نظم
نئون شڪاگو....
سُک لئه سدا سڪي ٿو
آنو ٽڪو ملي ٿو
ڪو پيٽ ڪيئن ڀري ٿو
مزدور ائين به ٿي ٿو،
منهنجو پگهر سُڪڻ ڏي
گرڙي سان رت ٿڪڻ ڏي
منهنجي سڪل پگهر سان
مزدور جي جگر سان
رت روز هي سڪي ٿو
آنو ٽڪي ملي ٿو
ڪو پيٽ ڪيئن ڀري ٿو
مزدور ائين به ٿي ٿو،
جاگيردار ظلمي
پنهنجا تڪي ٿو ڪُڙمي
مچندي به ٿيو مرو آ
ڳنڍ ڇوڙ جو گرو آ
ان کي نه خوف ٿي ٿو
آنو ٽڪو ملي ٿو
ڪو پيٽ ڪيئن ڀري ٿو
مزدور ائين به ٿي ٿو،
فنڪار حال ههڙا
سُر ساز تال ڪهڙا
الاپ سوز ٿي پيا
سو سُور روز ٿي پيا
آواز ڇو ڏڪي ٿو
آنو ٽڪو ملي ٿو
ڪو پيٽ ڪيئن ڀري ٿو
مزدور ائين به ٿي ٿو،
مزدور جيئن ڪمائي
شاعر ٿو پو سڏائي
ٻارڻ رڳن جو ٺاهي
مس رت سندي ملائي
تڙپيو لڇيو لکي ٿو
آنو ٽڪو ملي ٿو
ڪو پيٽ ڪيئن ڀري ٿو
مزدور ائين به ٿي ٿو،
للڪار آ قلم جي
آ ڳالهه ڪا ڀرم جي
راتين جو سُک ڦٽائي
سر داءُ تي لڳائي
سچ جو علم کڻي ٿو
آنو ٽڪو ملي ٿو
ڪو پيٽ ڪيئن ڀري ٿو
مزدور ائين به ٿي ٿو،
عورت جي آ ڪهاڻي
نالي جي گهر ڌڃياڻي
آ مفت جي ملازم
تنهن لاءِ وفا ٿي لازم
ڏک جنهن کي ڏاج ڏي ٿو
آنو ٽڪو ملي ٿو
ڪو پيٽ ڪيئن ڀري ٿو
مزدور ائين به ٿي ٿو،
هڪ هڪ شهيد پنهجو
پنهنجو به آ شڪاگو
ڀيٽا ٿا پاڻ چاهيون
جنهن ڪرت ۾ به آهيون
ان ۾ به رت ڳري ٿو آنو ٽڪو ملي ٿو
ڪو پيٽ ڪيئن ڀري ٿو
مزدور ائين به ٿي ٿو .