شاعريءَ جو چهرو....!
وڌ ۾ وڌ اسان ائين چئون ته رائي گهراڻي ضرور علم ادب کي هٿي ڏياري هوندي اها ڳالهه به “هوندي” ۾ محدود آهي، ڇو ته ان وقت جي ادب جو ڪو نشان ئي نه مليو آهي، رائي جي دؤر جي ادب، علم ۽ تهذيب کي شايد برهمڻ ڳڙڪائي ويا يا مليا ميٽ ڪري ڇڏيائون!
ٻيو ته ٺهيو برهمڻن جي دؤر ۾ به شاعري جو چهرو نظر نٿو اچي ان جو سبب اهو هو ته برهمڻن کي علم ادب ۽ ترقي سان ڪو چاهه نه هو يا راءِ ۽ برهمڻن جي دؤر جي شاعري کي عربن ميساري ڇڏيو؟ عربن جي دؤر ۾ به شاعري جو مُک چٽو نٿو پسجي حالانڪه شاعري ته عربن جي نَسن مان ڦٽي نڪرندي هئي/ آهي، عرب دؤر ۾ ٽن صدين اندر ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر به نٿا ملن!
سومرن جي دؤر ۾ شاعري جي صورت ڏسڻ ۾ اچڻ لڳي ٿي جنهن ۾ سُمنگ ڄارڻ ۽ ڀاڳو ڀان نمايان رهيا ٽن صدين تائين ڪجهه شاعر منظر تي آيا پوءِ سمن جي ٻن صدين جي دؤر ۾ ماموئي فقيرن جي بيتن جو چرچو هليو ۽ قاضي قادن کي باقائده شاعر طور ليکيو ويو، قاضي قادن ٻن دؤرن (سمن ۽ ارغونن) جو شاعر هو. ترخانن جي دؤر ۾ سنڌي شاعري جو چهرو شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي نالي سان روشن ٿئي ٿو ۽ اتان کان اسان جي ڪلاسيڪل شاعري پنهنجو سفر باقائده شروع ڪري ٿي.
پاڻهياري سر ٻهڙو، جر تي پکي جيئن
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾ (شاهه ڪريم)
انهي دؤر ۾ ٻيا به ڪيترائي شاعر هئا پر نالو شاهه ڪريم جو پيدا ٿيو ، مُغل دؤر ۾ سنڌي شاعري کي سٺا نالا مليا جن ۾ شاهه لطف الله قادري، ابوالحسن ٺٽوي، شاهه عنايت رضوي، شهيد عنايت صوفي، خليفو گل محمد نمايان آهن.
ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سنڌي شاعري زمين تان اُڏري آڪاش تي پهچي ٿي اهڙي طرح سنڌي شاعري کي هڪ مڪمل چهرو نصيب ٿئي ٿو ۽ اهڙي مُک جو تخليقڪار آهي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه، شاهه سائين جي شاعري سنڌي ٻولي لاءِ وڏي نعمت آهي ۽ اهڙي نعمت کي روشناس ڪرائڻ وارا به وديشي هئا.
تشبيهن، استعارن، ترڪيبن ۽ تمثيلن جي دنيا به شاهه سائين جي رسالي مان ملي ٿي، شاهه صاحب تي تنقيد جو هڪ اکر به نه لکيو ويو، سائين جن جي شاعري جي شرح به ڌُڪن تي ڪئي وئي، تحقيق به هڪ پاسائين ڪئي وئي، ڪلياڻ آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ ۽ نبي بخش بلوچ صاحب عبداللطيف تي سُٺو ڪم ڪيو، انهي دؤر ۾ گهڻائي شاعر ٿيا پر ڀٽائي جي پائي جهڙو ڪو به نه هو، خواجه زمان، روحل فقير، عبدالرحيم گرهوڙي، جلال کٽي پوءِ به پنهنجو نالو ٺاهي ويا، نور محمد خسته کي غزل جو مڃيل شاعر چيو وڃي ٿو ٽالپرن جي دؤر ۾ شاعري جا ڇڄ ڇَڻي پيا ۽ هر گهٽي ڪويتا جي خوشبو سان واسجي وئي، اهڙي خوشبو سچل، سامي، ثابت علي شاهه، خليفو نبي بخش قاسم، حمل فقير کان ملي، خليفو گل محمد هالائي پهريون صاحب ديوان هئڻ ڪري شاعري جي تاريخ ۾ عيان نظر ايندو رهندو.
انگريز جي دؤر ۾ سنڌي شاعري جو چهرو جرڪندي نظر اچي ٿو، هن دور ۾ بيدل، بيڪس، مصري شاهه، حافظ حامد ٽکڙائي، پير رُشد الله، غلام محمد خانزئي، غلام محمد شاهه “گدا”، سانگي، ڪشنچند عزيز، غلام احمد نظامي، دادن فقير، محمد صديق مسافر، سانوڻ فقير، مولوي احمد ملاح ۽ ٻين اڻ ڳڻين شاعرن پنهنجي ڏات جا ڏيئا جلائي ڪويتا جو چهرو روشن رکيو.
مرزا قليچ بيگ جي ڏات جا جلوا ٻنهي دؤرن ڏٺا، ورهاڱي، وڇوڙي، وَڍ ٽُڪ کانپوءِ ڪجهه وقت تائين سنڌي شاعري غم جي چادر ۾ ويڙهيل رهي، انهي پيڙاءَ، درد ۽ اڌ جي ڳولا ۾ اياز قادري، هري دلگير، موهن ڪلپنا، موتي پرڪاش، واسديو موهي، ڊاڪٽر ابراهيم خليل، مرزا اسد بيگ، ڪشنچند بيوس، نياز همايوني، عبدالڪريم گدائي، تنوير عباسي، امداد حسيني، شمشير الحيدري، سرويچ سجاولي، قمر شهباز، لڇمڻ ڪومل، وفا ناٿن شاهي، آثم ناٿن شاهي، استاد بخاري، تاج بلوچ، نارائڻ شيام، تاجل بيوس، عبدالڪريم پلي، طالب الموليٰ، ابراهيم منشي، راشد مورائي، محمد خان مجيدي، مُبين پنائي، محمد خان ٽالپر، ڏات جي ديوي سان محو گفتگو رهيا ۽ شاعري کي هڪ نئون چهرو نئون آئينو نئون رستو مليو. انهي رستي جا ڪيترائي مسافر هئا پر ان رستي جي سالاري شيخ اياز ڪئي، شيخ اياز جي ڏاهپ، ان جو علم، ان جي بصيرت، ان جو عقل ايترو پروان چڙهيو جو مهانتا جي مقام تي وڃي پُهتو.
شيخ اياز جي اچڻ سان ئي فارسيت جي محاورن، تشبيهن ۽ جام و مينا مان جند ڇُٽي، شيخ اياز شاعري جي ڪَلا جو ديوتا هو، جنهن اسان کي دان ۾ ڏانءُ جا ڏيئا ڏنا جيڪي اڃا تائين ٻرن پيا ۽ ايترا ڏيئا هِن دؤر ۾ ٻري رهيا آهن ڄڻ ته سنڌ سڄي ڪويتائن جو گهر آهي، سنڌ ۾ هن دؤر ۾ ايترا ته شاعر آهن ۽ سُٺا لکندڙ آهن جن جا نالا ڳڻڻ مشڪل آهي، هڪ جو نالو وٺبو ته هزارين رهجي ويندا، اڄ جي سنڌي شاعري جو چهرو چوڏهين جي چنڊ وانگي آهي جنهن ۾ هر ڪو داغ ڳولي سگهي ٿو ۽ اڄ جي دؤر ۾ خاص ڪري فيسبڪ جي دنيا ۾ شاعري به ٿئي پئي ۽ تنقيد به پنهنجو ڪم ڪري پئي.
هن دؤر ۾ هڪ نه پر هزارين اهڙا نالا سنڌي شاعري ۾ موجود آهن جن جي ڏات جي روشني سج وانگي چمڪي رهي آهي، انهن چمڪندڙ روشني ڏيندڙ نالن وٽان وري جيڪي نوجوان تيار ٿيا آهن اهي به ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن مطلب ته سنڌ هن وقت شاعرن جي سرزمين آهي ۽ اهڙي ڌرتي وري احسان آڪاش مختلف رنگن روپن وارا شاعر ميڙي، ڪوٺي هڪ گلدستو تيار ڪيو آهي جنهن کي “شاعريءَ جو آڪاش” چئجي ته برحق آهي، انهي شاعري جي آڪاش تي ڪُل 28 ڪَوي پنهنجا ڪويتا جي ٻَل تي ظاهر ٿيا آهن.
هن ڪتاب ۾ شاعرن جي ترتيب سنڌي لپي مطابق رکي وئي آهي جنهن ۾ اول ۾ آهي.
[b]آرزو عبدالرؤف نهڙيو
[/b] ورياسي پٽ جي هن نوجوان جي شاعري جي عمر صفا معصوم آهي ۽ ان معصوميت ۾ هن جيڪو پيار ڀريو آهي جيڪي چاهه جا چنڊ اُڀاريا آهن ائين لڳي ٿو هي ڪو جُڳن جو شاعر آهي.
مورن جي سينگار ۾ چوڙي جو وڏو ڪردار آهي هر شاعر چوڙين جي ذڪر سان ملندو، چوڙيون ٽٽنديون آهن، کڙڪنديون آهن، سُڏڪنديون آهن، روڪينديون آهن چوڙيون ڳالهائينديون به آهن پر آرزو چوڙين جي قسمت تي رشڪ پيو ڪري ۽ چوڙين جي حرڪتن، محبتن کي ڏسي پيو جيڪي هر پرين جي ٻانهن سان ڪن پيون.
ڪرائين چاڳ چوڙين جا
ڏٺا هن ڀاڳ چوڙين جا
ان کان به اڳتي رؤف کي اُهي چميون ۽ اُهي چڪ به نظر ۾ آهن جيڪي چوڙين پرين کي پاتا.
چُمن ٿيون آرزو ٻانهون،
عيان ٿيان داڳ چوڙين جا.
مرداڻي سماج جي مرداڻي سوچ عورت جي مٿان پٿر وانگي ڪرندي رهي آهي ۽ عورت کي چيڀاٽيندي رهي آهي، ڇوڪري بالغ ٿيندي ئي عورت بڻجي ويندي آهي ۽ ان عورت نماءَ ڇوڪري سان رسمن، رواجن جي روپ ۾ جيڪا هلت هلي ويندي آهي ان ۾ ڇوڪري جي جذبن سان کُليو زنا ڪيو ويندو آهي ۽ اها ڇوڪري ان اذيت ۾ ئي پنهنجي زندگي پوري ڪري ويندي آهي اُها زندگي به هڪ باهه جو مچ هوندي آهي جنهن لئه آرزو چوي ٿو.
ويا جلي خواب هن جا سڀئي،
وئي وڌي باهه ۾ ڇوڪري.
انهي غزل جو مقطعو دل وٽان لکيل آهي ۽ صفانئون اڻ ڇُهيل خيال
آرزو ساهه جيئن آ ٽِڪي،
دل جي درگاهه ۾ ڇوڪري.
پيار جا پيرون، سار جا پيرون، نبهه نرالي انداز ۾ قافيي ۽ رديف جي ميلاپ عبدالرؤف ڪيو آهي، انهي غزل جي هن شعر ۾ قافيي سان رديف جو ميلاپ سُر ۽ تال جي ميلاپ جيئن لڳي رهيو آهي ۽ نواڻ جا پيرون ڇڻي رهيا آهن.
اوهان سان آرزو ملبو پيو هر هر،
چپن مان پيا ڪرن اقرار جا پيرون.
ڳوٺاڻي زندگي شاعر لاءِ اتساهه هڪ بڻجي ويندي آهي ڳوٺ جو صبح اُجرو ۽ شام ڌنڌلي شاعر کي لکڻ تي انتساهيندي آهي ٻهراڙي جي سونهن نمايان هوندي آهي ۽ ان سونهن ۾ جيڪا روشني هوندي آهي اُها شاعرن کي زندگي جا دڳ ڏسيندي آهي، اهڙي ئي حُسن جي جهلڪ هن شعر م ڏسو.
ها اوهان جي سونهن جا هِن اُجالا هر طرف،
سڀ ٿيون روشن به راهون اوهان جي ڳوٺ ۾.
محبت سان گڏ مزاحمت جو جذبو به آرزو ۾ موجود آهي، اهڙي جذبي جي گواهي هن مطلع ۾ ڏسو.
ڪيون جي غيرن جي غلامي ته چئجو،
وڃون لالچن تي وڪامي ته چئجو.
ڪتاب ۾ ٻه نظم آهن آرزو جا ٻئي خيال ۽ فن ۾ ڀرپور آهن منجهن تسلسل سان گڏ رواني به موجود آهي، آرزو عبدالرؤف نهڙيو جو غزل رڌم، رواني ۽ موسيقيت سان ڀرپور آهي، روايت پڻي جو هلڪو عڪس به نظر اچي ٿو، ڪٿي ڪٿي وزن جي پورائي لاءِ سڄا حرف به حذف ٿيل، ڪي شاهه بند اهڙا جو وري وري پڙهڻ تي دل گهري، ڪجهه خامين جي ڪري خوبيون نظرانداز نه ٿينديون، آرزو جي شاعراڻي ڄمار ڏسندي اُميد ڪري سگهجي ٿي ته هي مکڙي گُل ٿي ٽڙندي، شاعري جو باغ معطر ڪندي.
[b]آدم اُڍيجو:
[/b] آدم اُڍيجو ماتلي جي نامور شخصيت، سياسي سماجي اڳواڻ شهيد ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو جو رشتيدار ۽ ان جي راهه جو راهي آهي، آدم سنڌي ادبي سنگت ماتلي جي نرسري مان تيار ٿي شاعر بڻيو، سندس شاعري ڪيترن ئي ڪلاڪارن ڳائي جن مان ڪيترن ئي گيتن مڃتا ماڻي، آدم جي شاعري ۾ اُهي جدت جا گُل اُهي نواڻ جا ٻوٽا جهجهي تعداد ۾ ته نه آهن جن جي هن دؤر ۾ سخت ضرورت آهي پر سندس ڪَلا ۾ هڪ ڪوي جي دل جي دانهن ۽ صدا ضرور آهي، اهڙي ئي هڪڙي صدا جنهن ۾ شڪايت سان گڏ محبوب تي هلڪي طنز به آهي.
لڳي ٿو ته توکي ٺڪاڻو نه هو،
رهڻ لئه سندم من ويرانو ملي ويو.
زندگي محبوب سان آهي، محبوب جي ڪري آهي، محبوب کانسواءِ ڪجهه به نه آهي، جنهن سان چاهه هوندو ان جي سڪ به لڳندي ۽ ان سڪ جي رَدعمل ۾ ائين لڳندو ڄڻ ته سڄو جهان اڌورو آهي، آدم ته گهر جي ڀاتين کي به اڻپورو پيو سمجهي.
بس هڪ تون ئي ناهين گهر ۾،
سڀ لڳن احباب اڌورا.
ڌڻي سائين انسان کي سڀئي مخلوقن کان مٿانهون ڪيو آهي ۽ اهڙي مَان کي اڄ تائين ماڻهو سمجهي نه سگهيو ته هن جي سامهون هي سڀ نعمتون، رحمتون گهٽ ڇو آهن؟
تنهنجي حُسن اڳيان او آدم،
پريون، حُور، گلاب اڌورا.
زندگي جا سوين رنگ، روپ آهن انهن رنگن مان هڪ رنگ درد به آهي جيڪو انساني زندگي تي ايترو اثرانداز ٿئي ٿو جيترو سج وڻن ۽ ٻوٽن تي، حياتي جي هڪ تصوير.
هـر غمي بي نقاب ٿي وئي آ،
هي حياتي عـذاب ٿي وئي آ.
غم جو بي نقاب ٿيڻ، اتي آدم جدت طرف وک وڌائي آهي انهي غم جي حالت ۾ به شاعر خود ڪيئن ٿو رهي، ڪيئن گذارڻ ٿو چاهي ۽ ڪيئن ٿو مقابلو ڪري غم جو، پڙهو هي شعر:
درد جدائي ته رُئاري ٿو،
آدم کي مرڪڻ جي عادت.
آدم جو ايمان آهي ته سونهن سرهاڻ، جيئن هُٻڪار آهي محبوب معطر آهي اهڙي بوءِ جي حاصلات لاءِ دليل پيو ڏئي.
اوهانجي ويهي ڀر ۾ خوشبو وٺان مان،
ته هُٻڪار ۾ ڪا ڪمي ڪا نه ايندي.
روپ، ٻهروپ آدم جو آزاد نظم، اڄوڪي مذهبي ناٽڪ تي ٺٺولي سان گڏ مذهبي لباس ۾ بگهڙ جو ڏيک به آهي، منهن ۾ موسيٰ اندر ابليس، اهڙا بدڪردار اڄ به معاشري جي سونهن کي بگاڙي رهيا آهن.
آدم اُڍيجو کي ٻيهر ادبي سنگت جي گڏجاڻين جو حصو بڻجي اڳتي وڌڻ گهرجي، سندس ڏات کي ڪجهه ڏانءُ جي گلن جي ضرورت باقي آهي.
[b]احسان آڪاش:
[/b] احسان آڪاش جنهن هي محبت جو آڪاش جوڙيو جنهن ۾ سندس سرواڻي جو ڪردار محبت ماڻي مَن، جي مصداق آهي سپنا احسان جي زندگي وانگي آهن، سَپنا لَهبا آهن، سپنا ڏِسبا آهن پر احسان، حقيقتن، تعبيرن جي اُميدن ۾ سپنن کي به جاڳندي انتظار ڪرائيندي ڏيکاريو آهي.
ساڀيائن جي آسن ۾،
سپنا سڀئي جاڳن ٿا.
شاعري ۾ تارن جو ذڪر نه هُجي ته ڏسجي ڪيئن؟ هن شعر ۾ تارن جو تذڪرو ڪجهه نئين رُخ ۾ ملي ٿو.
تنهنجي راهن تي اڄ ڀي،
تارا سڀئي جاڳن ٿا.
هڪڙو لفظ تارا، تمثيل طور ايترو ته ڪمال سان ڪري بيهاريو آهي جو ان کي سوين معنائن جا ويس پارائي سگهجن پيا، مثال:- اُميدن جا تارا، اکين جا تارا، آس جا تارا، انتظار جا تالا، آسمان جا تارا ۽ خود احسان جا تارا.
غم، خوشي، اُميد جي جهلڪ مُک تي پڌري ٿي بيهندي آهي جڏهن درد سان گڏ آئت بيهي ٿي ته چهري جو ڏيک عجيب ڀاسندو آهي، اندر جي ڀاونائون منهن تي رقص ڪرڻ لڳنديون آهن ته ڪا ڪهاڻي نُمايان ٿيندي آهي ۽ اهڙي هڪ ڪهاڻي جنهن ۾ هٿن جي کڄڻ، چپن جي چُرڻ سان گڏوگڏ خدا جي اڌوري ڪهاڻي، جهڙي دل کي ڇُهندڙ ترڪيب احسان جي شعر ۾:
دُعا جا هئا ورد هُن جي لبن تي،
خُدا جي اڌوري ڪهاڻي ڳلن تي.
احسان جي غزل ۾ اُردو جي غزلن جهڙو رچاءَ ملي ٿو، هن جو اسلوب مختلف، هن جا خيال عام ۽ لتاڙيل نه آهن، اڪثر شعر پڙهندڙ سان گفتگو ڪندي محسوس ٿين ٿا. ٻه شعر جن جون ٻه سٽون استماري ۽ ترڪيب ۾ ته خوبصورت آهن پر حقيقي معنا جي ابتڙ آهن.
سُڪل وڻ جيان آ جياپو اسان جو،
اُڀ جي ڀاڪر ۾ چنڊ سُتل آ.
وزن بحر جون سَهو غلطيون، ڪجهه شعرن جي ترتيب کي ڇڏي ڪري هي سٽون به پڙهجن جنهن ۾ احساس آڪاش جو تخيل ڪر کنيو بيٺو آهي.
چنڊ اڪيلو آڪاش جي ٻُڪ ۾،
دل جي درد بادل
متان هو اچي ها اسان جي ڪناري.
[b]اخلاق بلوچ:
[/b]اخلاق بلوچ کي ادبي کيتر ۾ پير رکندي سال کن مَس ٿيو آهي، شاعري ۾ سال جو سفر ائين آهي جيئن ٻار جي پهرين وک جنهن ۾ ڪيترائي ٿاٻا.
اسان جي رياست پنهنجي ذميواري بخوبي نڀائي پئي، اسان جي ماڻهن کي سڀ سهولتون مُيسر آهن انهي سان گڏ عياشي جو سامان پڻ!! اسان جي رياستي بي حسي جو ڏيک هن شعر ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
مجبوري ۾ پئي پيتو هُن،
پاڻي ته تلاءُ جو کارو هو.
انهي پاڻي جي کوٽ کان پوءِ اخلاق وري جيڪا اُميد ٿو جاڳائي اُن اميد ۾ وري مينهن جي ڪڻين کي ان جي آواز کي لات جو نالو ڏئي برسات کي بي مثال بڻائي ڇڏيو اٿس.
ڪيڏي اڄ برسات وڻي ٿي،
بوندن جي ها لات وڻي ٿي.
ٻئي پاسي وري اسان جي لوڪ ڏاهپ کي شاعر پنهنجي قلم ۾ پرولو آهي، اها ڏاهپ جيڪا اسان جي اکين اڳيان اسان کان موڪلائي پئي.
مچ ڪچهري پئي هلي اڄ،
پوڙهن جي هر بات وڻي ٿي.
اسان جا ماڻهو هر ان ماڻهو ان شاعر، ان رهبر، ان اڪابر، ان عالم سان محبت ڪندا آهن جيڪو قوم جو خالي ورد ڪندو آهي پوءِ ڀلي قوم پرست نه پر خود پرست هجي.
ڇا ٿيندو هن قوم جو هاڻي،
تنهنجي هي فڪرات وڻي ٿي.
مُحب ۾ محبوب جو حلول ٿي وڃڻ انتها عشق جو درجو هوندو آهي اهڙي عشق هن شعر ۾ پَڌرو آهي اهو شعر اخلاق جي آئيندي جي ضمانت آهي.
سهڻي ساهن ۾ آ سمايل،
سهندي ڪنهن کي منهنجي ڀر ۾؟
ڪن جاين تي واحد، جمع جو گڏيل استعمال، ڪٿي شعرن ۾ ابهام ڪٿي شعرن جي اڻ چٽائي، اخلاق جي نئين سفر جي شاهدي آهي پوءِ به اخلاق عمر سارو تمام سُٺو لکي رهيو آهي.
[b]اشفاق چانڊيو:
[/b] اشفاق چانڊيو خانداني شاعر آهي، سندس ضمير تخيل سان ڀريل آهي، ڏات مَٿس مهربان آهي.
شاعر آئيني وانگي آهي، آرسي جي اڳيان جيڪو ايندو درسني اهو ئي ڏيکاريندي ائين ئي شاعر اهو ڪجهه سماج کي موٽائي ڏي ٿو جيڪو ڪجهه معاشرو هن کي ڏي ٿو، معاشرو بُک بدحالي جي وَر چڙهيل آهي، غريبي ختم نه ٿئي غريب ختم ٿي رهيا آهن اهڙي ئي بک، بدحالي جي هڪ تصوير اشفاق جي قلم مان.
اڌ اگهاڙو ٻارڙو ڪچري اندر،
شام کان کاڌو ٿو ڳولي ڍير ۾.
بُک کانپوءِ وڏو مسئلو سنڌ ۾ جنسي مت ڀيد جو آهي عورت لاءِ قانون آهن مرد لاءِ نه عورت لئه سزا مرد لاءِ جزا ننڍڙي وهي ۾ نياڻين جون شاديون سي به بي جوڙ شاديون اصل ۾ ڇوڪرين سان تعدي کانسواءِ ڪجهه به نه آهن، اشفاق حُسن جو استعارو کڻي ڇوڪري جي جاءِ تي رکيو آهي.
سارين جي سنگ جان نسريو مَسين،
حسن سو اڌڙوٽ ۾ ڦاسي پيو.
وڇوڙو عاشقن جي ميراث ۽ شاعرن جي قوت آهي، جلائي جون ولڻيون هر شاعر ڳائي ٿو ڇو ته شاعر عاشق جو ترجمان هوندو آهي، بي گهر ماڻهو لاءِ رات ايئن آهي جيئن انڌي کان لٺ ڪري پئي، دل لاءِ وڇوڙو ائين ئي آهي جيئن ڪاٺ لاءِ سُرو.
دل کي وڇوڙو دل جو کائي ٿو ائين جانان،
بي گهر کي جيئن کائي ڪنهن رات جو تصور.
“سنڌ گُهري پيو” سنڌ کي الڳ ڪرڻ جا خواب ڏسندڙن جي سوچ کي وائکو ڪندڙ، سنڌين کي آگاهي ڏيندڙ وقت جي ضرورت جهڙو نظم.
ڪجهه شعر اهڙا به آهن جيڪي پنهنجي اظهار ۾ اڻ چٽا آهن، ڪٿي خيالن ۾ ڀراءُ ناهي، ڪجهه شعر روايتي به آهن، باقي اشفاق جي غزل ۾ موضوع جي اڻاٺ نه آهي، وزن بحر سان سهڻو نڀاءُ ۽ ٻولي جي ترتيب وڻندڙ آهي، اڃان ٻيا به ڪيترا شعر آهن جيڪي منتخب ڪري سگهجن ٿا.
[b]اشرف سولنگي:
[/b]اشرف سولنگي جو غزل هن وقت لکيو ويندڙ غزل ۾ پهرين قطار ۾ بيهي ٿو ۽ ان جي بيهڪ بنهه نرالي آهي.
مٽي سان محبت وفادار ڪندا آهن، مٽي کي ڳوهيندڙ هن جو قسم مٽي جو مان فرشن، عرشن، نورين ۽ نارين ۾ مٿانهون آهي ۽ ان مَان کي اشرف چمي ڏئي آدم جي رُتبي کي سلامي ڏئي کلڻ ٿو چاهي.
مِٽي چُمي ڇڏيون ٿا ٻيهر چُمون، چُمون نه،
اڄ ئي کلي ڇڏيون ٿا ٻيهر کلون، کلون نه.
هڪ ته عورت سان ظلم هر رُخ کان ٿئي ٿو ٻيو وري اجتماعي گهريلو زندگي به پنهنجا پَساهه پورا ڪري چڪي آهي، ڀائرن، ڀينرن، ڀاڄائين، سئوٽن، ماساتن، چاچن، مامن ۽ رت جي ٻين رشتن جا روح مري چُڪا آهن.
روئي پوتي سان اگهي ڇڏجان اکيون،
گهر جا ڀاتي ڀي تماشائي اٿئي.
ڪيڏو نه درد آهي ۽ ڪيتري نه نفاست آهي شعر ۾، زندگي صفا نازڪ آهي، پيار ڪرڻ ڏوهه آهي، ريتون ۽ رواج پٿرن وانگي محبت مٿان برسي پون ٿا ۽ پيار جو شيشو جُهري پئي ٿو.
هي حياتي آهه شيشن وانگي،
پٿرن سان ڇالا ٽڪرائي اٿئي؟
نازڪ خيالي غزل جي سونهن آهي ۽ اها سونهن اشرف جي حصي ۾ آئي آهي، هٿن جو جُنبش ۾ اچي قلم کڻي ثناءَ جا ٻول لکڻ ۽ انهن لفظن جا عقيدي ۾ سجدا ڏيڻ اهي سڀ عشق جي انتها جو اهڃاڻ آهن.
هٿ قلم ٿا کڻي لکن توتي،
لفظ سَجدا جُهڪي ڏين توتي.
هر آس بنا چولي هر ماز اگهاڙو آ،
هر خواب ڏڪي سيءَ ۾ چادر جو نه پاڙو آ.
اشرف وٽ استعارن جا ڀنڊار ته آهن پر ترڪيب به نج پنهنجي ۽ پُر اثر اٿس. سماج جي ستم جي ستايل ماڻهن جون آسون ڪهڙيون آسون اُهي نه پوريون ٿين نه اگهامجن بي لباس ئي رهن انهن جا راز غربت جي ڪري کُليو وڃن ۽ خواب تڙپن پيا، رڦن پيا پر ڪو به انهن تي حقيقت جي چادر نٿو وجهي.
ياد سان هُو در ورائي سُتي،
ٻانهن پنهنجي سان ور ورائي ستي.
هي آهي آرٽ، تصوير ڪشي، عڪس بندي، مطلع پڙهندي ائين ٿو لڳي سار جي سڪايل ناري سڪ سان گڏ سمهي پئي آهي ۽ پنهنجي ئي ٻانهن سان ور ڏئي پرين سمهي ڀاڪر پائي ستي آهي.
وفا سان ناتو عشق نڀائيندو پيو شاعر- اشرف به اهڙي ئي هام هڻي پيو، انا ۽ هٺ ڀلي ڪيترا به مَدِ مُقابل اچن پر آئون وفا جو ڪنڌ جُهڪڻ نه ڏيندس.
مان وفا جو رکان ٿو ڳاٽ مٿي،
ڀل انا جي تکي ترار رهي.
اشرف سولنگي سنڌي غزل کي پنهنجي تخيل جي تجلي بخشي آهي هن جي درد ۾ به نفاست ڀري پئي هن جو پيار پکين وانگي هميشه اڏار ۾ آهي، هن جي شاعري فلسفيانه به آهي ته سادي به آهي، ڪجهه شعر فلسفي جي پردي ۾ لڪي پنهنجي معنائي وڃائي ويهن ٿا ۽ اشرف جي شعرن تي ابهام جي چُغلي به اچي ٿي ته گونگن شعرن جو به گُمان ٿئي ٿو.
[b]اشرف مهر:
[/b]اشرف مهر کي صفا ٿورو عرصو ٿيو آهي شاعري جا کيت پوکيندي پوءِ به سندس فصل مان خوشبو اچي رهي آهي اشرف قسمت وارو آهي جو ٿوري وقت ۾ هن شاعري جي نَس سڃاڻي ورتي آهي، روح آسماني، فضائن ۾ رُلندو رهي ٿو ڇو ته هيءُ آيو ئي مٿان کان آهي اهو روح ئي آهي جنهن قالو بَليٰ جو قول ڪبير هو ۽ ان قول ۾ ئي قرار پاتو هئس اهو آرام عرش تي هو پر اشرف جي روح جيڪو ڌرتي تي سڪون حاصل ڪيو آهي سو به پَسڻ جهڙو آهي.
نينهن جي مون ادا نماز ڪئي،
روح پاتو قرار ڌرتي تي.
روح جي اهڙي قرار کان ٻه وکون اڳتي، پرين جي پيار ان پيار جي مهڪار ۽ چپن جي ڇُهاءُ جو احساس رڳ رڳ کي جاڳائي عمر ڀر لاءِ تڙپائي ڇڏي ٿو، عشق جي رنگ کانسواءِ ٻيو رنگ چڙهي ئي ڪو نه ٿو.
تو ڏني منهنجي هٿن تي هئي چُمي،
رنگ اشرف بعد ۾ لاتو نه هو.
منظرڪشي شاعري جو اهم جُز آهي، منظر ۾ وري بادلن جو فڪر هُجي، بادلن سان گڏ دادلو چنڊ به ڏيکائي ڏئي وري لڪي وڃي ۽ انهي سڄي لڪ ڇپ جو دارومدار هڪ مٽي جي ماڻهو تي هُجي ته اهڙي سونهن تان صدقي وڃجي.
چنڊ ڪڪرن جي پُٺيان بيٺو وڃي،
زلف چهري تان هٽيا سرڪار جا!
هڪ پاسي جهڙ، جهڙالا ته ٻي پاسي ڳل آلا، ڏڪار جا ڏينهن بک جا ڦيرا ۽ موت جا لامارا پر اهڙي حالت ۾ حاڪم گونگا ٻوڙا انڌا ٿي پون ته شاعر شڪايت کانسواءِ ڪري به ڇا ڪري!
موت جي ول وئي وڪوڙي ٿر،
۽ لڌي ڪنهن نه سار ڌرتي تي.
اهڙا شعر لکڻ، سچ چوڻ، قوم جي ڳالهه ڳائڻ، سجاڳي جا سڏ ڏيڻ، سڏ ڀرڻ تي غدار جا لقب ملڻ رياست پنهنجي اک ۾ ڪنڊا محسوس ڪري ۽ رياستي دهشتگردي ڪري، وردي ۾ گنڊا گردي ڪري، ڏينهن ڏٺي بنا ڏوهه بنا جواز جي جهرڪي وانگي کنڀجڻ لڳو تڏهن پَڪ ڄاڻجو ته انقلاب سڏي پيو ۽ اسان سُتل آهيون.
ڪيون ٿا گهُر اگر حق جي کڻائي سر ئي ڪُن ٿا گُم،
گهرن ۾ روڄ راڙا هِن ڏسيو پو شاد ڪاٿي هون؟
اشرف جي ڪي شعرن ۾ سٽن جو هڪٻئي سان ربط ناهي، ڪٿي خيالن ۾ پختگي ناهي، ڪي شعر اجايا بي معنا آهن، ڪٿي تشبيهن جو درست استعمال ناهي، پوءِ به اشرف ۾ گهڻائي سٺائي جي ئي آهي.
[b]الله بخش آريسر:
[/b] وارياسي ڀوٽ جو الله بخش 95ع کان ڏات جا ڏيئا جلائيندو اچي ۽ انهن ديپڪن جي روشني شاعري جي آڪاش تائين پهتي آهي جنهن کي اوهان ضرور پڙهندا ۽ پڙهڻ کانپوءِ روشناس به ٿيندا سج گرهڻ، چنڊ گرهڻ به شاعري جا موضوع رهيا آهن پر ٿوري تعداد ۾ پر هتي جنهن چنڊ گرهڻ جو قصو آهي سو نيري چنري جي ڪري آهي نيري چنري سان نيرو آسمان ۽ چمڪندڙ چهري سان ٻرندڙ چنڊ جو جيڪو جوڙ ٺهيو آهي سو به ڏسڻ وٽان آهي.
لڪايو تو اڌ مُک ۽ گهونگهٽ هو نيرو،
وري چنڊ گرهڻ چٽو ياد آيو.
عشق اک کان شروع ٿي ذهن کي لوڏيندي دل تي حَملو ڪندو آهي حملو به اهڙو جو ان جو مقابلو ڪا فوج نه ڪري سگهي ڪو طوفان نه روڪي سگهي ڪا آفت نه ٽاري سگهي. عشق ئي ته آهي جنهن جي هئڻ سان ئي ڌرتي ۽ آڪاش جا سمورا ڳجهه پڌرا ٿيا آهن ۽ هي جيڪو ماڻهو نچي جهومي، ٽپي ۽ ڪڏي پيو اهو عشق ئي ته آهي جيڪو انسان کي دهل وانگي وڄائي پيو.
عشق کولي ڇڏيا راز پنهنجي اندر،
سڀ وڃائي ڇڏيا ساز پنهنجي اندر.
هن مطلع تي هڪ جهمري هئڻ تي دل گهري پئي ۽ جسم حرڪت ۾ اچڻ پيو چاهي، سارن جا پنڇي، پکيئڙا، مَن جي مَٿان هر وقت پل پل پروازون پيا ڪَن انهن يادن جي اُٿار جهڪي ڪا نه ٿي ٿئي هڪ يادگيري پويان ٻي يادگيري اُڏرندي اچي، اهو ئي پيار پکي پيو دل ۾ ڪو به دوکو نه آهي ڪا به دغا ناهي، ڪو به باز اندر ۾ ناهي جيڪو اُميدن جُون جهرڪيون کائي وڃي. ڇا ته ترتيب آهي آريسر تنهنجي شعر جي!
پيا ڪبوتر اُڏن ياد جا پر هَڻي،
ڪي نه آهن رهيا باز پنهنجي اندر.
اهڙي يادگيري، ايڏي شدت، ايڏي سڪ ۽ تاس ۾ رهڻ کانپوءِ الائي ته ڪهڙا اڌمان پيا اُٿن خيالن جا طوفان پيا اچن، اندر ۾ اُڻ تڻ آهي، ايندين الائي نه جي نٿو اچين ته اڄ هڪ ساهه جو سڳو ٽوڙي من کي ماٺو ڪرائي وڃ.
ساهه جي وڻ وڍي وڃ الله بخش تون،
پيا اُٿن پُور بي نياز پنهنجي اندر.
ساهه جا وڻ، الله بخش جي سهڻي نڪور ترڪيب اهڙين ترڪيبن ۽ تمثيلن سان آريسر جي شاعري سرشار آهي، پر سندس غزلن جا ڪجهه شعر لفاظي جي گهيري ۾ آيل ۽ ڪجهه شعر مُبهم ۽ منجهائيندڙ به آهن ۽ ڪن شعرن ۾ نثر جو اثر نظر آيو آهي، آريسر جا نظم تمام سٺا آهن خاص ڪري رات کان سحر ڦري، هڪ دردناڪ ڪٿا آهي رات جي. الله بخش آريسر هڪ سُلجهيل شاعر آهي ۽ سندس شاعري مان به اهڙي ئي اُميد رکجي ٿي.
الله ڏنو هالاڻي:
پٽن تي ڊوڙندي، ڏڪارن جا ڏينهن ڏسندي برسات جا سپنا ڏسندي الله ڏنو وڌي وڏو ٿئي ٿو ۽ 2012ع ۾ شاعر طور سندس نالو سنڌي شاعري ۾ شمارجڻ لڳي ٿو. الله ڏنو وزن بحر سان گڏوگڏ موسيقيت مان ڄاڻي ٿو، سندس شاعري ۾ موسيقيت وڏي پئماني تي موجود آهي.
سندس شاعري عام فهم واري، نج ڳوٺاڻي ويس ۾ آهي، سادين تشبيهن سان ٽمٽار ڪويتائون آهن، دردن کي ولر سان تشبيهه ڪهڙي نه سهڻي انداز ۾ ڏني اٿس ۽ هوڙي لاءِ به اصلوڪو لفظ هوڙي استعمال ڪيو اٿس.
ويٺا درد دل ۾ وڏي ڪنهن ولر جيئن،
هالائي سي هر گز نه هوڙي سگهياسين.
مُرڪ ڪيترائي ڪمال ڪري ٿي، مُرڪ ڪيترن جي جيءَ ۾ جذبا جاڳائي ٿي ۽ ڪيترن کي ته مُرڪ مايوسي جي ڪُن ۾ اڇليو به ڇڏي.
هُن جو مُرڪي نهاريو مون ڏي،
محفل ۾ ماٺار اچي وئي.
سڄڻ جو ساٿ، سهارو ماهو لاءِ وڏي وٿ هوندو آهي انهي سهڪار ۾ انسان خود کي الئه ته ڇاڇا سمجهڻ لڳندو آهي، اهڙي ئي ساٿ کي هالائي سورج سان وڃي ڀيٽيو آهي، سج جيڪو هڪ ئي وقت پوري عالم جي اک مان گذري ٿو.
جيسين تنهنجو ساٿ هُليو سانول،
سورج جان نروار ٿياسين.
چمي محبت جي نشاني، چمي اظهار جي علامت، چمي شاعرن جي دل جو استعارو اهڙي ئي چُمي کي ڀيٽيو ويو آهي ماکي جي ميٺاج سان.
چُمي جو ڪو چس مليو آ،
ماکي جو ڄڻ رس مليو آ.
پرين جو پَڌر تي اچڻ رحمت جي مينهن وانگي هوندو آهي، اهڙي آمد تي خوشيون رقص ڪرڻ لڳنديون آهن، اهڙين خوشين ۾ محبوب جي هٿ جو ڇهاءُ دل جون تارون ڇيڙيو ڇڏي.
هُن جو ملايو هٿ هالائي،
دل ۾ ڌڙڪن ڌار اچي وئي
لَنجي لاءِ کڻي جانان!
خوشين جا ڍير ايندي هئي.
نظم سدا باغي، اڄ جي معاشري کان بغاوت جو اعلان آهي، نظم ۾ ڪٿي ڪٿي جمع واحد جو مسئلو آهي، عام رواجي خيالن، وزن بحرن جي سهو غلطين جي باوجود الله ڏنو جي شاعري پاڻ موکيندڙ آهي.
[b]الفت امداد:
[/b]ماتلي جي شهر جي گهٽين ۾ رولاڪي ۽ دوستي جا پنڌ الفت کي شاعري طرف ڇڪي آيا، الفت حسين ڇلگري مان، هڪ شاعر الفت امداد جنم ورتو، ان جنم تي سندس ڳوٺائي به حيران ٿيا هوندا، سادي پيرائي ۾ سليس ٻولي ۾ شاعري ڪندڙ الفت پيار سان گڏ سماج کي به موضوع بڻايو آهي پر پهرين پيار، انتظار عاشقن جي ميراث آهي، اهو ئي عاشق کي عشق جا گس ڏسي ٿو، عاشق حقيقت ۾ پاڻ اوسيئڙو ڪري ٿو پر هو ايئن ٿو محسوس ڪري ته مونسان گڏ ٻيا به اوسيئڙي ۾ آهن.
تنهنجي درشن خاطر بيٺل،
خوشبو، چنڊ فضائون آهن.
مذهب، نظريا هر ماڻهو سان گڏ جنم وٺندا آهن ۽ گڏ دفن ٿيندا آهن مذهبن، نظرين جتي فائدا ڏنا آهن ته اُتي ماڻهن انهن جي فائدن مان فائدا وٺندي وڏا قومي نقصان به ڪيا آهن.
اڄ جي مسلمان جي اڳواڻ جو ڪم اهو نه رهيو آهي جيڪو هئڻ کپي پر ان رڳو پنهنجي نالي، پنهنجي عهدي ۽ دولت کي ئي نظر ۾ رکي قدم وڌايا آهن ۽ اهڙن قدمن جي هيٺيان انسانيت جون سِسُيون تڙپنديون رهيون آهن، اهڙن ڪوڙن علمائن لاءِ انهن جا ٻه شعر:
مذهب آڙ وٺي انسان ڪُهن،
مسلم جو ڪردار وڃي پيو.
دولت، شهرت پويان ڊڪندي،
مذهب جا سالار ڏسان پيو،
مذهب کانپوءِ الفت اسان جي قومي سياست طرف اچي ٿي،ان قوم پرستي تي تنقيدي شعر لکي ٿو ۽ وفا جا لفظ پوکي سچائي جون سٽون لکي ٿو.
جنهن جي دعويٰ قوم پرستي،
اُن جو مان ڪردار ڏسان پيو.
الفت ٻج وفا جو ڇٽيان،
ڌرتي تان وفادار وڃي پيو.
نظم- اڃان به انڌاري، منهنجي ٻُڌ ڀڳوان، اسان جي سماج جو آئينو آهن ۽ معاشرتي بي حسي، ظلم جا باب آهن.
صفا دل چري ۽ چري تون ڪجهه سوچين ها، وارا نظم پيار، محبت، سونهن سڪ ۽ عشق جا نظم آهن، الفت جي غزل کان سندس نظم جو پاسو وڌيڪ سگهارو آهي، غزلن ۾ نواڻ ۽ فڪر جي ڪجهه اڻاٺ محسوس ٿئي ٿي.
[b]افضل شر:
[/b] افضل شاعراڻي وهي جي پُور جوڀن ۾ آهي، اها وهي ڏات جي ڏيهه ڏانءُ جا گل ڇٽيندي وتي، انهن گلن جي خوشبو سنڌ جي ڪويتا کيتر ۾ پهتي آهي ۽ کيس چڱي مڃتا به ملي آهي مڙس مٿير، ڏاڍا جوان ۽ ارڏا ماڻهو ڪٿي به رُڪندا نه آهن ڪنهن وٽ به جهڪندا نه آهن، دريائن کي عُبور ڪري ويندا آهن پر پُٺ تي هڻندا ناهن پر انهن کي جڏهن اکين مان عشق جا ڏانوڻ پوندا آهن ته اهڙا ته جهڪي ويندا آهن جو دنيا ۾ سندن سِر اُڀو ٿي ويندو آهي.
تريا جي تار ۾ تارو درياهه ُڪري ويا،
نگاهه يار جي آڏو اڙيا ڏٺا اسان ڪيئي.
انهن جي اهڙي جهڪاءُ کين پرين جو ساٿ نصيب ڪيو ۽ اهڙي ساٿ سان انهن جون زندگيون بدلجي ويون اُهي تاريخ ۾ روشن ٿي ويا.
ٻُڏل جي سوڳ جي ڪُنن ۾ صدين تائين هئا،
پرين جي پل کي ماڻي چڙهيا ڏٺا اسان ڪيئي.
عاشق، چاهيندڙ وٽ عشق اچڻ کانپوءِ خود وٽ باقي ڪجهه به نه بچندو آهي ان جي سڄي ملڪيت دل به اُن وٽ نه رهندي آهي.
تو بن مون وٽ ڇاهي سانئڻ،
دل به جسم ۾ ناهي سانئڻ!
افضل جا غزل ته سٺا آهن پر نظم غزلن کان به وڌيڪ جاندار آهن نظم وقت جي هٿن مان ..... داخليت جي درد جي اهڙي مالها آهي جنهن جي هر مَڻيي مان محبت جي تصوير پسجي پئي ۽ ان ۾ لڪل اذيت هانءُ کي چُڀيو وڃي.
وفا جو مجاور نظم، داخليت ۾ آهي پر ان ۾ جيڪا سڀني جي اڏار آهي سا محبوبه سان گڏ مي رقصم پئي ڪري. ٻُڌو ٿا حياتي آ ٿوري .... زندگي جي مختلف روپن جي اهڙي گڏيل شڪل آهي جنهن تي وقت پنهنجي گهاڻن جا نشان ڇڏي ويو آهي، ٽي قطعا، نه پر ٽي چئوسٽا، ٽئي هر لحاظ کان خوبصورت، افضل ڏات ۽ ڏانءَ جي ميلاپ جو اهڙو شاعر آهي جنهن جي وک کي ڪڏهن ٿاٻو نه ايندو.
[b]انجم قاضي:
[/b]90 واري ڏهاڪي کانپوءِ شاعرن جي کيپ شاعري جي آڪاش تي لٿي ڪيترائي چمڪندي مڌهم ٿي ويا ڪيترا ته اتي ئي کڙي ختم ٿي ويا ڪيترن پنهنجي روشني سان شاعري جي آڪاش کي روشن ڪيو اهڙو ئي ڪوي جنهن جي ڪويتا جا تجلا اڄ به شاعري جي آڪاش تي پسجن پيا اهو آهي انجم قاضي
چوڏس کان پکيڙي پيو روشني ،
پيار جيون کان پکيڙي پيو روشني.
اهو پيار ئي هو جنهن انجم جي دل تي دستڪ ڏني ۽ انجم جي من مان روشني ڦٽي نڪتي ، اهڙي روشني اهڙي سڄاڳي انجم سماج لاءِ معاشري لاءِ به چاهي پيو ۽ سنگت کي صلاح پيو ڏي ته هلو اجالي جي گسن کي ڳوليون
ڇو نٿو سورج اڃان اڀري اچي ،
آءَ کڙڪايون ڪڙو آڪاس جو .
حسينا هر ڪنهن لاءِ خوشبو ۽ واسنا آڻي ٿي، ۽ ان واسنا سان وري اوسو پاسو به واسجو وڃي
هو جڏهن گهر مان نڪري ٿي اوچتو ،
ٿو گلابن جا ٽڙي پاڙو سڄو .
اسان جي ماحول کي ڌپ ۽ گندگي پکيڙڻ وارو انسانيت جو ماس کائيندڙ ڪو به حيوان ناهي اهو اشرف آهي اهڙي مخلوق لاءِ ڪتي جي تشبيهه لڱ ڪانڊاري پئي
جنهن کي مڃيو اسان ماڻهو ڪري،
کائي ڪتي جيان ويو ماس ڳوٺ جو .
انجم جي شاعري محبت ۽ انسانيت مزاحمت جو حسين سنگم آهي .
[b]ايڇ ڪي پرڀات:
[/b] لاڙ سان تعلق رکندڙ، استادي جهڙي مقدس پيشي سان تعلق رکندي پڙهائيندي، ايڇ ڪي کي لکڻ جو شوق جيءَ ۾ جاڳيو ته شاعري لکڻ لڳو، شاعري جي ڪائنات ۾ هي بنهه نئون نالو پر فيس بُڪ جي متحرڪ شاعرن مان هڪ شاعر اڪثر غزلن ۾ ڪٿي وزن بحر جا جهول ته ڪٿي خيالن جي ڪچائي ڪَر کنيو بيٺي آهي پوءِ سندس تخليق سان سچائي کيس لکائيندي اچي ۽ اها ئي سچائي پرڀات کي صبح ضرور ڏيکاريندي ماڻهو به مالها آهي، ڪڏهن ڪڻو ڪڻو ٿي وکري ٿو، ڪڏهن ذرڙو ٿي ٽٽي ٿو، مِٽي جو جوتو ڪڏهن ته ڀريو ڀور ٿئي ٿو، اُميد وري به ڳنڍجڻ، جڙڻ، مڙڻ جي رکيو اچي.
ٿي ويو ڪڻو ڪڻو هان،
ٻيهر سهيڙ مون کي.
انهن ٽڪرن ۾ ورهائجڻ کانپوءِ هر ٽڪر ۾ هڪ غم، هڪ پيڙاءُ هڪ سور نسري ٿو، جيڪو اندر ئي اندر کاٽ هڻي ٿو ۽ شاعر اها تمنا ڪري ٿو ته مون کي هَر ڏئي منهنجي من اندران ڪنهن کي پاڙن کان پٽيو وڃي.
پيا سورُ سڀ ڦُٽن، آءُ،
پرڀات کيڙ مون کي.
اهڙي دردن، ڏکن، مالي، معاشي مسئلن ۾ جڪڙيل ماڻهو کي جڏهن محبوبه پنهنجي پيار ڀرين نظرن سان نهاريندي آهي ته دنيا جا سڀ درد وسريو وڃن.
کلين تُون تڪين ٿي يڪو جا اسان کي،
اسان ئي اسان کان به وسري وڃون ٿا.
مُرڪن جي مٽا سٽا کانپوءِ ايڇ ڪي فرمائش ڪري ٿو، حُجت طرف وک وڌائي ٿو ۽ خواهش ظاهر ٿو ڪري ته سڄي جهان کي ڇڏي جانان بس مون کي پنهنجي زندگي جي ڄار ۾ ويڙهي ڇڏي.
هي لوڪ سڀ هٽائي
اڄ پاڻ ويڙهه مون کي
پرڀات جون شروعاتي وکون آهن ٿيڙ ضرور کائيندو کيس حوصلي سان اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ گهِري نظر سان زندگي جو مطالعو ڪرڻ گهرجي.
[b]ثمينه جاويد:
[/b]مهمان شاعره اردو ادب سان وابستگي اٿس پاڻ ادب جي استاد آهي، وٽس لفظن جا خزانه ۽ لفظن جي ادائگي جو ڏانءُ اٿس، سندس نظم جيئرو جاڳنديون تصويرون آهن ۽ انهن تصويرن ۾ جنهن سنڌي جو رنگ ڀريو ان رنگ ساز گل بلوچ جي محنت ۾ جَس لهڻي.
نظم تون ياد ايندو آهين. ساروڻين جي سنگهر آهي جنهن جي هر ڪرڻي سَڪ سان ڀريل ۽ هر جوڙ ۾ يادن جا پيچ پيل آهن، بوندن کان ويندي ماڪ ڦُڙن، برف باري ۽ خزان جي نُوحا خاني تائين اهڙي ڪٿا آهي جنهن ۾ داخليت جو درد خون ڳاڙي رهيو آهي تنهائي جي رات به هي نظم به تڙپ، جاڳ ۽ سپنن جي سورن کي سَموئي داخليت جا اُهي راز کولي پيو جنهن تي وقت پردا وجهي ڇڏيا هئا.
محبت جو ڪڪر- هي نظم محبت جي وسيع معنا، محبت جي گهرائي محبت جي طاقت ۾ محبت جي ڪرشمي کي اهڙي نموني پاڻ ۾ سمايو بيٺو آهي ڄڻ ته چنڊ ۽ ستارا آڪاش تي چمڪي رهيا هُجن.
اي سائين توکي اجازت آهي هي نظم مڪمل قرباني، سهپ ۽ برداشت کي بيان پيو ڪري، هن نظم ۾ ايثار جو جذبو عيان آهي، هي نظم فردي مفاد کان وڌيڪ اجتماعي سوچ ۽ ٻين کي پاڻ تي ترجيح ڏيڻ جي ترجماني پيو ڪري، ثمينه جاويد جا نظم سندس ڏات جي ڏاهپ ۽ ڏانءُ جي ادائگي جا گواهه آهن، نظم پنهنجي اندر ۾ هڪ ڪهاڻي کي مالها جي پروئي رهيا آهن ۽ اُهي مالهائون شاعره جي تخيل جي خوشبو کي پکيڙي رهيون آهن.
[b]خيرل سيلرو:
[/b] خيرل سيلرو شاعري جي سفر ۾ 27 سالن جو سفر ڄڻ ته مڪمل ڪري ورتو آهي، ان سفر ۾ سندس پير پٿون به ٿيا هُجن پر سندس قلم ضرور بار بار وقت جي اڏي تي قتل ٿيو هوندو خيرل جي اڪثر شاعري ۾ قدامت جا رنگ آهن ڪٿي ڪٿي ڪو هلڪو جدت جو رنگ رڻ ۾ تاري وانگي خيرل کي سينگاريو بيٺو آهي جنهن سان جيءُ جُڙجي ٿو اُن ۾ خوبيون ئي نظر اينديون آهن ۽ ان جي گڏ هجڻ سان ائين لڳندو آهي، جيڪو ڪجهه آهي اهو محبوب جي بدولت آهي اهڙو ئي خيال خيرل جو.
زندگي کي زندگي آ تو ڏني
هِن خوشي کي ڀي خوشي آ تو ڏني.
حُسن، سونهن ۽ سوڀيا جو اثر نظر کان شروع ٿي ذهن کان ٿيندو دل ۾ سمائجي ويندو آهي ۽ دل ان حُسن کي پنهنجي اندر ئي هٿيڪو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ڪڏهن ته جوڀن جي جَلون سان دل جون تارون به ڇڙي پونديون آهن.
تنهنجي جيون جو به تجلي دلرُبا،
دل جي تارن کي اچي ڇُهندي آهي.
خيرل جتي سونهن، پيار، جدائي، جانان کي پنهنجي شاعري جو حصو بڻايو آهي اتي هِن پنهنجي ڌرتي ۽ ديس جو حق به ادا ڪيو آهي، پنهنجي وطن جي محبت ۾ هن محسوس ڪيو آهي ته سنڌ ۾ جيڪي ڌاريا لوڌن جي صورت ۾ آيا، انهن کي ڌرتي پناهه ڏني، ڇپر ڇانءُ ٿي پر بهاري ڌرتي لاءِ ڪا به بهار نه بڻيا پر خزانءُ جو سبب ضرور بڻيا.
خزائون ٿي آيا وطن منهنجي تي سڀ،
مگر ديس تي ڪو بهارون نه ٿيو آ.
[b]ساقي منصور:
[/b]
وفا ناٿن شاهي، آثم ناٿن شاهي جي هن ڳوٺاڻي ساقي منصور مزدوري ۽ محنت جي اذيتن ۾ رهندي پڇتاءُ مايوسي ۽ نااُميدي کي ترڪ ڪري شاعري جو سهارو ورتو ۽ ان سهاري سان هن سونهن، سنڌ، عشق ۽ عبادت کي سمجهيو ۽ سُڃاتو، معجزا نبين کي ورثي ۾ ملندا آهن ۽ اُهي معجزا زندگي جا رُخ بدلائي نئين تاريخ رقم ڪندا آهن پر جنهن معجزي کي ساقي ڏٺو آهي ٻي اک اهڙي معجزي کي ڏسي نٿي سگهي ان لاءِ شاعراڻي اک عاشقيائي دل کپي.
تو ٻُڌو آ معجزو پر مُون ڏٺو،
رات کي ڇاتي نرم کائي وئي.
ڇا ته جماليات آهي منصور جي هن شعر ۾ هن شعر ۾ جيڪا پنهنجو پاڻ لاءِ تشبيهه منتخب ڪئي اٿس حقيقت ۾ اها تشبيهه معاشري جي ماريل ۽ رياست جي لتاڙيل هر ان فرد لاءِ آهي جيڪو غربت جي گهاڻي۾ پيسجي پيو.
پاڻ پُراڻي ڪوٽ جيان هُون،
دور نئين ۾ ڪير ٿو پائي؟
تُخيل شاعرن کي ورثي ۾ ته ملندو آهي پر هر شاعر وٽ تخيل جي اُڏام سگهاري به هُجي ايئن به نه آهي.
ساقي خوش نصيب آهي جو سندس ڏات تخيل جي پَرن تي آسمان کان به اڳتي اڏار رکي ٿي، اهڙي اڏار وارو هڪ مطالعو جنهن مان هر پڙهندڙ پنهنجي شعور ۽ ادراڪ مطابق معنا ۽ مفهوم ڪڍندو، هي شعر دُنياوي دوستي، محبت لڳ لاڳاپي سان به ڳنڍجي ٿو پر ٻي ڇرڪائيندڙ معنا به هن شعر ۾ موجود آهي، جنهن جو واسطو رب سان آهي.
جيڪو ايڏي دير ڪري رب،
اُن کي پنهنجو ڪير ڪري رب.
دل روايت پڻي جو شڪار رهي ٿي اُها احساس، جذبن، دوستين، رشتن، ناتن، سماجي تعلقن ۾ جَڪڙيل رهي ٿي، اهڙي نه ڏسي سگهون جهڙي خول ۾ رهندڙ دل واري ماڻهو جي سوچ پوءِ به پرواز ڪندي رهي ٿي، سوچ جي پرواز تي نواڻ جا لڳ ڏيکاري ٿي ساقي منصور دل ۽ سوچ جي اهڙي تضاد تي خوب چيو آهي.
هڪ دل روايت کان هٽي ئي جا نٿي،
هڪ سوچ اڃان جدتون ڳولي پئي.
ڇڇ
ساقي منصور هڪ سچو فقير شاعر آهي جنهن لاءِ آئون بس سندس ئي شعر ۾ ائين چوندس.
هڻي الفاظ جي نٿي سُرخي،
اسان جي ڏات ۾ فقيري آ.
[b]سانگي صحرائي[/b]:- صحرائي مان ئي ظاهر ٿو ٿئي ته هن شاعر صحرا جا ڪيترائي سور سٺا آهن ۽ هِن کي پنهنجي صحرا سان يعني ٿر سان پوءِ به ڪيترو پيار آهي جو هن شخص ان کي پنهنجي نالي سان ڳنڍي ڇڏيو آهي، سانگي وٽ نج اصلوڪو اسلوب آهي، شاعري ۾ تجنيس جون تجليون به آهن ته ٻهراڙي جا ٻول به.
ڪو نه چيو مون ڏينهن کي رات،
ڏوهي ٿي پئي منهنجي ڏات.
شاعري شروعاتي ۽ وچ واري ۽ ڪجهه هاڻوڪي درٻاري رهي آهي ۽ درٻارڪي درجي شاعر کي مان ۽ مرتبو ڏنو ۽ شاعري کي الهام چيو، سانگي جي ڏات ڏوهه باسي ٿي، پر اُڀرندي سج جي پوڄاري ٿيڻ نٿي چاهي.
اهڙن حالتن ۾ جڏهن سچ چوڻ تي ڏات کي ڏوهه چيو وڃي ۽ وقت جا حاڪم روز سَرها ۽ سپرا ٿيندا وڃن قوم جيئن پوءِ غربت جون لڪيرون ٽپندي وڃي ته شاعر قوم کي هنن لفظن سان حوصلو ڏيندو آهي.
سانگي سورن سينو ساهي،
ڏيندا پاڻ ڏکن کي مات.
اهڙي دولت جي دنيا ۾ جتي هر شيءِ وڪامي، هر ماڻهو جو مُلهه لهجي جتي نظريا ڀڳڙن جي مُٺ تي وڪرو ٿين ته اتي اها سوچ اُڀرندي آهي ته هاڻي چاهتون، محبت به وڪامي پئي اهڙي سوچ کي مٽائڻ لاءِ سانگي سٽون سرجي ٿو.
ناڻي ملندا ڪهڙا نينهن،
ٺاهه ٺڳي جا ٿورا ڏينهن.
اسان وٽ ايترو ناڻو آهي جو ٽِن ڀائرن جو بار پنهنجي ڪُلهي تي کنيو بيٺا آهيون انهي بار اسان سان جيڪو حشر ڪيو آهي، ايثار جو جيڪو بدلو مليو آهي، ان کي اسان لڪائڻ چاهيون پر لڪائي نٿا سگهون، سُڪل ڇاتيون، بکايل پيٽ ڪٿي لڪندا؟
سُڪل ڇاتيون جيجل جون بکايل پيٽ ٻارن جا،
درد اهڙا ڪٿي لڪائجن دلين جي دنگن تي.
سانگي جي شاعري ۾ وزن جا جهول ته آهن ئي پر سندس ڏات پاڻ وڻائڻ جو هنر به رکي ٿي، بيت اصلوڪي انداز ۾ آهن ڪو نئون رخ نه اٿن نه ئي ڪو نئون موضوع، سانگي جي هي خواهش انسانيت جو درس ڏئي رهي آهي.
عيدون هليون گڏ گذاريون،
سئوڻ شادين جا ساٺ ٿيا.
[b]سپنا سنڌي:
[/b]نوري جي نُک سان تعلق رکندڙ هي ناري اُتر جي هوائن ۾ پلي نپني پر سندس هاڻوڪا ڏينهن وچولي جي وچٿرين هوائن ۾ گذرن پيا، هي سپنا عوامي خدمت ۾ سماج جي پيڙهيل طبقن لاءِ ڪيئن سپنا سجائي ٿي ۽ اهي اٻوجهه ماڻهو انهن جون تعبيرون پنهنجي حياتي ۾ ئي ڏسن پيا.
سَپنا سنڌي ننڍي بَحر سان ڪماليت سان نڀاءُ ڪيو آهي ٿورن لفظن ۾ وڏي ڳالهه ڪَرڻ هر ڪَوي جي وس ۾ ناهي مَن جي تڙپ ملڻ سان ماٺي ٿيندي آهي. تڏهن شاهه سائين چيو “شال م ملان هوت” پر شاعره هن شعر ۾ اهو تاثر ڏنو آهي ته محبوب جي ملاقات ته لوڇ پوڇ کي يوريا ڀاڻ ڏيندي آهي.
لُڇي ٿو مَن
مِلِي توسان
درد شاعرن کي ڏاج ۾ ملي ٿو ڇو ته شاعر به سماج جو ئي حصو هوندو آهي ۽ حصي ٿيڻ کانپوءِ اهو ئي ملندو جيڪو پيش ايندو، اهي درد وڇوڙا اسان جي سماج مان ئي ته ڦٽي نڪرن ٿا، غم ۾ مئي نوشي ڪرڻ وقتي طور سورن کي پوئتي سَٽڻ وقت سان مقابلو ڪرڻ چئي وڃي ٿي، پر هتي جنهن مئڪشي جو ذڪر آهي اها خوشي آهي جيڪا لمحي لاءِ اچي ٿي درد دور نٿو ٿئي.
درد گهٽجي نـٿو
مئڪشي مختصر
زندگي اڄ آهي سڀاڻي نه هوندي، جهان ته هلندو پيو پر جيڪو جهان ڇڏيو وڃي ان لاءِ زندگي به ختم ٿيو وڃي ۽ پويان به ڪيستائين ياد ڪندا؟ ڪجهه عرصي کانپوءِ سڀني کي جهان ڇڏي ويندڙ وسري ويندو، اهو وسارڻ جو عمل ئي ٻڌائي پيو ته هي حياتي هڪ ڇل آهي.
جيون ڀــي
ڌوڪو هڪ
۽ اهڙي حياتي اهڙو جيون محبوب کانسواءِ ڪهڙي ڪم جو ۽ ڇا ڪجي اهڙي زندگي جو هڪ ته جيڪا صفا مختصر ٻيو سواءِ سونهن جي.
توسوا ڇا ڪجي
زندگي مختصر
انهن سڀني مسئلن معاملن جي هوندي، ڏکيائين جي تڪليفن جي باوجود عشق پنهنجي سفر تي اڄ به گامزن آهي.
راهه تي رهيو
عشق جو سفر
دعا ۾ ياد ۽ پيار، رب ۽ ڪفر نهايت جاندار ۽ دردناڪ نثري نظم آهن، پر سوال ٿو پيدا ٿئي جيڪو نظم آهي اهو نثري به ٿي سگهي ٿو ڇا؟ ٻه متضاد گڏ نه هلندا آهن پر اسان جي ڏاهن جي هي ڪهڙي ڏاهپ هئي جن نثر ۽ نظم کي گڏ رائج ڪيو هو؟
[b]سڪندر اوٺو:
[/b] سڪندر اوٺي کي ڪجهه ئي سال ٿيا آهن جو شاعري جي دنيا ۾ پير پاتا اٿس، سڪندر جي سڄي شاعري عوامي رنگ لهجي ۽ لباس ۾ آهن، وٽس استعارن، ترڪيبن ۽ تمثيلن جي رسد تمام گهٽ آهي، منظرنگاري به سادي نموني ۾، تشبيهن ۾ ڪا نواڻ نه اٿس.
هڪ شعر سندس شاعري ۾ نئين دڳ جي پيشنگوئي آهي ان شعر ۾ سندس ڏات اُميد ڏيکاري پئي ته سڪندر وقت گذرڻ سان مطالعي ۽ مشاهدي سان گهڻو اڳتي نڪرندو.
ٻانهن جو ڏئي وراڪو جيئن قابو ڪئي،
سُور اُن دم سلڻ سان وُٺو مينهن هو.
سڪندر جو نظم، سنڌ منهنجو قسم، ٻن دؤرن ٻن رُخن کي ظاهر ڪري ٿو هڪ خوشحال تاريخي ۽ تهذيبي سنڌ جنهن ۾ پيار، محبت ۽ امن جا درياءَ پئي وهيا، جنهن ۾ عداوت ڦرلٽ جو ڪو نشان نه هو ۽ ٻي آهي هاڻوڪي سنڌ جيڪا ڦرن، دوکن، نفرتن جي وَر چڙهي وئي آهي، جنهن جا پُٽ بي ڏوهه رياست جي دلالت هٿان کنيا وڃن ٿا ظاهر نٿا ڪيا وڃن پر سڀ ڪجهه عارضي آهي سنڌ پنهنجي مالڪ پاڻ ٿيندي، حق ضرور ناحق کي هارائيندو ان لاءِ رڳو اسان کي اُٿڻو پوندو.
[b]شِڪسته مزاري:
[/b]شِڪسته سنڌ ۾ ڄاتل سُڃاتل شاعر آهي استاد جهڙي مُعتبر پيشي سان تعلق ۽ ڪشمور مان پهريان قدم کڻندڙ هن شاعر جو اسلوب پنهنجو آهي لفظ پنهنجا آهن ۽ رڌم، بحر به پنهنجا آهن، غزلن جا اڪثر بند وزن بَحر ۾ کُٽن ٿا يا وڌن ٿا اُن جو سبب شڪسته جي بي ڌياني آهي يا اڃان ڪو ٻيو سبب؟ سماجيات تي شڪسته جي نظر گهٽ پئي هن گهڻو داخليت ۽ محبت، محبوب کي موضوع بڻايو آهي ۽ ان موضوع سان نڀاءُ به سٺو ڪيو اٿس.
سو وقت ثوابن جهڙو هو
گڏ يار گـلابن جهڙو هو
محبوب جي واسنا عاشق لاءِ ثواب وانگي هوندي آهي جنهن جي حاصلات زندگي جو پُر لطف بڻائي جيئندي آهي انهي پيار ڏيندڙ پرين جي درشن نه ٿيڻ انهي جي رُخ بدلائڻ تي شڪسته جيڪا تعريف ڪئي آهي اُها تعريف به شڪايت جي انداز ۾ واهه جي آهي.
جو ڪهي ايندو هُئين هر آهه تي،
هر قدم اڳڀرا ڪاڏي وئين.
حياتي بنهه ٿوري آهي ڪو به ساڻ جٽاءَ نه آهي ان مختصر وقت کي عداوتن ۽ دشمنين ۾ ڇالاءِ وڃائي پنهنجي عمر داءُ تي لڳايون ۽ محبت زندگي کي زندگي ڏي ٿي هي پل پيار لاءِ وقف ڪجن نفرت لاءِ نه،
نفـرت نه پيار ورڇـيون
ڪجهه پل جي زندگي آ
محبت ڪرڻ کانپوءِ عشق جي اچڻ سان چهرن کي پڙهڻ جو هنر اچيو وڃي ۽ اکين ۾ لڪل ڪهاڻيون به پڙهجيو وڃن هي شعر به اهڙي هنر جي علامت.
اکڙين ۾ هُيون ڪجهه آکاڻيون،
چهرو ته ڪتابن جهڙو هو.
اسان جي سماج مان پنهنجائپ پيار، نياز نوڙت ختم ٿيندا پيا وڃن انهن جي جاءِ تي اچي ويو آهي، ساڙ، بُغض، ڪيني، دوکي منافعي ۽ انا جو زهر جيڪو انسانيت کي موت ڏانهن ڌڪي پيو.
هر طرف زهر ڦهليو
ڪهڙي هوا گُهلي آهي
[b]شميم مري:
[/b] شميم ڏات جي ڏيهه ۾ هڪ ڏهاڪي تي اڃان پير مَس رکيو آهي پر ائين پيو محسوس ٿي ته هي شاعره صدين جي صدا وانگي، صديون اڳ موجود هئي. وٽس ڏات ۽ ڏانءُ جو حسين ميلاپ موجود آهي.
نازڪ خيالي ۾ سادگي جو جيڪو ڳانڍاپو شميم وٽ ملي ٿو اهو ورلي ڪنهن شاعره ۾ هُجي ان جو سهڻو مثال:
تنهنجي لاءِ هو وڏي بي چيـن هئي
اڄ گنجائش ۾ هئي پر تون نه هئين
عشق انسان جو حصو آهي اهو ئي عشق جڏهن ڪاميابين جي ڏاڪن تي پير رکندو آهي ته مست الست ٿي پوندو آهي پنهنجي دنيا ۾ مگن ٿي ويندو آهي، باقي لوڪ ۽ جڳ جهان تي نظر ئي نه ٻُڏندي آهي، اها پيار جي حاصلات جي منزل جنهن کي شاعره سرور، خوشي جي رَدِعمل ۾ مغروريت چيو آهي پر اهو مقام پاڻ ارپڻ جو هوندو آهي.
پيار ۾ ســرور ٿي وئي آهيان
ڪيتري مغرور ٿي وئي آهيان
انهي وڏائي ۽ هٺ کي وري اصليت ڏانهن به شميم کڻي وئي آهي ته هڪ نظر جي نظر پوڻ سان سڀ وڏائيون سڀ اُڏامون هوا ٿيون وڃن ۽ انهي نگاهه جي قيد ۾ قيدي ٿيڻو پوندو آهي ۽ نگاهه تي نينهن جو پهريون رستو آهي.
تون نهاريو اُڏار وسري وئي مونکان
ڄـڻ ته مـسحـور ٿــي وئــي آهيـان
شميم مري جي غزلن ۾ ڪٿي ڪٿي وزن ٽٽل ملي ٿو نه ته اڪثر شعر پورا آهن، ڪٿي ته هڪ ئي قافيو ٻه ٻه، ٽي ٽي ڀيرا ڪم آندو اٿس، انهن معمولي ڪوتاهين کي نظرانداز ڪري اڳتي وڌجي ته شميم مري سنڌ جي بي باڪ شاعره طور ضرور پاڻ ملهائيندي سندس خيالن جي اُڇل اڻ جهل آهي ۽ سندس ڏات بيباڪ آهي اهڙا بي باڪي جا ڪجهه گوهر حاضرِ خدمت.
بدن خوشبوءِ ۾ پيو مهڪي
هُو وري خواب ۾ آيو، مون
اُڃ اُجهائڻ آيس آئون
تو ته وڏائي اسان وٽ
موملون مون ۾ رهن
تون مُڙي راڻا ته ڏِس
تنهنجي اک جو سُرور پنهنجو هو
مئي ڪو نه ٻيو واپرايو مون
ڀاڪرين هن ڀريو ۽ ڳڻي ڳلي لاتو
انگين چاڙهيو، نپوڙيو ۽ ملي لاتو.
[b]عبدالغفار عبد جوڻيجو:
[/b] عبد جوڻيجو سينيئر شاعر هئڻ سان گڏ مسيحائي پيشي سان تعلق رکن ٿا، سندس مٽي به ڀُر ڀُري ۽ وارياسي آهي، پيار، سندس نَس نَس ۾ پوتيل آهي ۽ معاشري تي به سندن اک رهي ئي رهي آهي، عبدالغفار جا بيت جاندار ۽ ادائگي ۾ وڻندڙ آهن حالانڪه منجهن ڪو نئون موضوع ناهي.
عبد جي وائين ۾ رس ۽ چَس آهي، وائين تي سُٺي گرفت اٿس.
گڊي جي گود ۾
تون نه ساڻ ٿر اڪيلو ٿو لڳي
هي سڄي وائي درد جي صدا ۽ منظرنگاري جو سنگم محسوس پئي ٿي.
پروڪي هولي ۾
رنگ نه هاريو مون
تاثراتي پر پُراثر سحر انگيز وائي آهي
غزل جي اڪثر شعرن ۾ پاڻ وزن بحر کان پر ڀرا ٿي بيهه رهن ٿا ڪجهه شعرن ۾ ته خيال جي اُڏام سان گڏ فن تي دست رس به نظر اچي ٿي.
حادثا، حسرتــون رهي زندگي،
گهر ڪچي جيان ڊهي زندگي.
[b]علي محمد لنجو:
[/b] هڪ ڏهاڪي جي ادبي سفر جو هي مسافر علي محمد لنجو به ڀٽن جي ڀَر جو، سندس ڪويتا اڃان پَنڌ سوري پئي اڃان وکن ۾ اها روانگي اُها تيزي ناهي آئي جيڪا کيس ابلاغ ۽ ادراڪ جي منزل تي پهچائي پوءِ به سندس ڪوششون ۽ همتون ضرور رنگ لائينديون.
نيٺ ته ملنداسين ٿورو حوصلو ته رک،
ٽهڪ ڏئي کلنداسين ٿورو حوصلو ته رک.
ٿر محبت، وفاداري ۽ پيار جو علائقو هن علائقي مان لڄ لوئي ۽ پيار جو جيڪو پيغام نڪتو اُن سنڌ سڄي کي واسي ڇڏيو آهي اهڙي ئي پيار واري طبيعت رکندڙ، چاهه سان چاهه رکندڙ محبتون ورهائيندڙ ۽ مُرڪون ڇَٽيندڙ علي محمد نفرت ڪندڙ شخص سان مخاطب ٿي چوي پيو ته نفرتن جي ڪمائي ۽ ان جو آئوٽ پٽ ته ٻُڌا.
وڏو نانــگ نفرت جو نـپــايو ٿئي،
ٻُڌا مون کي ڀلا ڇا ته ڪمايو ٿئي؟
علي محمد لنجي جي شاعري ڪئين آهي هُو اها ذات ڪيئن ٿو استعمال ڪري، هُن ڇا لکيو آهي ڇا ڏٺو آهي ان لاءِ سندس ئي شعر:
نه ڪڏهن ڪوڙ لکيوسين نه ڪائي ٺٺولي
سدائين سچ لکيوسين جو ڏٺو هو اسان.
[b]علي عاجز شر:
[/b] علي عاجز شر پنهنجي جيون جون 20 بهارون شاعري کي ڏئي چڪو آهي، انهن بهارن ڏيڻ جي بدلي عاجز ڏات مان ڇا حاصل ڪيو اهو سمجهڻ لاءِ اسان کي سندس شاعري جو مطالعو ڪرڻو پوندو ،
جيئي پنهنجو نينهن،
هڻندا نعرا نيڻ.
نيڻن جو نينهن جي جئيندان لاءِ نعرا هڻڻ بنهه اڻ ڇيل نڪور خيال انهي نينهن جي نعرن هڻندي وري ڇهاءَ لطف ۽ ميٺاج جي گهر جنهن انداز ۾ علي ڪئي آهي سابه خطرناڪ
سيني سنگڙا ڏي ته چمڻ
ڇڏ هٿـڙن جي اڙ جانان.
عاجز جي شاعري انجا خيال ۽ پيشڪش دلچسپ ۽ دل کي موهيندڙ آهي ڪٿي ڪٿي وزن ۽ خيال جون خاميون اٽڪن پيون.
غلام قادر منتظر:
غلام قادر منتظر چانگ شاعري جي آڪاش جي سينيئر ترين شاعرن ۾ شمارجن پيا، جيتري سندن شاعري جي قدامت آهي سندن ڏات به ائين قدامت جي پيچري تي گامزن نظر آئي آهي، پاڻ ماتلي ادبي سنگت جي متحرڪ ميمبرن مان آهن ۽ هن وقت ماتلي شاخ جي سيڪريٽري پڻ آهن.
ڪري تون ماٺ ويهه اي منتظر سڪ ۾ مزو آهي،
سُڀان يا اڄ سڄڻ ايندو لڇُڻ پوءِ روا ناهي.
ناصحانه شعر پر خود کي ئي آٿت سمجهاڻي ته، همت، حوصلو ڪر اجايو ٻاڪاٽ نه ڪر، رڙ نه دانهن ڪر، اها سار به لطف ڏي پئي، پرين سُڀاڻ پرين اجهو پهتو اجايو دل نه لاهه جنهن جي سڪ هُجي اهو سامهون اچي وڃي ته واهه واهه ٿي وڃي ۽ ان جي آمد يادن جي درشن جا اثر وري آسمانن تائين به رسن ته اهائي شاعرائي خوبي:
ڇڏيو هئين وار ٺاهي چنڊ کي واڙي،
وري ڦيريئين ڦڻي اهڙي جو ڇا چئجي.
منتظر، ڪافيون ڪافي لکيون آهن، اڄ ڪلهه اسان جي نج پنهنجي صنف اسان نه پيا لکون پر منتظر جي ڪافي ان کوٽ جي پورائي طرف هڪڙي وک ضرور آهي، توسان اٽڪيل دل...... ڪافي رڌم رواني ۽ موسيقيت سان ڀرپور.
نظم مرسون مرسون........ مزاحمت ۽ انقلاب جو سڏ جرئت ۽ همت جو پڙاڏو آهي، نظم اسان جي ٻولي، سنڌي ٻولي سان بي انتها پيار ۽ عقيدت جي پرچار سان گڏ ٻولي جي اهميت ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ، غلام قادر منتظر جي شاعري مولوي احمد ملاح ۽ مُبين پنائي جي ياد تازي پئي ڪري.
مُجيب ڪنڌر:
مُجيب ڪنڌر شاعري جي قدرت جي طور ڏسجي ٿو ته اڃان پهرين ڏهاڪي کي مَس عُبور ڪيو اٿس پر سندس تخليقي سگهه لفظن جي چونڊ شعرن جي ترتيب ۾ بلڪل ئي نٿو لڳي ته هي اُهو ئي مجيب آهي جنهن شاعري جي شروعاتي 2008ع کان ڪئي، مجيب وٽ کوڙ موضوع آهن خاص موضوع هن جا ٻه آهن، هڪ محبت ۽ ٻي انسانيت آهي، جيڪڏهن انسانيت ۽ محبت جو ميلاپ هڪ جاءِ ٿيندو آهي ته اُتي تاريخون جُڙنديون آهن افسانه نه، شاعر احساس کي سڀ ڪجهه ٿو سمجهي ۽ حقيقت ۾ آهي به ائين بي احساس بُت هوندا آهن ماڻهو نه.
احساس بنا ماڻهو رهيو ايئن،
جيئن راهه ۾ پٿر ٻيو ڪجهه به ڪو نه.
احساسن جي جذبن سان سرشار ماڻهو هِن دنيا ۾ محبت ۽ مُرڪ کي ڳوليندو آهي، اڄ ڪلهه جي دؤر ۾ انسان مشيني ماڻهو بڻجي ويو آهي، جنهن وٽ هڪڙي مُرڪ ڏيڻ لاءِ به وقت ناهي.
مُرڪ هڪڙي ڏسڻ ٿي دل چاهي،
اهڙو چهرو ڏسان ڪٿان ملندو؟
مُرڪن ۽ محبتن جي ورڇ ڪندڙ ئي احساسمند هوندا آهن ۽ حساس ماڻهو ئي ٻين جي تڪليفن ۽ ڏکن کي ڄاڻيندا آهن ۽ انهن تان اهي پريشانيون پري ڌڪڻ لاءِ وَس آهر ڪوششون وٺندا آهن اهڙن شخصن کي انسان چئبو آهي ۽ اهڙن انسانن کي الله سائين پنهنجا ولي بڻائيندو آهي.
آدمي جي درد کي سمجهڻ بنان،
ڪيئن ٿي سگهندي خدا سان دوستي؟
خارجيت مجيب جي مَن جو موضوع آهي ۽ داخليت هن جي دل ۾ دُکندي رهي ٿي جيڪا شعرن جي روپ ۾ منظر تي اچي ٿي ان داخليت ۾ به اهڙي خارجيت شامل آهي جنهن ۾ برداشت جرئت ۽ احساس جو عنصر عيان آهي.
درد کي سـهي آ مون،
پيار سان مُرڪي ڏٺو.
مجيب کي محبت، پيار، سڪ ۽ احساس جي بدلي ۾ جيڪا حاصلات ٿي آهي سا ته ظاهري طور معمولي بنهه مختصر آهي پر ان لمحي اُن پل مجيب کي جيڪي رنگ ارپيا جيڪا بوءُ ارپي ان رنگ ۽ بوءِ مان سندس دل مان ڪويتا پوپٽ وانگي پر سهيڙي اُڏري شاعري جي آڪاش تي پُهتي.
پنهنجي هُن سان جا هُئي گذري مُجيب،
ڪيترا هڪڙي گهڙي جا رنگ ها!
[b]مختيار مگسي:
[/b] مختيار تمام ٿورڙي عرصي ۾ فيس بُڪ تان جيڪا پذيرائي حاصل ڪئي آهي اها سندس ڀاڳوند هئڻ جي نشاني آهي ۽ اهڙي نصيب تي رشڪ ئي ڪري سگهجي ٿو، مختيار وٽ موضوعن جا ڀنڊار آهن، عشق، محبت، جدائي، اُداسي، حوصلو، جرئت، ادب ۽ ٻيا ڪيترائي موضوع مختيار جي شاعري مان بکي رهيا آهن.عشق اهڙا ڪم اهڙا عمل ڪرائي ٿو جيڪي مشڪل ته هوندا ئي آهن پر ظاهري اک لاءِ ناممڪن به هوندا آهن، درياءَ دلي تي پار ڪرڻي ڪا سولي يا ڀوڳ جي ڳالهه ناهي پر انهي مَٽ تي محبت جو سفر سو به درياءَ جي لهرن تي عشق ٿو ڪرائي.
عشق هو جو سُهڻي دريا کي به ڪندي پار هئي،
ڪير لهندو هونءُ درياءَ ۾ ٺڪر جي آسري؟
اهڙي ئي جديد سهڻي جنهن جي هڪ قدم چانئٺ کان ٻاهر ڪڍڻ تي جديد مختيار مگسي کي اها گهر جي چانئٺ به پاڻ ڏانهن ڪشش پئي ڪري ڇو ته پرين جا پير جا اُن چانئٺ تي آهن.
پير پائي تون ٻاهر اچين ٿي جڏهن،
دل ڇڪي ٿو وٺي تنهنجو در تو جيان.
پيار، محبت کان اڳتي نڪري مختيار حوصلي همت جو درس به ڏي ٿو ۽ اهو ٻڌائي ٿو يا ياد ڏياري ٿو ته ڏس جاچ تو ڪيتري حياتي وڃائي ڇڏي؟ انهي درد ۾ رهي، ڇا اڃان به اداس رهي زندگي جا قيمتي پل وڃائڻ ٿو چاهين؟
اَڃـان اُداسي رکي ڪندين ڇا
هي زندگي آ وڃي بچي ڇا؟
انهي اداسي ۾ گهاريندڙ، دوست، محبوب ساٿي سان مخاطب ٿيندي شاعر وڌيڪ جاڳائڻ لاءِ وڌيڪ حوصلي جو روح منجهنس ڦوڪڻ لاءِ کانئس ئي سوال ڪري کيس ئي جواب ڏيڻ لاءِ اتساهي ٿو.
اُداس تنهنجي ڀلا رهڻ سان،
سو وقت ايندو ويل وري ڇا؟
اسان جي شاعري قومي مان ڦِري ڪيٺي ٿي پئي آهي ۽ اسان جي گائگي رياضت ۽ بندگي مان نڪري ناچ گانو ٿي پئي آهي، گووَين کي ڪو ٻُڌڻ وارو ناهي ڪلاسيڪي موسيقي منجي جي حوالي، اهڙي حالت ۾ جيڪا موسيقي جي حالت ٿي آهي ان کي مختيار شعر جي صورت ۾ بيان ڪيو آهي.
اڄ سنڌ ۾ اياڻيون ڳائن پيون ته ائين،
ڳائڻ کان وڌ هر ڪا جسم ۾ نظر هئي.
هي شعر خالي نواڻ سان ڀلو آهي پر گرامر جي لحاظ کان ٻه زمان هڪ ئي شعر ۾ اهڙيون ڪوتاهيون مختيار ۽ ٻين دوستن جي ڪلام ۾ موجود آهن.
[b]نذير نورياڻي: [/b] نذير نورياڻي هن ڪتاب جي ترتيب جي لحاظ کان آخري شاعري آهن ۽ پاڻ هن جهان ۾ به نه آهن، سندن لاءِ دعا آهي ته ڌڻي سائين کين پنهنجي امان ۾ رکي. آمين - نظير سائين فائنل پاس اصلوڪي زماني جا استاد هئا اهڙا شفيق ۽ بزرگ استاد ڀاڳن وارن کي ئي نصيب ٿيا، نظير نورياڻي جي اڪثر شاعري خارجي آهي، سماج، ماحول ۽ ان ۾ ٿيندڙ اُٿل پُٿل بابت ئي آهي، پاڻ جيڪو ڪجهه لکيو اٿن نهايت ئي ايمانداري ۽ سچائي سان لکيو اٿن، آزادي ملي اسان جشن ملهايا، ڀاءُ لڏي ويا، نوان ڀائي آيا، انگريزن کان آزادي کانپوءِ تبديلي آئي اها نظير سائين کان ملاحضه:
اسان وٽ بعد آزادي برابر ايترو ٿيو آ،
غريبن لاءِ بربادي برابر ايترو ٿيو آ.
جنهن ديس جا غريب برباد ٿي وڃن اهو وطن ڪهڙو آباد هوندو اهل علم ئي ڄاڻن. سائين جن جو انداز بيان پراڻو آهي پر سندن لفظن ۽ خيالن مان ائين ٿو لڳي اهو اڄ لکيو ويو آهي اڄ جي حالات تي لکيو ويو آهي، اهڙي ئي دل ئي رهڙيندڙ عڪاسي هن شعر ۾ به موجود آهي.
جتي مجلس هئي مورن جي، هنجن جو جت هيون هونگون،
اُتي ڪانون جا ڪانگيرا، ڏسو گڏهن به گج پاتا.
هي شعر سائين جي تخيل جي اُڌار جي ثابتي آهي، مجلس، مورن، هنجن، ڪانون ۽ گڏهن کي پڙهندڙ نقاد ڪهڙي پاسي ٿو ڇڪي اُن مان مفهوم ڪهڙو ٿو ڪڍي؟ اهو پڙهندڙ ۽ نقاد جي علم ۽ ادراڪ تي، هي شعر اهڙي تنقيد آهي جيڪا آهي ته تيرن ۽ نيزن سان پر لڪل آهي نهايت سُهڻي ڪپڙي ۾ اهو ڪپڙو تخيل آهي، هي شعر هن دؤر جي تصوير آهي، اسان اُن کي، شاعرن اديبن ڏانهن ڇڪي سگهون ٿا اهو شعر وقت جي حاڪمن ۽ سردارن ڏانهن به آڱر کڻي ٿو انهي شعر اسان جي قومي سياست تي به ٺهڪي اچي ٿو، جهان ۾ ڏکيو آهي ته ٻن گهر وارين وارو طويل نظم في البڊيع نظم جو نمونو، گهريلو زندگي جي ڪهاڻي جنهن جو طنزيه عنصر ڏاڍو دلچسپ ۽ سبق آموز آهي، نظم خبر ناهي دل مجروح جو مرهم ڪڏهن ٿيندو، هي نظم اسان جي حڪومتي، مذهبي، سياسي نظام تي اهڙي جرح آهي جنهن ۾ پوليس، وڏيرو، حاڪم، رئيس، عدالت، لوفر، ملان ۽ ڪاموري کي اگهاڙو ڪري ان جي حقيقي تصوير ڪشي ڪئي وئي آهي ۽ اهڙي تصوير سدائين سچن ليکارين ئي ڪڍي عام آڏو آندي آهي،
سائين نظير جي اهڙي سچائي قابل رشڪ آهي.
شاعري جو آڪاش جي شاعرن مان ڪو به شاعر اهڙو نه آهي جنهن کي شاعري جي جهان مان نيڪالي ڏئي ڇڏجي يا ان بابت اهو دليل گهڙجي ته اهو شاعر ئي نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن هڪ شاعر بابت اهڙي سکڻي دعويٰ ڪجي ٿي ته هنن مان فلاڻو شاعر سڀني شاعرن کان وڏو شاعر آهي ۽ اهو شاعر ئي هن وقت سنڌي شاعري جو ديوتا آهي. اهڙيون فتوائون مُفتي ڏيندا، انهن وٽ وڃو، هي ڏات جو جهان آهي هتي سڀئي هڪ قطار ۾ ڏات ۽ ڏانءُ لاءِ جهولي جهلي بيهن ٿا، جيڪو جنهن کي دان ملي ٿو اهو اوترو ۽ اُهڙو لکي ٿو. هن ڪتاب ۾ قديم، وچولي ۽ جديد دؤر جو اهڙو ته سهڻو سنگم آهي جو ائين ٿو لڳي اهڙي مالها ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ دنيا جا سڀئي حَسين موتي پوئيا ويا آهن، انهن وڻندڙ موتين مان هر موتي جو رنگ پنهنجو آهي هر مَڻِيي جي چمڪ پنهنجي آهي ۽ هر مَڻيو پنهنجي خوبي ۽ خاصيت ڪري ڄاتو، سڃاتو ۽ سمجهيو ويندو، اهڙي 28 ڄڻين جي مالها پروئڻ ۾ جنهن ڪاريگر جو ڪمال آهي جنهن جي محنت ۽ محبت آهي انهي ڪاريگر کي ڀلي تڪڙي شهرت نه ملي، ڀل ڪا مڃتا نه به ملي، ڀَلي ته ان تي آڱريون به کڄن پر وقت گذرڻ کانپوءِ تاريخ ضرور هن ڪم، هن محنت ۽ محبت کي ورجائيندي ۽ تاريخ ۾ اهڙا بي لوث ماڻهو سدائين لاءِ محفوظ ٿي وڃن ٿا، جيڪي مطلب کي ترڪ ڪري محبت کي پاڻ سان کٽن ٿا ۽ مون احسان آڪاش جي اها محبت سندس عمل ۾ اکين ۾ ڏٺي آهي اهڙي محبت ڪڏهن به مرندي ناهي امر ٿيندي آهي.
شاعري جي آڪاش ۾ به ضرور شاعرن جي ڪلام ۾ ڪي غلطيون، ڪوتاهيون ۽ کوٽون موجود هونديون، اهڙين کوٽن ۽ غلطين جي نشاندهي وقت جي نقاد کي ڪرڻ گهرجي ۽ ان نقاد کي شاعرن جي مثبت پاسي کي به پَڌرو ڪَرڻ گهرجي، نه صرف ڄاتل سڃاتل نقاد پر هر تخليق جي ڄاڻو، شاعري تي اهڙا مضمون لکڻ کپن جن مان ايندڙ نسل ڪو سبق پرائي، آئون هتي ڪجهه ڳالهيون اهڙيون به آڻڻ چاهيان ٿو جن جو تعلق هن ڪتاب ۾ موجود شاعري، ٻين ڪتابن جي شاعري، رسالن ۾ ڇپندڙ شاعري ۽ فيس بڪ تي ايندڙ شاعري بابت آهن ۽ انهن جو تعلق شاعرن سان آهي.
* شاعري لاءِ اهم ڳالهه آهي شاعر جو ڄاڻو هجڻ، اها ڄاڻ جيڪا هُن کي شاعري جي علم سان گڏ زندگي جي رازن کي پَڌرو ڪَرڻ ۾ مدد ڏي.
* شاعر کي وقت جي نبض شناس هَجُڻ گهرُجي.
* شاعر جي اندر هڪ نقاد جو هُجڻ بيحد ضروري آهي.
* شاعر کي خالي سٺو شاعر ٿيڻ جو شوق نه هجي پر اُن جي اها به آرزو هُجي ته هُو سُٺي ماڻهو طور به سُڃاتو وڃي.
* شاعر ۾ سهپ، برداشت ۽ تحمل مزاجي هُجي.
* شاعر جو پنهنجي قوم سان سچو هئڻ ايئن ضروري آهي جيئن نماز لاءِ وضو.
* شاعر ۾ خودي جو هُجڻ خوبي انا جو هُجڻ خامي.
* شاعر کي ڪڏهن به تقليد جو پَٽو ڳچي ۾ نه وجهڻ گهرجي.
* شاعر معاشري جو سڌاريندڙ هُجي بگاڙيندڙ نه.
* جيڪڏهن شاعر کي تعليم سان لڳاءُ نه آهي ته ان کي واڍڪو ڪم ڪرڻ گهرجي.
* شاعري ۾ قافيو پيڙهه وانگي آهي قافيو درست آهي ته ڪلام موزون جي قافيو غلط ته ڪلام ناموزون قافيي جي حوالي سان ڪافي مونجهارا موجود آهن، قافيي جي پابندي کي شاعر سهنجائي ۾ بدلايو ۽ اُها سَوَلائي هاڻ ڇڙواڳي بڻجي وئي آهي، پهرين ڳالهه ته الف وارن قافين سان حمزه وارا قافيا ملائڻ نامناسب آهي، ان کان بچجي.
مثال:- دعا - طرا – سان نڀاءُ، پيڙاءُ وغيره
ري- قافين سان ڙي ڳنڍڻ.
مثال:- پيار- ٻار سان آکاڙ، واڙ قافيا آڻڻ اڻ وڻندڙ آهي.
ان کانپوءِ قافيي جي آخري حرف جي علامتن زبرن، زيرن ۽ پيشن جا فرق، اهي قافيي جون غلطيون مون سميت اڄ جا وڏا شاعر به ڪري رهيا آهن پر درست نه آهن، ان تي ڌيان ڏجي.
مثال: سُور، نُور سان حُور قافيو آڻڻ-
ساٽَ، واٽَ سان گهاٽُ، ڪڙڪاٽُ قافيو آڻڻ مؤنث قافين سان ڪڏهن به واحد مذڪر قافيو استعمال نه ڪجي. اڪثر مؤنث لفظن جي پڇاڙي حرف تي زبر، هوندي آهي ڪِن تي زير به ٿئي ڇِتِ، ته اهڙي مؤنث قافيي سان واحد نه ئي جمع مذڪر قافيو آڻجي، مذڪر جي پڇاڙي واحد پيش ۽ جمع زبر هوندي آهي.
* رديف قافيي کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندو آهي، جيڪو رديف قافيي کي ساڻ نه کڻي سگهي اهڙي رديف کي ڪڏهن به استعمال نه ڪجي، رديف جو ميلاپ قافيي سان نهايت ضروري آهي، قافيي ۽ رديف جو مفهوم جي لحاظ کان هڪٻئي کان ٽٽڻ شعر جي خيال کي ڇيهو رسڻ آهي.
* هڪ غزل ۾ ڪوشش ڪجي ته ساڳيو قافيو ٻيهر استعمال نه ٿئي (سواءِ قافيي جي کوٽ جي)
جيڪڏهن قافيو لفظي طور ساڳيو آهي پر معنوي طور مختلف آهي ته اهڙو قافيا ڀل ته چار، پنج ڀيرا اچي وڃي ته به ڪراهت نه آهي.
* غزل جي هر بند هڪ مُڪمل شعر هُجي ان کي غزل ۾ پڙهجي يا غزل کان ٻاهر ته به هُو پنهنجي جوهر ۾ مڪمل هُجي.
* غزل ۾ ڪو به شعر ٻي شعر جو متضاد نه هُجي.
* هڪ ئي شعر ۾ واحد ۽ جمع جو گڏ اچڻ گرامر جي لحاظ کان درست نه آهي.
* هڪ ئي شعر ۾ ٻن زمانن جو اچڻ درست نه آهي سواءِ ان جي جو شاعر حال ۽ مستقبل جو ڪو ڳانڍاپو ڏسي ۽ ڪو ضد ڏيکاري يا حال ۾ مستقبل جي اُميد جاڳائي.
* اهڙن شعرن کان بچڻ گهرجي جيڪي لفظي طور پُرڪشش هُجن پر منجهن ڪو خيال ڪو پيغام نه هُجي.
* شعوري ڪوشش وٺي شعرن کي تشبيهن، ڪناين، استعمارن، تمثيلن ۽ ترڪيبن سان سينگارجي.
* نواڻ جي ڳولا ڪجي جو مقصد اهو نه آهي ته هاڻ ڪي نوان لفظ ايجاد ٿيندا نه پر انهن ئي پراڻن لفظن کي اهڙي رُخ کان، اهڙي نموني اهڙي انداز سان پيش ڪجي جو پڙهندڙ کي ائين لڳي اها ڳالهه اهو شعر، اهو خيال زندگي ۾ پهريون ڀيرو پيو پڙهان.
* شاعر ۾ ڏات، ڏانءُ جو ڳانڍاپو ضروري آهي فڪر ڀلوڙ هجي پر فن کان عاري يا فن تي پورو هُجي پر خيال ۾ منڊو، ٽُنڊو ته اهڙو شعر اجايو آهي.
* شاعري ۾ رڳو رئڻ، پٽڻ ۽ هاءِ گهوڙا شاعر جي عمر کي گهٽائي ڇڏي ٿو ۽ ان جي قد کي ماريو ڇڏي.
* شاعري ۾ حوصلو، جوش، جذبو ۽ ولولو شاعر جي عمر کي وڌائي ٿو ۽ شاعر جي قد کي اوچو ڪري ٿو.
* شاعري کي هڪ ٻن موضوئن جي پڃري ۾ قيد نه ڪجي، پر ان کي آزاد پکي جي آزاد اُڏار وانگي رکجي.
* شاعري کي رڳو وقت گذارڻ لاءِ نه لکجي پر وقت گذارجي کڻي لکڻ لاءِ، اهڙو لکڻ ئي ڪارگر ثابت ٿيندو آهي.
تخليقڪار جڏهن انهن ڳالهين تي عمل ڪندو پنهنجي ڪويتا جو پاڻ نقاد بڻبو تڏهن ئي شاعري جو چهرو چمڪندو ۽ جڳ روش ڪندو تڏهن ئي شاعر کي اها موٽ، مڃتا ملي سگهندي، جنهن جو گُهرجائو آهي، جنهن جو حقدار آهي.
سنڌ، سنڌي ٻولي جو خادم،
سنگت جو ادنيٰ ڪارڪُن
[b]“خاڪي جاني”
20 آگسٽ 2017ع
[/b]