غزل غزل بارش آئي ڌرتي تي، ساوڪ ڇائي ڌرتي تي. شاھ ڀٽائي جي وائي، سرمد ڳائي ڌرتي تي. ڌرتي سان ئي دوکو ڏس، سڀ ڪجهه کائي ڌرتي تي. عرشن تي ھوڪا آھن، ھوءَ سمائي ڌرتي تي. روز ڪُسي ٿي عاجز ڏس، ھاءِ خدائي ڌرتي تي.