غزل منهنجا ٿي ويا سوال اڌوُرا توکان مليا جواب اڌوُرا بس هڪ تون ئي ناهين گهر۾ سڀّ لڳن احباب اڌوُرا تولئه اڄ به نگاهون آتيون اکڙين ۾ ڏس خواب اڌوُرا توبن آئون اڌورو آھيان جيون جا سڀ باب اڌوُرا تنهنجي حُسن اڳيان او آدم پريون، حور، گلاب اڌوُرا