انساني حقن جو علمبردار فضل قادر ميمڻ ايڊووڪيٽ
پاڻ وڪالت جهڙي پيشه ۾ مصروف رهڻ جي باوجود ادب سان واسطو ختم نه ڪيو آهي. اڄ به ادب سان لکڻ ۽ پڙهڻ حد تائين وابسته رکي ٿو. مختلف اخبارن ، رسالن ۾ آرٽيڪل لکي ٿو، انساني حقن ۽ قانون جي عام ماڻهو کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ سندس آرٽيڪل شايع ٿيندا رهن ٿا، ماضي ۾ پڻ نه صرف ادبي دنيا سان وابسته رهيو پر حيدرآباد ۾ سڳند پبليڪشن جو بنياد وجهي ڪيترائي سال ان جا پرچا مارڪيٽ ۾ آندا ، بعد ۾ واهه سائين واهه جهڙو معياري ادبي پرچو مارڪيٽ ۾ آندو. جڏهن ادبي ثقافتي سرگرمين ۾ ماٺار ۾ هيون.سڳند سنگت سنڌ نالي تنظيم قائم ڪري سڄي سنڌ ۾ ادبي ثقافتي سرگرميون شروع ڪري ڏنيون ۽ ادبي ثقافتي شامون ملهائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو. جڏهن ته اديبن، شاعرن سان گڏ فنڪارن سماج سڌارڪن ،بيباڪ صحافين سان شامون ملهايون، ان تنظيم جي پليٽ فارم تان سماجي مسئلا حل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي پاڻ ڪافي سالن کان هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر پڻ آهي، ان پليٽ فارم تان مظلوم ماڻهن کي حقن جي حاصلات ، ناانصافين ، ڏاڍ خلاف سندس جاکوڙ لاڳيتي رهي آهي. پاڻ حقوق العباد تي پورو لهڻ لاءِ ڪوشان آهي، خلق خدا جي خدمت واري جذبي سان مڪمل طور سرشار آهي. خلق خدا جي خدمت ڪندي کيس خوشي ٿئي ٿي سڪون ملي ٿو، پاڻ ڪيترن ئي غريب ماڻهن جا ڪيس فري ۾ کڻي ٿو، ڪوشش ڪندو آهي ته هو اهڙا ڪيس کڻي جيڪي سچا هجن، سندس شمار سنڌ جي بهترين ۽ بااصول وڪيلن ۾ ٿئي ٿو، فضل قادر ميمڻ جو سول سوسائٽي ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. مختلف سماجي تنظيمن پاران ٿيندڙ عوامي مسئلن ، انساني حقن وارن سيمينارن ۾ باقاعده حصو وٺندو رهيو آهي. پاڻ وڪالت ۾ ڪرمنل ۽ سول ڪيسن جو مشهور وڪيل آهي. سندس شمار انسان دوست وڪيلن ۾ ٿئي ٿو، پاڻ لاچار غريب عورتن جي ملڪيت ۾ حصي نه ملڻ عورتن ٻارن تي ٿيندڙ تشد جا ڪيس مفت ۾ وڙهي ٿو. پاڻ حيدرآباد جي ساڃاهه وند ڌرين سان گڏ سنڌ جي اهم اشوز پاڻي جي کوٽ، بجلي جي هٿرادو لوڊشيدنگ، بيروزگار، عورتن ۽ ٻارن تي ٿيندڙ جنسي جسماني تشدد خلاف احتجاجي مظاهرا ڪندو رهيو آهي. بيحد مصروف رهن جي باوجود ادب سان لڳاءُ هئڻ ڪري رات جو ڪتاب پڙهڻ جهڙوڪ هن جي فرض ۾ شامل آهي.