غزل
ساڙ کائي ٿو سڙي پاڙو سڄو،
روز ٿو ڳالهيون گهڙي پاڙو سڄو.
عشق جي الزام ۾ پنهنجي خلاف،
شام ٿيندي ئي مِڙي پاڙو سڄو.
ذات جي ننڍڙين انائن جي ڪري،
پاڻ ۾ پيو ٿو وڙهي پاڙو سڄو.
هو جڏهن نڪري ٿي گهر مان اوچتو،
ٿو گلابن جان ٽڙي پاڙو سڄو.
ڪيئن اچي توڏي هلي انجم مٺي؟
تهمتن سان ٿو تڙي پاڙو سڄو.