ںظم
تون ياد ايندو آهين ...
جڏهن ڪٿي برسات جون
بوندون آڪاش جو پيغمبر بڻجي
ڌرتي جي ڪُک ۾ لهنديون آهن،
مون کي تون ياد ايندو آهين
ماڪ جا ڦڙا آهستي سان
گلاب جي هٿ تي
بسترو وڇائيندا آهن،
مون کي تون ياد ايندو آهين
جڏهن برف پهاڙن کي
سُفيد چادر اوڍائيندي آهي
ڌرتي ڪنهن سُفيد پوش
اپسرا جئين سنورجي ويندي آهي
هوا روح کي ڄمائي ڇڏيندي آهي
مون کي تنهنجي پيار جي حدت ياد ايندي آهي.