غزل
مٽي چُمي ڇڏيان ٿو ٻيهر چُمون، چُمون نه،
اڄ ئي کلي ڇڏيان ٿو ٻيهر کلون، کلون نه.
چاڪي حيات پنهنجي ڌرتي آ گهاڻي وانگي،
هن ڏاند جي ڦرڻ جيان ٻيهر ڦرون، ڦرون نه.
مونکي صليب گهوڙي ڏسندو رهيو سدائين،
مان خون ۾ هان لٿڙيل ٻيهر جئون، جئون نه،
هو جنگ جو نغارو آ تال تال تي ۽،
هي موت جو نظارو ٻيهر ڏسون، ڏسون نه.
چيڪي ڪنڀار مٽي چڪ تي ڇڏي آ چاڙهي،
آوي پچائي جلدي ٻيهر پَچون، پچون نه.
هاڻي قدم قدم تي ويساهه ٿو رهي پر،
توسان وري ائين ئي ٻيهر هلون، هلون نه.