نظم
پيو ٻولين جيڪا ٻولي، اسان جي نه آ اها ٻولي،
اسين ٻوليون اها ٻولي، امڙ جنهن ۾ ڏني لولي،
سنڌي آهي صفا سولي، اسان جي آ اها ٻولي،
اسين لوليون نڀايون ٿا، ٽوپي اجرڪ شان پايون ٿا،
ثقافت کي سجايون ٿا، اها ٻولي ڳالهايون ٿا،
جنهن ۾ اک اٿئون کولي، اسان جي آ اها ٻولي،
ڀٽائي جو رسالو آ، اسان ڳايو جمالو آ،
سسئي جو ڪشالو آ، نوري جو نياز نرالو آ،
اسان ڀي واٽ هي ڳولي، اسان جي آ اها ٻولي،
سنڌي ڳايون وڄايون ٿا، غزل ۽ گيت ٺاهيون ٿا،
اسان ميلا مچايون ٿا، اسان محبوب مڃايون ٿا،
ڪڏهن عيدون ڪڏهن هولي، اسان جي آ اها ٻولي،
سهڻي ڌرتي ڏني مولا، اصل آهيون، ناهيون تولا،
ڌڻي آهيون ناهيون گولا، غدارن جا ڪڍون ٽولا،
کڻي ڪا لٺ ڪڙولي، اسان جي آ اها ٻولي،
اڏي لانڍيون ڏيون لوڙها، کڻي انجا رکون کوڙا،
ويهون گڏجي پڪا پوڙها، وجهون ٽهڪن ۾ ٽاڪوڙا،
ثقافت ۾ عيان ٽولي، اسان جي آ اها ٻولي،
ڀٽائي به هتي آهي، عنايت شاه به هتي آهي،
قلندر شاه هتي آهي، مؤجن ڀريو درياه هتي آهي،
سدا قائم هجي ڇولي، اسان جي آ اها ٻولي،
اسان جوئي ته ڌن آهي، ڌڙن ۾ جو دفن آهي،
سڄو ويڙهيچن وطن آهي، وطن لاءِ سر ڪفن آهي،
ڊڄون ڇا لاءِ ڏسي گولي، اسان جي آ اها ٻولي،
امڙ جنهن ۾ ڏني لولي، سنڌي آهي صفا سولي،
اسان جي آ اها ٻولي، اسان جي آ اها ٻولي ...!!