غزل غزل ساڀيان جي آسن ۾، سپنا سڀئي جاڳن ٿا. دل تي دردن جا بادل، اُڌما سڀئي جاڳن ٿا. مونکي سِڪ سُپرين جي آ، جذبا سڀئي جاڳن ٿا. سارا رنگ خوشيءَ جا ۽، لمحا سڀئي جاڳن ٿا. تنهنجي راهن تي اڄ ڀي، تارا سڀئي جاڳن ٿا.