قطعا
1-
ڳڻي آڱــرين تي عُمر جون سَــڌُون
حياتيءَ ۾ ئي ڇو مرڻ لئي ڳَرُون،
قضا جي سهاري مٽيءَ سان ملي
فنا ٿي فضا مان پوءِ ٻيـــهر وَرُون.!
2-
ملياسين مختصر ايڏو وڇوڙو ڄڻ کُٽو ناهي
فراقن ۾ مليو جيڪو زخم اُڊڙيل ڇُٽو ناهي،
اوهان لئي باغ چاهت ۽ زمانو ٿيو سڄو مالهي
وفا خوشبو جيان ارپي اسان لئي گُل ڦُٽو ناهي.
3-
مچايون عشق جا شعلا ھڏن جو تيل هاريندي
اُميدن جا ڇِلي ڇوڏا ٻَرون ٿا پاڻ ٻاريندي
بدن جو ماس ڪوريندي ڀڀڙڪن کي ڏيون ڀيٽا
تپائي طلب ساجن جي ڳَرون ٿا پاڻ ڳاريندي.