شاعري

شاعريءَ جو آڪاش

هي ڪتاب سنڌ جي 28 تخليقڪارن آرزو عبدلرۇف نهڙيو، آدم اوڍيجو، احسان آڪاش، اخلاق بلوچ، اشرف سولنگي، اشرف مهر، اشفاق چانڊيو، افضل شر، الفت امداد، الله بخش آريسر، الله ڏنو هالاڻي، انجم قاضي، ايڇ ڪي پرڀات، ثمينه جاويد / گل بلوچ، خيرل سيلرو، سانگي صحرائي، ساقي منصور، سپنا سنڌي، سڪندر اوٺو، شميم مري، عبدالغفار عبد جوڻيجو، علي عاجز شر، علي محمد لنجو، غلام قادر منتظر، مجيب ڪنڌر، مختيار مگسي ۽ نذير حسين نورياڻي چانڊيو جي چونڊ شاعريءَ جو گڏيل مجموعو آهي، جنهن جو مرتب احسان آڪاش آهي.
  • 4.5/5.0
  • 8405
  • 1114
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • احسان آڪاش
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book شاعريءَ جو آڪاش

غزل

غزل

فرصت اڃان سي فرصتون ڳولي پئي،
مڌ، شام، تون ۽ تُهمتون ڳولي پئي.

مان عادتن تو ڏي اڪيلائي ڀڄان،
پر فطرتن دل قُربتون ڳولي پئي.

وک وک تي ٿرهر اک لڳي ٿي بر جيان،
خلفت اڃان ڀي عِبرتون ڳولي پئي.

عرفان اڏري اُڀ لتاڙي آ لٿو،
تنهنجي جهالت تُربتون ڳولي پئي.

هو ڪک کي ٻوڙي ۽ پهڻ تاري پيو،
وڃ سير سهڻي رحمتون ڳولي پئي.

هڪ دل روايت کان هٽي ئي جا نٿي،
هڪ لوچ آ جا جِدتون ڳولي پئي.

سالار جهڙي ڇوڪري وسري نه ٿي،
جا دل اتر ۾ محبتون ڳولي پئي.

مون وحشتن مرڪي ڏنو هو پاڻ تي،
منصور تو ۾ محبتون ڳولي پئي.