نظم
سنڌ تنهنجو قسم....!!!
مان واري مٽي، شان تنهنجو مٿي
جا گهرون ٿا جنت، سا ته آهي هتي،
اي امان سنڌ تنهنجي ته ماڳن مٿي
ڪيئي باغن سنديون ئي بهارون هيون
تنهنجي دڳ دڳ تي هئا ڪي ميلا متل
دهل وڄندا هئا ۽ شرنايون هيون
گهوٽ گهوڙا گهمائي هئا سرگس ڪندا
گيت لاڏا خوشيون ڀي سوايون هيون
محفلون هيون متل ۽ ڪچهريون هيون
مال مارون ورهائيندا محبت هئا
سڀ وليون ۽ ونيون به سهاڳڻ هيون
تون ته صوفين درويشن جي هيئين ڌرتي
جنهن ۾ تهذيب مذهب سڀئي پئي پليا
نانءُ ئي ڪو نشان هو نه نفرت سندو
تو ۾ دلبريون ورهائي پئي دراوڙ هليا
واءُ اهڙو اچانڪ ڪيئن هت هلي
او امان سنڌ امان هي آ ڪهڙو حشر
روز ڌارين جي للڪار آ هت لڳل
ڪيئن ڪري سينگار هاني پايون ڪجل
اک نم ئي رهي ٿي ڪونهي ڳوڙهو سڪل
ڪيترائي ڪونڌر روز ٿين ٿا قتل
ڪيترن کي کنڀي آهي گم ڪيو ويو
ڪيترن کي ملي حق گهرڻ جي سزا
ڪيترن کي ته جيلن ۾ واڙيو ويو
ڪونه تن جو هتي داد ٿي آ سگهيو
ڏاڍ هي ڏس جبر آهي هلندو رهيو
وحشتون دهشتون پيون وڌنديون وڃن
دانهن ڪنهن کي ۽ ڪنهن جي در تي ڏيون
پوءِ جيجل مٺي منهنجي سنڌڙي سٺي
ڪين مايوس ٿياسون ۽ نه آ دل هٽي
ڪري ارادا اٽل ۽ عزم کي پڪو
جنگ آزادي سندي آهي جوٽي ڇڏي
شاهه جي بيت وائين کي ساکي ڪندي
فڪر سيد جو دل ۾ سمائي وري
سر اڏي تي رکڻ لاءِ ٺهي سنڀري
هڪ نئي صبح جي سج جيان اڀري
جي ضرورت پئي ٻيو وٺندي جنم
حاصل هر حال ۾ ڪنداسين وطن
سڪندر پوءِ هوندو هت سک ۽ امن
سنڌ تنهنجو قسم، سنڌ تنهنجو قسم...!!!