ںظم
شبِ تنهائي ...
ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته
مان روح جي وجود کي
تنهائي اوڍائيندي آهيان
جئين چانڊاڻ تن تي
بادل اوڍيندي آهي
چانڊاڻ ته نکرجي ويندي آهي پر
تنهائين جي قُرب ۾
منهنجو روح بکرجي ويندو آهي،
ڪڏهن ڪڏهن شبِ تنهائي ۾
ڳوڙها منهنجي رُخسارن سان
ائين ڳڙندا آهن
جئين آخري رات ڪنهن
گُل تان ماڪ جا ڦڙا ڳڙندا آهن،
شبِ تنهائي ڪجهه سپنا اکين ۾
ائين لهي ايندا آهن
جئين برسات جي راتين ۾
جگنو پنهنجا دامن پسائيندا آهن
شب تنهائي ۾ اڪثر پاڻ سان
مان اچي ائين ملندي آهيان
جئين ڪنهن ڀٽڪيل
مسافر کي منزل جو رستو ملي وڃي.