شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

ميگهواڙ ڪميونٽي جو پهريون ڊاڪٽر ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ

تاريخ ۾ جيڪي به وڏا املهه ماڻهو پيدا ٿيا آهن. اهي اڪثر پيڙهيل طبقي مان نروار ٿيا آهن. ٿر جي اڏول انسان ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي جرئت کي آديش، جو هي کيسي خالي نڪري حيدرآباد اچي ٽيوشنون پڙهائي، اسڪالر شپون ماڻي، پنهنجي محنت ۽ ذهانت سان مينگهواڙ برادري جو پهريون ڊاڪٽر ٿيو. قدر آور شخصيت جنهن جي ڪردار جي اوکي ۾ گهرجائن جي مدد ڪندڙ 50 سالن کان مسلسل بيمار مخلوق جو مسيحا ۽ آسرو ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي بي لوث خدمت ۽ اتهاس سندس پٽن پوٽن توڙي سندس رهنمائي ۽ نگراني ۾ پريڪٽس ڪندڙن لاءِ شناختي ڪارڊ جي حيثيت رکي ٿي. ڊاڪٽر صاحب جو وجود ميگهواڙ خاندانن لاءِ اميدن ۽ خوشين جي رڪشا ڪرڻ ۽ شڀ ڀاونائون آڇيندڙ رهيو آهي. هر وقت چست رلڻو ملڻو با اصول هن شيوڪ انسان جي مزاج ۾ ڪاوڙ ۽ اهنڪار ڪڏهن به ڏسڻ ۾ نه آئي.اسپتال ۾ ايندڙ جنهن به اگهي سان مليو ته ان کي پنهنجو گرويدو بنائي ڇڏيائين. پاڻ سانگهڙ ۽ ٺٽي ۾ الائي ڪڏهن سول سرجن رهيو پر اتان جا ماڻهو اڄ به علاج لاءِ ڊاڪٽر راڻو راڻو ڪندا وٽس ميرپور خاص پهچن ٿا. سڄو ڏينهن مريضن جي وچم رهڻ جي باوجود پاڻ سوشل سرگرمين ۾ حصو وٺڻ سارڪ ملڪن جي سيئر سفر ڪرڻ ۽ انهن يادن کي به ڊائري ۾ محفوظ ڪرڻ جو اعليٰ ذوق آهي ڊاڪٽر راڻا سي راٺور پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ميڊيڪل آفيسر ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان، ڊگهڙي، لاڙڪاڻو، بلوچستان جي شهر ٻيلا ۽ گهڻو وقت سول سرجن سانگهڙ ۽ ٺٽو رهيو ۽ آخر ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ 20 هين گريڊ ۾ رٽائرڊ ٿيو.
ڪبيرا جب سنسار ۾ آئي، جڳ هسي تم روئي،
اٻ ايسي ڪرني ڪر چلو ڪه، تم هسو جڳ روئي.
(ڪبير ڀڳت)
ڊاڪٽر راڻا راٺوڙ جي پڙهائي خود ٿر جي شاگردن لاءِ اتساهه جو سبب بڻي، هن پسماندهه برادرين ۾ تعليم وڌائڻ لاءِ ايجوڪيشنل سوسائٽيون ٺاهيون، ٿر ۾ دورا ڪري پرچار ڪيو هينئر به 82 سالن جي ڄمار ۾ سجاڳي جي سڏن ۾ شموليت فلاحي ڪمن ۾ سهائتا ۽ سرواڻي ڪندو رهي ٿو هن بافضيلت ۽ باڪردار انسان جو وجود هن ڌرتي تي باعث ڀلائي آهي. آرين هند ۽ سنڌ ۾ اچڻ شرط رنگ ۽ نسل جو بنياد وڌو، پر ميگهواڙ قبيلا آرين کان اڳ سنڌو تهذيب جا رکوالا آهن. شاهان گجر ۾ ايس صادق علوي، لکيو آهي ته هي اصل راجپوتانا جا آهن جو پوءِ گجرات ۽ ڪڇ کان ٿر تائين ۽ سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويٺا هينئر جيڪي سنڌ ۾ ميگهواڙ زاده رهن ٿا انهن جي ٽن نسلن تيزي سان علم حاصل ڪري پاڻ کي تعليم جي حسن سان قابل احترام ڪيو آهي. هن ڪميونٽي ۾ ايڏيون ته مهان شخصيتون موجود آهن. جن کي آئيڊيل وٺي سندن برادرين نسل سڌارڻ شروع ڪيا. جن ۾ پرائيڊ آف پرفامنس ڊاڪٽر سونو کنگها راڻي، استاد ساجن داس، وڪيل ارجن داس (پنو عاقل) سگالچند (ننگرپارڪر) ٻيجل مل لنجار (رڻ ڪڇ) ڊاڪٽر جوڌو مل (عمرڪوٽ) صحافت ۾ جئه پرڪاش مورياڻي معصوم ٿري (جھڏو)، ڊاڪٽر جئه مل ڌناڻي، سياستڪار ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ سينيٽر انجنيئر گيانچند (ڏيپلو) موسيقار استاد تارا چند (ڀٽ شاهه) ڊاڪٽر چيلا رام (پو ٽيڀري) ڪستور چند چيلاڻي(راجوڙو) مهراڻ مل بانبنيا (عمرڪوٽ) رتنا ٻائي (حيدرآباد) ۽ ميٺارام ايڊوڪيٽ رٽائرڊ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻيا هر فيلڊ ۾ موجود آهن جن کي ڪميونٽي جو هر فرد قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. آئينه قديم سنڌ، دائره معارف اسلام، ميگهه ونس اتهاس، هندو ڌرم جي ٻن ويدن ۾ پڻ ميگهواڙن بابت حوالا موجود آهن.
”ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا“ ۾ راٺوڙن جي تيرهن شاخن جو شمارو راجپوتن جي ڇٽيهه خاندانن ۾ ٿئي ٿو راجه قنجه راٺوڙ جنهن ”قنوج“ جو شهر ٻڌايو هو، سورج ونسي ڪل ۽ سام بن نوح جي هڪ پٽ ”ٻڌا“ جي نک راٺوڙ جيڪي اڳ هنگلاج بت خاني جي ديوي جا پوڄاري به رهيا تڏهن راٺوڙن لس ٻيلي لاڙ ۽ ٿر ۾ به حڪومت ڪئي ۽ باقاعده راٺوڙ ڊائنا سٽي سڏبي هئي پراچين زماني کان راٺوڙ مان ”جوڳو“ ونس آهي، ڊاڪٽر صاحب جا وڏا ڪن حالات جي ڪري اتر قنوج مان لڏ پلاڻ ڪري جيسلمير کان سنڌ ۾ داخل ٿيا ۽ عمرڪوٽ گوڙهيار تائين پهتا جتان پوءِ هريار ٿر ۾ ڪجهه وقت رهڻ لڳا ۽ هتي اچي مالهڻ ديوي جا پوڄاري ٿيا اٽڪل 16 هي صدي ۾ جاڳن جو ڪو خون ٿيو جنهن بعد اتان لڏي عيسب فقير جي درگاهه (ڇور) ۾ پناهه ورتائون ۽ سندس اولاد عسب فقير جو به مريد ٿيو شجري ۽ نکن موجب ڪيترائي ڳوٺ ٺهيا جن ۾ کيمي جو پار، چاڙهيار، ڀاڏاسندا، ڀاڏاري کينسر، ڊپٻوڙي، کياڙو، ڌانڀاريو، پاٻو ويرو، جوڳلار ۽ ٻيا مشهور آهن ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جو ڏاڏو هيمون ۽ پڙ ڏاڏو ڪيسو راٺوڙ ڳوٺ چاڙهيار ۾ اچي آباد ٿيا ۽ ڪافي راڄ 1965ع ۽ پوءِ 1971ع جي جنگ کانپوءِ هندستان هليا ويا.
ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙصاحب جو جنم 10 مئي 1934ع ۾ ٿيو پاڻ 5 ڀائرن ۾ ننڍي ۾ ننڍو آهي. سندس اسڪول ۾ داخلا 1940ع ۾ ٿي ليڪن اسڪول پري هئڻ ڪري 2 سال پڙهائي کان محروم رهيو ۽ ٻيهر 1945ع ۾ ڊبل پروموشن ڪري پڙهيو ۽ ائين 27 ڪلو ميٽر پري اسڪول گڊڙو سٽي ۾ پڙهڻ لڳو ۽ مڊل ڇاڇرو اسڪول ۾ 1950 ڌاري پاس ڪيائين، علم جو سفر جاري رکندي 1952ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ 1953ع جي بئنچ ۾ مئٽرڪ ۽ ڊي جي ڪاليج مان انٽر فرسٽ ڪلاس پاس ڪري پوءِ ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان 1961ع ڌاري پاس ڪري ملازمت ۾ آيو ۽ عمر جا 60 سال پورا ڪري 20هين گريڊ ۾ رٽائرڊ ٿيو ڊاڪٽر رانا ولد ڇانڀا رام راٺور جنهن جي ماءُ شريمتي باري ٻائي جي نسبت ذات ڪڏيجا ۽ نک پرمار آهي کيس 5 پٽ جن ۾ وڏو ڊاڪٽر سرجن جواهر لال، ڊاڪٽر گوهر راٺوڙ، ڊاڪٽر سردار راٺوڙ، انجنيئر نريندر راٺوڙ ۽ فنانس آفيسر جئندر راٺوڙ آهن. اهو به اهم نڪتو آهي ڊاڪٽر صاحب پنهنجي گهرواري جي ڏکوئيندڙ سانحي کانپوءِ ٻي شادي نه ڪئي.
پاڻ 1952ع کان خوشيرام هريجن ٽرسٽ سان به وابسته رهي سيٺ هوند راج آوتراءِ راڄپال سان سڄي سنڌ ۾ خاص طور ٿر ۾ اسڪالر شپ ورهائي ٿو ، ٿرديپ جهڙي مصروف اين جي او ۾ جنرل باڊي جو ميمبر پڻ آهي ان کانسواءِ نوڪري دوران 20 سال مختلف ضلعن ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئشن جو صدر رهيو ۽ ڪيتريون ئي ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون هندو ميٿالاجي موجب 50 کان 75 سالن تائين ماڻهوءِ کي برم هچاري ٿي رهڻو آهي جنهن ۾ خيراتون، ست سنگ، پوڄا پاٽ، رياضتون ڪرڻ وغيره انکانپوءِ کيس سنياس ۾ وڃڻو آهي پر ڊاڪٽر راڻا صاحب پاڻ کي پوڙهو سمجهي ئي نٿو پاڻ خوش پوشاڪ خوش اخلاق خوش طبيعت ۽ توڪل تي ڀاڙيندڙ انسان آهي پنهنجي مسيحائي پيشي سان ناتو نڀائيندي اڄ به ميرپورخاص سٽلائٽ ٽائون ۾ سندس “مومل ميڊيڪل سينٽر“ غريبن لاءِ هڪ سهارو آهي.
(هن مضمون جي تياري ۾ مشهور ليکڪ قائم سولنگي جو ساٿ رهيو).