شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

مشهور صحافي ۽ ڊراما نويس حيات علي شاهه بخاري

هڪ ئي وقت لاتعداد خوبين جو مالڪ سيد حيات علي شاهه بخاري بهترين ليکڪ، صحافي، مشهور مزاحيه نگار،ڪالم نگار ناٽڪ نويس فلمساز اداڪار، هدايتڪار، سماجي ورڪر آهي. سندس ڏاڏو افغانستان مان سنڌ ۾ آيو ۽ هٽڙي ۾ اچي آباد ٿيو ۽ اتي پنهنجو سيڌي جو دڪان کوليو ۽ لاشاري ذات مان شادي ڪيائين، سيد حيات علي شاهه بخاري 12 اپريل 1949ع تي سيد غوث علي بخاري جي گهر ۾ جنم ورتو. انٽر تائين تعليم حاصل ڪري زمين سنڀالي، پرائمري ۾ سندس استاد سيد صالح محمد شاهه جيڪو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڳوٺاڻي ڪچهري پروگرام ۾ فتح خان جي نالي سان مشهوري ماڻي، هيڊ ماستر سيد خدا ڏنو شاهه هو، جيڪو بعد ۾ پوليس ۾ آيو ۽ ايس ايس پي جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو، پنهنجي استاد سيد صالح محمد شاهه جا ريڊيو تي پروگرام ٻڌي کيس ريڊيو جي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق ٿيو ان وقت فنڪارن ۽ اداڪارن کي ريڊيو پروگرامن ۾ اچڻ لاءِ آڊيشن پاس ڪرڻو پوندو هو. 1967ع ۾ آڊيشن پاس ڪري ريڊيو ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، سندس پهريون پروگرام مزاحيه ڊرامو گلدستو هو. پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي 150 کان وڌيڪ ڊراما ڪيا آهن. سندس ساٿي اداڪارن ۾ هارون رند، الهه بچايو لغاري، عبدالسلطان، ميڊم مهتاب راشدي، عبدالحق ابڙو، مشتاق مغل، جيجي زرينا بلوچ، زرينا شيخ ۽ ٻيا شامل هئا. پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد لاءِ ڊراما به لکيا، بعد ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي، خيرپور ميرس لاءِ به ڊراما لکي رهيو آهي هن وقت تائين 250 کان وڌيڪ ريڊيو ڊراما لکيا آهن. انهن ڊرامن مان نواب سراج دولها، ٽيپو سلطان ۽ ٻيا تاريخي ڊراما ڏاڍا مقبول ٿيا، پاڻ لاتعداد مزاحيه ڊراما به لکيا، هارون رند کيس فلمي دنيا ۾ وٺي ويو ۽ ڪراچي اسٽوڊيو ۾ اي ڪيو پيرزادو سان ملاقات ڪرائي ۽ ان جي فلم محبوب مٺا ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو. بعد ۾ فلم جيجل ماءُ جي ڪهاڻي لکي ان فلم ۽ فلم رت جي راند جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پڻ ٿيو ۽ انهن فلمن ۾ اداڪاري به ڪئي، ان سان گڏ پاڻ پي ٽي وي تي پهرين ڊرامن ۾ ڪم ڪيو ۽ بعد ۾ ڊراما لکيا، ڪراچي مان کيس عنايت حسين لاهور فلم اسٽوڊيو وٺي ويو. اتي هن 2 سنڌي فلمون ديدار سڄڻ ، غريبن جو يار ٺاهڻ شروع ڪيون پر بدقسمتي سان اڌوريون رهجي ويون. ان بعد مشهور فلم دوغلا سندس ڊائريڪٽري ۾ ٺهي، جنهن ۾ سلطان راهي، آسيا، علائو الدين، افضال، عشرت چوڌري ۽ ٻين مشهور اداڪارن اداڪاري ڪئي، ان بعد هن سنڌي فلم پوتي ۽ پڳ ۽ سنڌو جو قسم فلم ٺاهي پر رليز نه ٿي. پي ٽي وي تي سيريل خواب ۽ خواهشون، سولو پليز سنڌ ٽي وي لاءِ سريل ڊرامو چنڊ گرهڻ، آواز ٽي وي لاءِ ڪيترائي سولو پليز ڊراما لکيا آهن پاڻ 88ع ڌاري صحافت ۾ پير پاتو سنڌ نيوز، خادم وطن، ڪاوش ۾ ڪم ڪيو. ڪاوش ۾ پهريون فلمي ايڊيشن هن ڪڍيو. بعد ۾ عبرت ۾ آيو اڄ تائين اتي ڪم ڪري ٿو ۽ عبرت ۾ زرعي صفحو ۽ سندر صفحو ڪڍي ٿو. جڏهن ته عبرت ۾ 30 سالن کان مزاحيه ۽ سماجي قسم جا ڪالم ۽ آرٽيڪل لکندو رهي ٿو. کيس ريڊيو پاڪستان جو بهترين ڊراما ليکڪ جو ايڪسيلينس ايوارڊ ملڻ کانسواءِ سڄي سنڌ مان علمي، ادبي، ثقافتي، سماجي تنظيمن پاران ايوارڊ مليا آهن. سندس پسنديده اداڪارن ۾ دليپ ڪمار، علائو الدين فنڪارن ۾ لتا، نورجهان، عابده پروين ، سرمد سنڌي آهن. شروع ۾ پاڻ شاگرد بخاري جي نالي سان شاعري به شروع ڪئي، ڪجهه شعر به لکيا پر ان فيلڊ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو، شاگردي واري دور کان کيس ادب سان شوق رهيو آهي. تاريخي ، ادبي، اسلامي ڪتاب سندس مطالعي ۾ رهيا آهن. بانو قدسيه جو ڪتاب راجا گدهه سراج الحق جو پڙاڏو سوئي سڏ پسنديده ڪتاب آهن. سندس ڊرامن ۾ راجڪماري جيڪا تاريخي سيريل هئي گهوٽ گهمي گهر آيو. خواب خواهشون وڌيڪ پسند آهن، سندس آئيڊل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آهي. حيات علي شاهه زندگي ۾ ڪيترائي عشق ڪيا پر پيار جي رڻ ۾ ۾ اڪيلو ئي رهيو آهي. اسان جو پراڻو دوست آهي سندس عبرت ۾ شايع ٿيندڙ هفتيوار مذاحيه ڪالم خاص طور تي سنگت وارن تي چتي تنقيد ڪندو آهي. جنهن جو حقيقت سان ڪو واسطو ئي نه هوندو آهي ليڪن شاهه صاحب دل جو صاف نيڪ نيت سڀ جو خير گهرڻ وارو آهي. ڪالمن ۾ جن تي ڪاوڙ هوندي اٿس ان جي بجاءِ اها ڪاوڙ دوستن مان ڪڍي ويندو آهي. سندس دوستن جو واسيع حلقو آهي.