غزل
وري اڄ ياد جا بادل وريا آهن منهنجي دل تي،
گذريا تو سان هئا جي پل تريا آهن منهنجي دل تي،
وساري ڪين تن کي مان سگهيو آهيان اڃان تائين
محبت مان ڏنل سي گل ٽڙيا آهن منهنجي دل تي،
لڙي ان شام جي ٽاڻي ايندو هئين سج لهڻ کان اڳ
سڀئي سي ماڳ موچارا هريا آهن منهنجي دل تي،
اميدن جا محل من ۾ جوڙيا هئاسين جيڪي گڏجي
لڳو ڪو واءُ اهڙو جو ڀريا آهن منهنجي دل تي،
ڪريان مان خودڪشي جيڪر ڇٽي پئي جان دردن مان
اهڙا ئي خيال ڏيئي ڦيرا ڦريا آهن منهنجي دل تي،
سنڌو جي پيٽ ۾ پاڻي بدران پئي اُڏي واري
ڏکايل ڏيهه جا منظر رڙيا آهن منهنجي دل تي،
مچائي چنڊ سان محفل ڪٽيندو رات کي آهيان
چانڊوڪي ۾ به ڪي تارا کڙيا آهن منهنجي دل تي،
وفا جا واعدا سڪندر جڏهن رهجي اڌرورا ويا
تڏهن هي خواب اکڙين جا مڙيا آهن منهنجي دل تي .