جو ڪهڙو به مسئلو هوندو آهي ته هو هن وٽ ايندا آهن ۽ غلام سڪينه مردن وانگر انهن مسڪين بي پهچ ماڻهن سان واسطيدار انتظاميا وٽ وڃي انهن جا مسئلا حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، علائقي ۾ پوليس يا ڪو بااثر ڪنهن غريب تي ظلم ڪري ٿو ته ان خلاف قانوني مزاحمت ڪري ٿي. انڪري علائقي جي غريب ماڻهن وٽ سندس لاءِ وڏو عزت احترام آهي. ڳوٺ ۾ ڪنهن عورت سان غير امتيازي سلوڪ ٿيندو هجي ، مڙس زال تي تشدد ڪري ٿو، سس ننهن تي ظلم ڪندي هجي ته هي اهو ٻڌندي بيچين ٿي ويندي آهي ۽ اتي وڃي انهن کي سمجهائيندي آهي نه سمجهڻ جي صورت ۾ اهڙين مظلوم عورتن جي هر طرح سان مدد ڪندي آهي. علائقي ۾ ٿيندڙ علمي، ادبي، سماجي ثقافتي پروگرامن ۾ مردن وانگر شريڪ ٿئي ٿي پاڻ بهترين مقرر به آهي، انهن تقريبات ۾ بهتر انداز ۾ دليلن سان ڳالهائي ٿي، کيس ڪيتريون ئي قرآن شريف جون آيتون، حديثون، مختلف مفڪرن جا قول ۽ لطيف سائين ۽ ٻين شاعرن جي شاعري ياد آهي. تقريرن ۽ ڳالهين ۾ موضوع جي حساب سان انهن جو استعمال ڪندي رهي آهي. فارغ وقت ۾ علائقي جي ڳوٺن ۾ عورتن سان ملاقاتون ڪري کين اولاد جي سٺي پرورش بابت به سهڻيون صلاحون ڏيندي رهي ٿي، شادي کان اڳ پاڻ شاعري به ڪندي هڪ بهترين شاعره طور اڀري، سندس شاعري مختلف اخبارن، رسالن ۾ شايع ٿي 2011ع ۾ برساتي ٻوڏ ۾ سندس ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل شاعري لڙهي وئي. پاڻ بهترين ليکڪه به آهي، ڪاوش، هلال پاڪستان، چنا سماچار ۽ ٻين اخبارن ۾ سندس مضمون شايع ٿيندا رهيا آهن، پاڻ ڪارو ڪاري سڱ چٽي، سماجي براين، عورتن جي آزادي، عورتن جي مسئلن سنڌ م تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي معاشري مان ختم ٿيندڙ اخلاقيات کان وٺي هر موضوع تي لکيو آهي. هر قسم جا ڪتاب سندس مطالعي ۾ رهيا آهن. ڪتاب هٿ ۾ کڻي انکي پورو ڪري پوءِ ڇڏيندي آهي. راڳ ويراڳ سان دلچسپي رکي ٿي، عابده پروين، رونا ليليٰ، سلمان شاهه جا ڳايل گيت ٻڌي انهن ۾ گم ٿي ويندي آهي. صوفي ازم تي وڏي ڄاڻ رکي ٿي. صوفي ازم تي منفرد انداز ۾ ڳالهائي سگهي ٿي، کيس 6 پٽ هڪ نياڻي آهي. کيس آرمي ۾ آفيسر ٿيڻ جو شوق هو، جو شادي ٿيڻ کانپوءِ اها ۽ اهڙيون ڪيئن خواهشون اڌوريون رهجي ويس.پاڻ پنهنجي ڳوٺ ۽ علائي ۾ انتقال ڪري ويندر عورتن کي في سبيل الله غسل به ڏياريندر آهي.