غزل
تنهنجي مُرڪي ملڻ سان وٺو مينهن هو،
ها خوش ٿي کلڻ سان وٺو مينهن هو،
مور وانگي ٽلي پئي هلئين گهر مٿان
وار ڇوڙي ڇڏڻ سان وٺو مينهن هو،
ٻانهن جو ڏئي وراڪو جئين قابو ڪئي
سُور ان دم سلڻ سان وٺو مينهن هو،
ڪارا، نيرا ڪي بادل هئا آسمان تي
گاج سان کنوڻ سان وٺو مينهن هو،
ڀٽ ڀلاري مٿي مون ڏٺو اتر ڏانهن
واءُ گهلندي ڏکڻ سان وٺو مينهن هو،
سڄي ٿر ۾ سُرهائي ٿي آهي سڪندر
مند موٽي اچڻ سان وٺو مينهن هو .