شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

سنڌ جو جاکوڙي ڪردار تاج جويو

تاج جويو جو شمار سنڌ جي ناميارن شاعرن ، ليکڪن ۽ تعليم ڪارن ۾ ٿئي ٿو، پاڻ سڄي حياتي علم ادب جي خدمت ۾ گذاري آهي. اديب، شاعرن سان گڏ سندس سڃاڻپ بهترين استاد طور به آهي. پاڻ پرائمري استاد کان وٺي اسسٽنٽ پروفيسر تائين. شاگردن کي بهترين انداز ۾ پڙهايو. تاج محمد ”تاج جويو“ جو جنم 6 سيپٽمبر 1954ع تي قاضي احمد ويجهو ڳوٺ پير ڪولاچي ۾ ٿيو. پاڻ پرائمري جو پهريون درجو سن ۾ ٻئي کان پنجين درجي تائين پير ڪولاچي ۾ ڏهين ڪلاس قاضي احمد مان پاس ڪري بعد ۾ ٽريننگ ڪاليج مان ايس وي ڪورس پاس ڪري پرائمري ٽيچر مقرر ٿيو. ساڳئي وقت پرائيويٽ طور تعليم جاري رکندي انٽر، بي اي بعد ۾ ايم اي سنڌي جو امتحان فسٽ ڪلاس فسٽ ۾ پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. پرائمري ٽيچر مان ترقي ڪندي سيڪنڊري ٽيچر بعد ۾ ليڪچرار ٿيو، ليڪچرار طور سندس پهرين پوسٽنگ ميرپور خاص ۾ ٿي اتان کان مختلف وقتن تي سندس پوسٽنگ گورنمينٽ ڪاليج مٺي، گورنمينٽ سٽي ڪاليج حيدرآباد، گورنيمنٽ ڪاليج ڪوٽڙي، گورمينٽ ڪاليج قاسم آباد ۾ هيو، هاڻ پاڻ رٽائرڊ آهي. تاج جويو سنڌي ٻولي جي خودمختيار اداري ۾ ٻه دفعا سيڪريٽري رهيو آهي بعد ۾ سنڌي ٻولي جي خود مختيار اداري ۾ سنڌي ڊڪشنري بورڊ جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر طور سنڌي ٻولي لاءِ پاڻ پتوڙي 2016ع ۾ سنڌي ڊڪشنري ۾ سندس نالو شامل نه ڪرڻ تي ان عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. تاج جويو کي ننڍي هوندي کان ادب ڏانهن لاڙو رهيو. 1966ع ۾ جڏهن اڃا ڇهين درجي جو شاگرد هو ته پاڻ شاعري شروع ڪئي، شاعري ۾ سندس رهنمائي سنڌ جي مشهور شاعر سائين راشد مورائي ڪئي. پاڻ گيت، نظم، بيت، وائي تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس شاعري عوامي رنگ ۾ رتل آهي، پاڻ شاعري ۾ سنڌي جا آسان لفظ استعمال ڪيا آهن. سندس شاعري ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين جو درد، معاشراتي مسئلا، سنڌ جي ثقافتي عڪاسي به شامل آهي. سندس شاعري تقريبن سنڌي رسالن، اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي. سندس شعري مجموعو ”سوچون سرها گل، 1978ع ۾ اياز گل سان گڏ شايع ٿيو. تاج جويو بهترين ليکڪ به آهي. سندس مختلف اشوز کانسواءِ شخصيتن، سنڌ جي صوفي بزرگن تي لاتعداد آرٽيڪل شايع ٿيا آهن. پاڻ لطيف سائين جي رسالي جو پارکو آهي. لطيف سائين جي شاعري تي تحقيق ڪندو رهيو آهي. لطيف سائين جي شخصيت، شاعري تي سندس لاتعداد آرٽيڪل شايع ٿيا آهن. پاڻ بهترين ترجمانگار به آهي. سندس ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ انصاف جو گهنڊ، ڏيئا ڏات جا، (عبدالحڪيم ارشد جو شعري مجموعو) پريم نگر، سامي خاص نمبر، ولي رام ولڀ سان گڏ ڪجهه خط جي ايم سيد اًهي پڻ چڪيم چاڪ ”جي ايم سيد“ سنڌ ڳالهائي ٿي ”سائين جي ايم سيد جو عدالتي بيان عبدالواحد آريسر سان گڏ ترتيب ڏنل قاليچ بيگ ترتيب سامي تي هڪ نظر، ترتيب ڊاڪٽر بلوچ هڪ مثالي انسان 2 حصا ترتيب، سٻاجهو ساڃهه وند محمد ابراهيم جويو، ترتيب، ڏاهو ڏات ڌڻي ”نئين ترتيب، موجد شاعر حاجي احمد ملاح ”ترتيب“ وڏو ڪهاڻيڪار وڏو انسان نسيم کرل ترتيب، سڪل وڻ آئون صحرا جو ”احسن الهاشمي جو ڪلام ”ترتيب“ دل ۽ ڌرتي جا گيت نياز همايو جي شاعري ترتيب سنڌ جو ديو مالائي ڪردار، سراج ميمڻ شخصيت فن ترتيب، هو جو سراپا عشق هو، عبدالواحد آريسر بابت مضمون ترتيب تاريخ سان تعزيت، عبدالواحد آريسر بابت مضمون، تاثرات ترتيب، شاهه لطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪن تي ٿيل ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن جا ثقافت کاتو حڪومت سنڌ پاران ڇپايل ڪتابن سر رپ، شاهه لطيف ۽ تحريڪ، ديسي سيڻ ڪجن، سر سورٺ، حسيني جي هاڪ، سر مومل راڻو ۽ ٻيا ترتيب ڏنا. سندس ڇپيل ٻين ڪتابن ۾ سوچون سرها گل، شاعري اياز گل سان گڏ، جنهن تي سنڌ الاجي پاران انعام ڏنو ويو. دنيا جون انقلابي عورتون ترجمو، سنڌي گيت ايم اي سنڌي لاءِ لکيل مونو گراف، سنڌ الاجي پاران ڇپايو ويو. نيڻ مهٽي خيال جاڳيا،(جديد سنڌي شاعري جو مطالعو) تلسين جي سرهاڻ (جديد سنڌي شاعري جو مطالعو جلد 2) جر ۾ ٿو جرڪان (شيخ اياز ۽ شاهه لطيف ڀٽائي کي نثر ۽ شاعري ۾ خراج تحسين) سنڌ جي تاريخ جو مطالعو، اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي، ڪالمن جو مجموعو مان ورڻو هان مان ورڻو ها (شيخ اياز جي شاعري جي اڀياس) سامي تي هڪ نئين نظر آءٌ درازا هل (شيخ اياز جو سچل سرمست کي نثر ۽ شاعري ۾ خراج تحسين، سنڌي آيا سنڌ گهمڻ سندس ٻيا ڪافي ڪتاب ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن. سنڌي ٻولي جي خود مختاري اداري ۾ 2 دفعا سيڪريٽري رهڻ دوران سنڌي ٻولي جي فروغ لاءِ سندس ورتل ڪوششون قابل تعريف آهن. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي ڇپايل 9 جلدن ۾ ڇپائي جي حوالي سان سندس وڏي خدمت آهي. تاج جويو 4 ڀيرا سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهيو آهي. تاج جويو جي همٿ افزائي سان ڪيترائي نوجوان ادب جي ميدان ۾ آيا آهن. جن به سنڌي ادب ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي، پاڻ انتهائي مصروف رهڻ جي باوجود سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ ادبي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو آهي. صبح کان رات تائين سنڌي ادب جي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. جڏهن ته سنڌ جي اديبن، شاعرن، ادب دوستن، ذاتي دوستن جي خوشين، غمين ۾ شريڪ ٿيندو رهي ٿو حضرت شاهه لطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ ۾ ادبي ڪانفرنس جي حوالي سان سندس ڪوششون ساراهه جوڳيون رهيون آهن. کيس ادبي دنيا ۾ خدمتن جي اعتراف طور 20 کان وڌيڪ ايوارڊ مليا آهن. ڪيترن ئي شهرن ۾ ساڻس رهاڻيون رچايون ويون آهن. پاڻ پ ٽ الف تعلقه سڪرنڊ جا صدر، پ ٽ الف ضلعي نوابشاهه جا خزانچي،سگا سڪرنڊ جو صدر ، سگا مرڪز جو جوائنٽ سيڪريٽري، سنڌ پروفيسر ليڪچرس ايسوسيئيشن مرڪز جو جوائنٽ سيڪريٽري ڪلچرل سيڪريٽري، سنڌالاجي جو صلاحڪار، لوڪ ورثو اسلام آباد جو ميمبر بورڊ آف گورنرس ۽ ٻين تنظيمن ۾ ادارن جي صلاحڪارن ۽ بورڊ آف گورنرس ۽ ٻين عهدن تي رهيو آهي. جتي سندس ڪارڪردگي قابل تعريف رهي آهي. پاڻ سنڌ ۾ ٿيندڙ سوين علمي ، ادبي ثقافتي پروگرامن ساهتڪارن، ڪلاڪارن سان ملهائيل، شامن، رهاڻين، ورسين جي سوين پروگرامن ۾ صدر مجلس مک مهمان طور شريڪ ٿيو آهي. پاڻ بهترين مقرر آهي. تاج جويو ادبي دنيا جي هيڏي وڏي شخصيت هئڻ جي باوجود سادو ، سٻاجهڙو، فقير منش شخصيت جو مالڪ آهي. هر ماڻهو کي عزت مان ڏيڻ وارو آهي. سنڌ ۾ ڪٿي به ادبي ثقافتي پروگرامن جون دعوتون ملڻ تي ڪوشش ڪري انهن ۾ شريڪ ٿيندو آهي. سنڌ جي هر اديب شاعر جي خواهش رهي آهي ته سندن ڪتابن جو مهاڳ تاج جويو لکي.