غزل
پيار جون موسمون، تون ڪٿي مان ڪٿي،
ڪٿ رهيون خواهشون، تون ڪٿي مان ڪٿي،
ساڳيا منظر اهي ساڳيا رستا اهي
ڪيئن ڏسن هي اکيون، تون ڪٿي مان ڪٿي،
سي ڪٿان آڻجن ٽهڪ پنهنجا وري
ماڻجن چاهتون، تون ڪٿي مان ڪٿي،
زندگي جون اهي توسان گذريل حسين
ياد آهن گهڙيون، تون ڪٿي مان ڪٿي،
ڪيئن چوان مان ته ساڳيون رهيون هي مُجيب
وقت جون حالتون، تون ڪٿي مان ڪٿي .