نظم
وفا جو مجاور.....
جفا جي قبر تي وفا جو مجاور
عجب التجائن سندا پڙ سهيڙي
زماني جي ڌڌڪار کان ڏُور ڪوهين
۽ خاموش واڪن جو جوڙي قُبو
جتي روز يادن جو ڏيئو ٻري ۽
نما شام لرزي ٿو آڳنڌ اٿي
نراسا منجهان ڌڙ کي ڌوڻي ڌڪي
اجهل ڪا جواني رڙيون ٿي ڪري
۽ مستي مان پنهنجي ڇاتي پٽي
وڻن کي وجهي ٻک طوفان لوڏي
ڳهيليءَ جو هر انگ تيئن ٿو ڪنبي
پِيا کي سنڀاري سندس دل جا اُڌما
کٻڙ، ڪرڙ بڻجي هُڙهي ٿي پون ٿا
جتان لڙڪ پيرن جيان ٿي ڇڻن ٿا
ڪٻر، ڪانگ، ڳيرا جنين کي چُڳن ٿا
سُڪل ٺوٺ نادين جيان نيڻ ڪيئي
اميدن جي مڌ سان ٿين ٺِيهه ٿا پر
اڌم نيچ ڪيئي زماني جون رسمون
زهر ڪو ڪسارو ملائي ڇڏين ٿيون
پيئڻ سان مري ويو اڪيلو ٿي آخر
جفا جي قبر تي وفا جو مجاور....!!!