غزل
اکيون اڃان آليون ڏڪارن جي ڏنگن تي،
ڪيسين روليان اميدن کي بهارن جي رنگن تي،
بادل جي بيوفائي سان ٿيا ننگا سڀ نظارا
رهيو پن نه سائو وڻن جي اگن تي،
ماڻهو مور مال ويا پي سڀ اُڃارا
اُڏي ڌوڙ ڌڌڙ پي اگهاڙن جهنگن تي،
سُڪل ڇاتيون جيجل جون بکايل پيٽ ٻارن جا
درد اهڙا ڪٿي لڪائجن دلين جي دنگن تي،
سانگي سونهن وڃائي بيمار ٿيو بدن آ
ننڌڻڪي نار نماڻي ننگي تنهنجي ننگن تي .