نظم
رات کان سحر ڦري تون وئين سج پائي ليئو،
ها مڃون ٿا کڻي ڏينهن ڪو شينهن آ ڀل هجي
رات ڪيڏا رکيا راز پنهنجي اندر
هو نظر سان پريان چنڊ ڪيئن ٿو چڪورا سڏي
هو جڏهن....
ڪا تبسم وکيري ڄڻي پيار ٿو
نظم کي ٿي ملي رات موضوع ٺهي
رات جو ڪو ستارو کڙي
ڇا ته منظر تڪيندو ويو
رات ڄڻ ڪا رلي ۽ ستارا ٽڪون
چنڊ هڪ نيڻ ان انار جو
جنهن پئي ڌاڳو وڌو
اک ٻوٽي سئي ۾ سبڻ لئي رلي
پير ٿي هو وڳا رقص ۾ ڇير ٿي
عشق پڻ رات آ رات هڪ راز آ
پار ميهار هو پيو ستو رات سان
رات سهڻي سهيليءَ جان گڏ کنئين
ٻئي ڪٿي ٿيون ڏڪن ڏم کان
نيٺ ڏم ٿي گهڙو ڄڻ ڪچو ٿو پوي
رات کي لهر جي ٿو حوالي ڪري
رات کان سحر ڦري تون وئين سج پائي ليئو،
رات ڄڻ روح جو ڪوئي ڪرهو ڪڏائي پئي
رات هر روز ٿي روڳ پنهنجو رڱي
رات هر روپ جي رمز ڄاڻي پئي
ڪاڪ جون ٻئي ڪنڌيون
روز لوڏي لڏاڻي جي پئي لوڏ ۾
عشق جو جيئن ٽري هي به ٽاڻو پوي ٿي
وهاڻي جيان امراڻو پوي
رات لڙڪن کي ڇاڻي بڻي ڇاڻي
رات درمان آ دل جي دوري سندو
رات کان سحر سارو ڦري تون وئين سج پائي ليئو
ها پرين جي ڳلي رات پهچائي ٿي
روح جي چاندني
پيار جي رات راڻيءَ کي مهڪائي ٿي
پل سمورا پکيڙي ٿي پاڇن جيان
وار پنهنجا وڇائي ڇڏي ٿي ڳجها
رات خوابن جو هڪ بسترو ٿي بڻي
يار قيدي سماجي ستم جا اچن
سيج خوابن جي آڻي ٿي اوندهه وٽن
ٿا ملن رات جي ڪاري چادر ڍڪي وقت تنهن
دل جي ڌڪ ڌڪ وڄي پير جي ڇير جان
رقص ڪن ٿيون سڀئي
روح جي سمنڊ جون
ساريون لهرون لڇي ۽ رچي رات ۾
رات کان سحر ڦري تون وئين سج پائي ليئو ..