غزل
سو وقت ثوابن جهڙو هو،
گڏ يار گُلابن جهڙو هو،
ٻيو ان جهڙو جڳ ۾ نه ڏٺم
ماڻهو ته رُبابن جهڙو هو،
جيڪو تو ڌاران مون گهاريو آ
سو وقت عذابن جهڙو هو،
اکڙين ۾ هيو ڪجهه آکاڻيون
چهرو ته ڪتابن جهڙو هو،
تنهنجي مُرڪ مٺا ڪاتي ڦيري
۽ قرب قَصابن جهڙو هو،
مون ياد ڪيو جو حرف هڪڙو
سو نانءُ نصابن جهڙو هو،
سپنو نه حقيقت ۾ بدليو
هر عڪس خوابن جهڙو هو .