غزل
فقير غم جا ختم ڪٿي ٿيا خوشي جي خيرات ڏيندي ڏيندي،
ختم اجهو ٿيا ساهن جا سڪا خوشي جي خيرات ڏيندي ڏيندي.
هجن ڪي نانگن جا ڏنگ جيئن سڄي بدن تي نشان اهڙا
لڳا ڏکن جا ائين ڏند تکا خوشيءَ جي خيرات ڏيندي ڏيندي.
گلاب جهڙو نه پل مليو ڪو نه ئي ڪا خوشبو نصيب ٿي من،
گذاريم هڙ هي لمحا ڦڪا خوشي جي خيرات ڏيندي ڏيندي.
ثواب جهڙا خيال ڪاٿي گناهه جي گهر ٿيس جو پيدا،
لهن مقدر تان ڪيئن ٽڪا خوشي جي خيرات ڏيندي ڏيندي.
ڏسن لئه ڀي ڏٺائون ڪاٿي هيس هڙن جي اکين جو ڏوهي،
مدد ڏيڻ لئه مليا هي ڌڪا خوشي جي خيرات ڏيندي ڏيندي.