نظم
سدا باغي....
پٽيلي جو ٻڌي پٽڪو
وٽي پنهنجا وڏا شهپر
سڏائي راڄ جو رهبر
ڦٻائي حق حقيرن جا
پري اهڙن لٽيرن کان
وڏيرن بي ضميرن کان
جهموريت جي وزيرن کان
اسان اهڙن اميرن کان
سدا باغي....سدا باغي،
زماني جي رواجن کان
خبيثن جي خوابن کان
ڏيڻ تن جي جوابن کان
اسين اهڙن ثوابن کان
سدا باغي....سدا باغي،
ملان جي ئي مڪارن کان
سڳورن جي شڪارن کان
سياست جي ستارن کان
وڏيرن بي وقارن کان
ڀتاخورن ڀوتارن کان
اسان اهڙن سگهارن کان
بنا پورهئي پگهارن کان
سدا باغي....سدا باغي،
ڪري دعوى خدائي جي
پري اهڙن ته پيرن کان
سندن جُڙتو خليفن کان
صفا انڌن عقيدن کان
پلي مولا پليتن کان
هجن گروي غلامي ۾
اسان اهڙن اديبن کان
سندن ڪوڙن قصيدن کان
سدا باغي....سدا باغي ...!!!