ںظم
ابرِ محبت ....
جانان !
مون توسان محبت ڪئي آهي
۽ مون کي توسان ئي محبت آهي
محبت جيڪا هوا جو جُهوٽو ناهي
جو ڇُهي گذري وڃي
۽ واپس موٽي نه اچي
نه ئي ڪا چِڻگي آهي
جيڪا جلي ۽ وسامي وڃي
نه صبح جو ڪو تارو آهي
جو آفتاب جي وسعت مان
ٿيندو مجبور ٿي معدوم ٿي وڃي،
محبت ڪنهن مرڻ واري جي
آخري هِڏڪي به ناهي
جو نه پهچڻ جو ڪرب سميٽي اڀري
۽ فضا ۾ گم ٿي وڃي
نه ئي گذرندڙ جواني جو واپس وري نه سگهي
نه ئي ڪو پاڇو
جو رخ مٽائيندو رهي
۽ محبت پاڻي جو ڪو ڦُڙو به ناهي،
جانان !
محبت ته امر بيل (وڻ ويڙهي) آهي
جيڪا وجود سان ويڙهجي ٿي
۽ آخر دم تائين ساٿ رهي ٿي
جنهن جي گِرفت مان آزاد ٿيڻ ناممڪن آهي
هي اهو بحر آهي
جيڪو تا ابد سيراب رهي ٿو
هي ڪهڪشان آهي
جيڪا آڪاش جو نُور بڻجي ٿي،
جانان !
مون توسان اهڙي ئي محبت ڪئي هئي
۽ اهڙي ئي محبت ڪريان ٿي
پر فرقت جي لمحن منهنجي وجود کي
چولستان بڻائي ڇڏيو آهي
مان اها پياسي ڌرتي آهيان
جيڪا ابرِ محبت جي منتظر آهي...