اسانجي ڀاڳ جي ميندي ڏيکاريو رنگ ڪونهي ڪو،
اڪيلائي ۽ جواني ساڻ ساٿي سنگ ڪونهي ڪو.
وڳر بڻجي اچن هر هر اسانجي ئي حياتيءَ ۾،
ٻڌايان ڇا پرين توکي غمن جو دنگ ڪونهي ڪو.
ٻين وانگي اسان ڀي چمڪي وڃون ها يار دنيا ۾،
خوشامند جو سِکيو سهڻا اسان هي ڍنگ ڪونهي ڪو.
عداوت پکڙجي وئي آ رڳو ڇو سنڌ نگريءَ ۾؟
هتي هاڻ رهيو ڀي چاهتن جو چنگ ڪونهي ڪو.
مِٺا تنهنجون اسان سان گڏ پڇائون واٽ پئي ڪندي،
اڃان تائين اسانجي پيار کي ڀي زنگ ڪونهي ڪو.
اوهانجي ڳوٺ مان واپس ورون مايوس ٿي هر هر،
اسانجي ڀاڳ ۾ ڇو ڪاڪلن جو ونگ ڪونهي ڪو.
اسان بس آرزو سان مرڪ ورهايون پيا پنهنجي،
وڻي تئين هو ڪري پيارو اسان ڪيو دنگ ڪونهي ڪو.