شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

صوفي منش ۽ ادب دوست احمد خان ٽڳڙ

صوفي احمد ٽڳڙ سان منهنجو تعلق 25 سالن کان به پراڻو آهي. سندس ڪردار کان مون سميت سڀ دوست گهڻو متاثر آهن، پاڻ ولي الله سان محبت ڪندڙ سڄي سنڌ جي صوفي بزرگن جي عرس مبارڪن ۾ ويندڙ، درگاهن تي خدمت ڪرڻ، غريب اديبن ۽ شاعرن جون لکڻيون هڙان وڙان ڇپائي ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ، لطيف سائين جي شعر ”تتي ٿڌي ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ“ تي عمل ڪندڙ صوفي احمد خان ٽڳڙ 65-2-25ع تي نوشهروفيروز جي مشهور تاريخي ڳوٺ ابڙان ۾ هڪ هاري مزدور سائين رکيو ٽڳڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. مسلسل محنت جدوجهد سان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، پرائمري کان انٽر تائين نوان جتوئي، بي ڪام سنڌ ڪامرس ڪاليج حيدرآباد مان، ايل ايل بي جناح لا ڪاليج حيدرآباد مان حاصل ڪئي. ننڍي هوندي کان سماجي ڪم ڪرڻ پنهنجي مدد پاڻ ڪريو اصول تحت ڪم ڪرڻ، راڳ ويراڳ سان دلچسپي رکندڙ آهي. ادب سان ننڍي هوندي کان دلچسي رهي اٿس. شاگردي زماني کان وٺي تاريخي، اسلامي، فقھ جا ڪتاب دلچسپي سان پڙهي ٿو. پاڻ مختلف کاتن ۾ ڪلارڪ، جونيئر ڪلارڪ، اسٽنو گرافر رهيو آهي. بعد ۾ هالا اسڪارپ ۾ اسٽينو گرافر مقرر ٿيو. هن وقت ترقي ڪندي چيف انجنيئر آفيس ۾ آفيس سپريڊنٽ آهي. شاگردي واري زماني ۾ ابڙان جي صوفي منش انسان سيد لياقت علي شاه سان دوستي هئڻ ڪري سندس صوفيت ڏانهن لاڙو رهيو. ننڍي وهي کان علائقي جي درگاهن تي صوفيانه راڳ ٻڌڻ سان دلچسپي رکندو هو. سيد لياقت علي خان جي معرفت بزرگ سيد فضل الله شاهه، علي مردان شاهه ”نوان جتوئي“ سان واقفيت ٿي، ان جي معرفت مخدوم طالب الموليٰ ۽ رئيس دوست علي خان کٽياڻ سان واقفيت ٿي ۽ پاڻ دوست علي خان جو طالب ٿيو ۽ ان وٽ رهي روحانيت، تصوف صوفي ازم، راڳ ويراڳ ۽ حڪمت جون ڳالهيون سکيو ۽ رئيس دوست علي خان کٽياڻ سان گڏ مختلف صوفي بزرگن جي عرس مبارڪن تي باقاعده ويندو هو ۽ راتين جون راتيون ويهي راڳ ويراڳ جون محفلون ٻڌي ذهني ۽ دلي سڪون حاصل ڪندو هو. سندس حضرت محمد فقير کٽياڻ سان وڏي عقيدت رهي آهي. 1984ع کان اڄ تائين محمد فقير کٽياڻ جي هر مهيني ملهائيندڙ ستين نه ڇڏي آهي. ڪٿي به هجي ڪهڙي به حال ۾ هجي پر ستين جي پروگرام ۾ هر حال ۾ شامل رهندو آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي ولي الله جي سجاده نشينن ۽ صوفي فقيرن سان سندس ملاقاتون رهيون آهن، جن مان پاڻ سيد محمد شاهه ناصري وارو جنهن جي مزار مٽياري باءِ پاس تي آهي، ان مان ڏاڍو متاثر هو، پاڻ ماضي ۾ سنڌي ادبي سنگت هالا جو سرگرم ميمبر رهيو آهي. پاڻ ٻين به ڪيترن ئي علمي، ادبي، سماجي تنظيمن جو ميمبر ۽ عهديدار رهيو آهي. پاڻ اسڪارپ ايريگيشن جي ليبر يونين ۾ مختلف اهم عهدن تي به رهيو آهي. صوفي احمد ٽڳڙ يارن جو يار غربين جو همدرد رهيو آهي. پاڻ غريب اديبن جي لکڻين، شاعرن جي شاعري جا ڪتاب هڙان وڙان خرچ ڪري ڇپائيندو رهي ٿو. پاڻ درگاهن تي خدمت به ڪري ٿو، ڪجهه غريب دوستن جي اولاد کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ مدد ڪندو رهي ٿو. سندس ڪوششن سان ڪيترن ئي غريب مٽ مائٽن ۽ دوستن انهن جي اولاد کي نوڪرين سان لڳرايو آهي. ٻين جي خدمت ڪندي خوشي محسوس ڪري ٿو. پاڻ درگاهن تي وڃي ذڪر الاهي ڪندو رهيو آهي. زندگي ۾ هڪ عشق ڪيو جنهن کيس اري مان ڪڍي ڇڏيو. هن جڏهن محسوس ڪيو ته هاڻ هو نه دين جو نه دنيا جو رهندو ته دل تي پٿر رکي پيار سان بي وفائي ڪري ويو، ليڪن اڄ به پنهنجي پيار کي وساري نه سگهيو آهي. اڪيلائي ۾ راڳ ويراڳ ٻڌڻ سان بي حال ٿيڻ لڳندو آهي. ماضي جي يادن ۾ گم ٿي ويندو آهي، ان عشق کيس شاعري ڪرائي ۽ پاڻ بهترين شاعر طور اڀريو پر کيس رئيس دوست علي خان منع ڪئي ان بعد شاعري ڪرڻ ڇڏي ڏني. سندس پسند جا فنڪار حسين بخش خادم، ڦوٽو زرداري، صادق فقير آهن. کيس ننگڙا نماڻي داد جيوين تيوين پالڻا ڏاڍو وڻندو آهي، پاڻ خود به شوقيه ڳائيندو هو. پاڻ يڪتارو، باجو به سکيو پر سيد فضل علي شاهه کيس منع ڪئي ته سکو نه ٻڌو.
صوفي احمد ٽڳڙ ڪيترن ئي بزرگن جي مزارن تي پنهنجي حيثيت مطابق ڪم به ڪرايا آهن. سيد لياقت علي شاهه جي ابڙان ۾ ۽ سيد ڇٽل شاه جي مزار جو ڪم ڪرايو ۽ مزار ٺهرائي آهي. خوشي جي لمحن ۾ صوفيانه راڳ ٻڌندو آهي. ڏک واري لمحن ۾ ”اي دل تجهي قسم هي، تو همٿ نه هارنا“ گانو ٻڌي همٿ کان ڪم وٺندو آهي. واندڪائي ۾ ذڪر الاهي ڪندو آهي. کيس محمد فقير کٽياڻ جي مزار تي روحاني سڪون ملي ٿو. پاڻ ڪيترن ئي غريب فنڪارن جي به مالي مدد ڪندو رهيو آهي. رٽائرڊ ٿيڻ بعد مال متاع سان شوق رکڻ ۽ مختلف موضوعن جا ڪتاب لکڻ جي خواهش رکي ٿو. اسان 1993ع کان جڏهن شاه لطيف ڀٽائي جو ڪلام پيغام عام ڪرڻ لاءِ ”ڀيڄ ڀٽائي ميگزين“ شروع ڪيو ته صوفي احمد خان ٽڳڙ جو ڀرپور تعاون رهيو، سندس ڪوششن سان ڪيترن ئي صوفي بزرگن بابت ننڍڙا ڪتابچا به شايع ڪيا آهن ۽ شايع ٿيندا رهن ٿا. پاڻ مشهور شاعرن حافظ محمد بخش خاصخيلي، ثاقب سومرو، نواز رڪڻائي جي شاعري جي ڪتابن ڇپائڻ ۽ اهڙا ڪتاب ڇپائندڙن جي ڀرپور مدد ڪندو رهيو آهي. صوفي احمد ٽڳڙ بهترين ليکڪ به آهي، ليڪن مصروف رهڻ ڪري تمام گهٽ لکيو آهي، پر جيڪو ڪجهه لکيو آهي، بهتر لکيو آهي، سندس صوفيت، روحانيت تي ڪيترائي مضمون مختلف ميگزين ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيا آهن. سندس خواهش آهي ته رٽائرڊ ٿيڻ بعد هو باقاعده لکندو، پاڻ ادبي، ثقافتي پروگرامن جو به سهڪاري رهيو آهي.
بي پهچ غريب ماڻهن جا ڪم ڪاريون ڪرڻ ۽ ڪرائي ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو آهي، کيس 2 پٽ سائين رکيو ۽ طفيل، 2 نياڻيون ڊاڪٽر ڪنول ۽ زينب آهن.