غزل
توبن حيات منهنجي سڪرات جو تصور،
ڦارون ڪري ٿو تنهنجي فقرات جو تصور.
پوري ٿئي ضرورت خواهش جي ناھ خواهش،
ڇالئه ڪيون پٽن تي محلات جو تصور.
اميد ايتري مون تو ۾ پرين رکي آ،
ٿر جي مٽيءَ لئه جيئن برسات جو تصور.
پيٽن ۾ باھ بک جي جن جي لڳي ازل کان،
ڇا ذھن ان ۾ هوندو ڪلمات جو تصور.
دل کي وڇوڙو دل جو کائي ٿو ائين جانان،
بي گهر کي جيئن کائي ڪنهن رات جو تصور .
سائين سڃاڻپن لئه قومون ٺهيون قبيلا،
هت ٻيو وتو وڃي ٿو ڇو ذات جو تصور.
ڀل ٽياس تي ئي چاڙهن يا ڏين زهر هو زوري،
سانڍيو مون ساھ ۾ آ سقراط جو تصور.
دعوى ڪندڙ هي ديني سڀ علم جا اڪابر،
واضح ڪري نه سگهيا صلوات جو تصور.
دوزخ لڳي ٿو تڏهين فِردوس کان به بهتر،
جڏھين ڪيان ٿو اشفاق تو بات جو تصور.