غزل
هي عشق ٿو مٽائي هر ذات جو تصور،
بس دل ۾ پيو رهي ٿو هڪ تات جو تصور.
تنهنجي مٿان ڦرن ٿا ميڙو ڪري ڀونئرا،
چهرو لڳي ٿو تنهنجو باغات جو تصور.
هي زُلف يار تنهنجا ڪارا ڪڪر لڳن ٿا،
پنهنجي اکين ۾ آهي پرڀات جو تصور.
موسم به سرد آهي بارش مٿان وسي ٿي،
منهنجي ڪچي جُهڳي اڌ رات جو تصور.
مس مس ملڻ ٿيو آ گڏجي گذار جهٽ پل،
وايون وڃڻ جون ڇڏ آ برسات جو تصور.
آباد هو گلن سان منهنجي اندر جو گلشن،
توبن سڄڻ لڳي ٿو کنڊرات جو تصور.
ڪجهه پاڻ کي جُهڪاءِ پروردگار آڏو،
ڏاڍو ڏکيو اٿي ڪر سڪرات جو تصور.
ايڏو به موهه هوندي اشرف وڇوڙو ايندو،
ڪاٿي ڪيو ٿي مون ان حالات جو تصور .